ڪجهه دوستن فون يا ميل ڪري شڪايت ڪئي ته ڪجهه ڏينهن فورم تي نه اچڻ يا موڪل تي وڃڻ ڪري ڪافي تحريرون ڏسڻ کان گُسي ٿيو وڃن ۽ هاڻي سنڌ سلامت فورم تي مواد ايترو ته پکيڙجي چڪو آهي جو انهن گُسي ويل تحريرن يا موضوعن کي جانچڻ ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي جنهن ڪري فورم تي اهڙا اختيار هجڻ گهرجن جن جي ذريعي گُسي ويل موضوعن يا تحريرن کي ڏسي سگهجي۔۔۔ اهڙن دوستن سميت سموري سنڌ سلامت ساٿ کي اهو ٻڌائيندي خوشي محسوس ٿو ڪريان ته سنڌ سلامت فورم جي هيڊر جي هيٺان موجود فهرست جي پٽي ۾ ”فعال موضوع“ جو اضافو ڪيو اٿم جتي ڪلڪ ڪندي هڪ پاپ اپ فهرست کُلندي جنهن ۾ موجود اختيارن کي استعمال ڪندي توهان گذريل 15 ڏينهن تائين گُسي ويل تحريرن يا موضوعن کي آساني سان ڏسي سگهو ٿا۔۔۔ اميد ته دوستن کي سنڌ سلامت فورم تي آندل هي تبديل به پسند ايندي۔۔۔ دعائن ۾ ياد سنڌ سلامت ساٿ سلامت
مٺا اهي اختيار سنڌ سلامت جي موجوده ڊيفالٽ ٽيمپليٽ تي رکيل آهن ۔۔۔۔ جيڪڏهن توهان پنهنجي سهولت لاءِ ڪو ٻيو ٽيمپليٽ سليڪٽ ڪيو آهي ته تبديل ڪري سنڌي ريڊ ٽيمپليٽ کي منتخب ڪريو۔۔۔ مهرباني
ها يار تو واري اها ڳالهه سهي آهي اسان جهونا ماڻهون آهيون سو پهنجي لاء پراڻو جهونو اسٽايل منتۡخب ڪيو آهي ان ڪري ان ۾ مون کي نظر ڪونه ٿو اچي باقي ريڊ اسٽايل ۾ ڏسانس ٿو مهرباني ادا shabash
اسلام عليڪم، ادا رشيد تمام بهترين ۽ ڪارآمد اضافو ۡڪيو آهي توهان، مٺا توهان جي ڪوششن ڪاوشن ۽ محنتن جو نتيجو آهي جو سنڌ سلامت تمام ٿورڙي عرصي ۾ ايتري ترقي ڪئي آهي۔ وسلام راجا عبدالوهاب (اسلام آباد)