لوڪ ورثه ڪميٽي ۽ پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي اشتراڪ سان ٿيندڙ هن تقريب ۾ امداد حسيني، يوسف شاهين، محمد احمد شاد، غلام نبي مغل، ڊاڪٽر سليمان شيخ، شازيه مري، غزاله رحمان رفيق، عبدالغفار تبسم، جي اين مغل، جامي چانڊيو، رفيق احمد ٻرڙو، سلطانه صديقي، مهتاب اڪبر راشدي ۽ محمد ايوب شيخ، شمشيرالحيدريءَ کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو، هن موقع تي امر پيرزادي شعري خراج پيش ڪيو، جڏهن ته شمشير الحيدري جي نياڻي نسيم الحيدريءَ سندس ڌيءَ جي ناتي سان ڳالهايو.
تقريب جي ميزباني جو فرض ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڊائريڪٽر نصير مرزا ادا ڪيو.
تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي ممتاز شاعر ۽ دانشور امداد حسيني چيو ته؛ شمشير ڪڏهن به ڪنهنجي پيروي نه ڪئي، هي اهو واحد ماڻهون آهي جنهن جي پيروي سموري سنڌ ڪئي، جيڪو هن لکيو آهي، ۽ جنهن طرح سان لکيو آهي ان ۾ پهريان کان موجود زبان ڪارائتي نه هئي، انڪري هن پنهنجي زبان ايجاد ڪئي، اسين هن جي ايجاد ڪيل زبان کي نه ڳوٺاڻي ۽ نه وري شهري زبان چئي سگهونٿا.
انکان پهريان روزنامه برسات جي يوسف شاهين چيو ته سنڌ جيڪي نمايان شخصيتون پئدا ڪيون آهن انهن ۾ شمشير جو نالو نمايان آهي ۽ رهندو، هي نه فقط پاڻ وڏي شخصيت آهي پر هن وڏن شاعرن، اديبن کي ئي نه پر تمام وڏين شخصيتن کي پڻ اڀاريو آهي.
سنڌ جي وزير اطلاعات شازيه مري چيو ته شمشير الحيدري اسانجي سنڌي ادب جو ليجينڊ آهي، هو هڪ اهڙو صحافي ۽ دانشور آهي جنهن هميشه عوام جي آزادي ۽ جمهوريت جي لاءِ ڪم ڪيو آهي.
آرٽس ڪائونس جي صدر محمد احمد شاه چيو ته آرٽس ڪائونسل ۾ شمشير الحيدري جي اعزاز ۾ تقريب جو ٿيڻ، ڪنهن ٻي جي نه خود آرٽس ڪائونسل جي وقار ۾ اضافو آهي، هن سان تقريب جو انعقاد ڪرڻ وارن جي عزت افزائي ٿي آهي.
ناول نويس غلام نبي مغل ٻڌايو ته شمشير الحيدري ڪيئن نون لکڻ وارن جي حوصلا افزائي ۽ تربيت ڪندو رهندو آهي، هن چيو ته شمشير اڪيلو اديب ۽ دانشور آهي جنهنجو ڪنهن لابيءَ سان ڪو تعلق ناهي، ان جو چوڻ هو ته شمشير ۾ اهي سڀ خوبيون آهن جي ڪنهن هڪ عظيم انسان ۾ هونديون آهن.
سنڌي دانشور ڊِاڪٽر سليمان شيخ چيو ته شمشير الحيدري تي ڳالهائڻ هن لاءِ انتهائي تڪليفده آهي، ڇاڪاڻ ته هو هن کي 1960 کان سڃاڻي ٿو ۽ تڏهن کان هو هن ماڻهونءَ کي جنهنجيون عظمتون ڳڻائي رهيا آهيون، هڪ ڪوارٽر ۾ رهندي ڏسي رهيا آهيون، هي ماڻهون ڪيترن اخبارن جو مدير رهيو، ڪيترن ادارن جو سربراهه. هن جو چوڻ هو ته شمشير الحيدري جا سنڌي قوم تي تمام وڏا احسان آهن.
تقريب کي مخاطب ٿيندي غزاله رفيق چيو ته، شمشير اديب به آهي ۽ شاعر به، هن جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي خوشبو آهي، اصل ۾ ته سندس شخصيت ئي اهڙي آهي جنهن ۾ نفرت نالي جي به ناهي صرف محبت، محبت، محبت ۽ صرف محبت آهي ۽ اها محبت کيس سنڌي زبان سان به آهي.
منشي عبدالوهاب چيو ته شمشير الحيدريءَ جيڪو ٻارن لاءِ سنڌي زبان ۾ لکيو آهي جو جيڪڏهن ٻيو ڪجهه نه به لکيو هجيس ها ته به سندس نالو سنڌي زبان ۾ هميشه زنده رهي ها. هن چيو ته شمشير سنڌ جو نشان آهي.
عبدالغفار تبسم چيو ته، شمشير جي باري ۾ هن وقت اسان جيتريون به ڳالهيون ڪيون آهن، هي انهن کان وڌيڪ مٿاهون آهي، هي حقيقت ۾ صاحب ڪردار ماڻهون آهي ۽ سندس جهڙو ڪو ٻيو ناهي.
ممتاز صحافي جي اين مغل چيو ته، صحافت ۾ شمشير الحيدريءَ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، ان سبب کيس هميشه ياد رکيو ويندو، هو ڪڏهن به مصلحت پسنديءَ جو شڪار ناهي ٿيو.
تقريب کي جامي چانڊيو، رفيق احمد ٻرڙو، “ هم“ ٽي وي جي سلطانه صديقي، مهتاب اڪبر راشدي، پي ٽي وي جي ڊپٽي مينيجنگ ڊائريڪٽر مصطفا مندوخيل پڻ خطاب ڪيو ۽ ٻڌايو ته شمشير سنڌ جو پهريون اينڪر ، سنڌي زبان جي پهريون ڊرامه نگار ۽ سنڌي زبان جو پهريون اسڪرپٽ لکندڙ رهيو آهي.
تقريب جي آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل ٿي جنهن ۾ شمشير الحيدريءَ جو ڪلام پيش ڪيو ويو.
ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم۔ادا خوشي قسمتي سان اسان به ان پروگرام ۾ شرڪت ڪئي سين۔محترم شمشِر الحيدري جهڙي مهان شخصيت کي ڀيٽاء ڏيڻ لاء ماڻهون (جن ۾ عورتن جو به ڪافي تعداد هو)تمام پري پري کان آيا هئا۔جن پروگرام جي دوران ان جو کولي تاڙِين وڃائي ۽ ڪافي وقت تائين اٿي بيهي اظهار ڪيو،هال سڄو مهمانن سان ڀريل هو ۔پروگرام حسب روايت پنهنجي مقرر وقت کان ٻه ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو،جنهن جو اظهار مسٽر محمد احمد شاه پنهنجي تقرير ۾ به ڪيو۔هن پروگرام جو مين آرگنائيز محترم ڊاڪٽر محمد ايوب شيخ جن هئا۔قران پاڪ جي تلاوت کانپوء سائين شمشير حيدري صاحب جن جي پراڻي دوست هدايت الله بلوچ صاحب سائين جا ڪجه شعر،بيت ؤ غزل ٻڌائيند فرمايو ته شمشير صاحب پنهنجي ناساز طبيعت جي ڪري هنن کي حڪم ڏنو آهي ته هو انهن جي جاء تي هنن جو ڪلام پڙهن۔محترما شازيه مري پنهنجي گهر ۾ ڀاء جي شادي جي مصروفيت جي ڪري ٻئي نمبر تي تقرير ڪندي فرمايو ته شمشير الحيدر جهڙي عظيم شخصيت جي هوندي هن محفل جو انهن کانسواء ڪير به مهمان خصوصي نه ٿو ٿئي سگهي۔انهن جي ڀيٽاء واري پروگرام ۾ هو مهمان نه پر ميزبان ٿئي آئي آهي۔سائين کي شليڊون ،اجرڪ،گلن ۽ ڪيش رقم جا تحفا ڏنا ويا۔مسٽر نظر محمد ڳاهوء،پولٽيڪل سيڪريٽري چيف مينسٽرسنڌ،پريزڊنٽ سنڌ ادبي بورڊ هنن کي پهرين شليڊ ڏني،محترم مهتاب اڪبر راشدي هنن کي سنڌ ڪلچرل ڊپارٽمينٽ جي طرفان شليڊ ڏني،محترم غزاله رفيق ٻه هنن کي شليڊ ڏني،پهريون دفعو تاريخ ۾ سنڌ اسمبلي جي طرفان سائين شمشير الحيدري جي خدمتن جي ڀيٽاء ۾ مسٽر نثار احمد کوڙو جن شليڊ موڪلي،جيڪا سائين (ريٽائرڊ) جسٽس سپريم ڪورٽ محترم ديدار حسين شاه جن شمشير الحيدري صاحب جن کي ڏني۔ آرٽس ڪائونسل جي صدر محترم محمد آحمد،شمشير الحيدري صاحب کي آرٽس ڪائونسل جي لائيف ٽائيم ميمبر شپ ڏني۔اها لائيف ٽائيم ميمبر شپ چند ماڻهن کي اڃا تائين ڏني ويئي آهي ،جنهن جو ذڪر ڪمپيئر محترم نصير مرزا پنهنجي ڪمپيئرنگ دوران ڪيو۔ان کانپوء اسٽينڊنگ آويشن(اٿي بيهي) ۾ محترم شمشير الحيدري جي ڪتاب جي مهورت ڪئي ويئي،جيڪو شايد انگريزي زبان ۾ هو،ان وقت تاڙين جو ايتري ته گونج هئي جو اسان ان ڪتاب جو نالو نه ٻڌي سگهياسين ۽ بعد ۾ ڪوشش ڪئيسين ته اسان کي اهو ڪتاب ڏسڻ لاء ملي پر اسٽال تي موجود نه هو۔بهرحال اهو ڪتاب ڏيڻ جو وعدو اسان سان محترم نظر محمد ڳاهو ڪيو۔انهن کانپوء محترما مهتاب اڪبر راشدي تمام سهڻن الفاظن ۾ شمشِر صاحب جن کي پنهنجي لکيل تقرير ۾ ڀيٽاء ڏني۔هنن شروعات هن جملي سان ڪئي،"چانھ ۾ کير ڪيتري پيندو،جواب مليو بلبل جي اک ۾ موجود هڪ لڙڪ جيترو۔"مان سوچان پئي ته ايتري ٿوري کير جي زحمت به ڇو،هي شخص (شمشير الحيدري) ايتري ڪڙي چانھ پيڻ وارو ايڏي مٺي شاعري ڪيئن پيو ڪري،ايڏا بهترين اسڪرپٽ ڪيئن پيو لکي،ايڏو پنهنجي ڳالهين ۾ مزاح ڪيئن پيو پيدا ڪري"اهو سڀ ان وقت ٿي رهيو جڏهن هڪ ٽي وي پروگرام جي ريڪارڊنگ ٿي رهي هئي۔محترم مهتاب چنا پنهنجي تقرير جي دوران شمشير الحيدري صاحب جن سان گذاريل ڪافي گهڙين جا ذڪر ڪندي فرمايو ته هنن پنهنجي زندگي ۾ جن به وڏن ماڻهن جا انٽرويو ڪيا، انهن جو اسڪرپٽ محترم شمشير الحيدري جن لکي ڏنا هئا،هنن الاهي سارن ماڻهن جا انٽرويو ڪيا پر جي نه ڪيو انٽرويو ته محترم شمشير الحيدري جو انٽرويو نه ڪيو۔ان جو سبٻ،بقول محترم مهتاب راشدي جن جي ،ان انٽرويو جو اسڪرپٽ هنن کي ڪير لکي ڏئي هان۔سائين شمشير الحيدري جو هڪ غزل پڙهندي محترما فرمايو ته هو ان جي آخري بيت ڪڏهن به نه پڙهندي ۽ نه پڙهڻ چاهيندي،اهو بيت هنن کي سخت ناپسند آهي۔(اسان جي خيال مطابق ٿي سگهي ٿو ته ان بيت ۾ شمشير الحيدري صاحب پنهنجي هميشه جي جدائي جي ڳالھ ڪئي هجي، انڪري محترما مهتاب راشدي جن ان کي نه پڙهڻ چاهينديون هجن۔) محترما مهتاب اڪبر راشدي جي سهڻن ۽ پيار ڀريل الفاظن جي ڀيٽاء کانپوء،ان کانپوء محترم انور پيرزاده (شاعر،اسان کي ٻڌايو ويو)جي پٽ امر پيرزادو محترم شمشير الحيدري جي هڪ غزل کي مرڪزي خيال ٺاهي ،ان جي جواب ۾ پنهنجو لکيل ڀيٽاء واريون ڪجھ شاعري پيش ڪئي۔محترم جامي چانڍيو ايڪس ٽمپور(بغير لکيل) سائين شمشير الحيدري جي باري ۾ ڏاڍن سهڻن الفاظن ۾ ڳالهايو۔هنن جي سنڌي الفاظن جو استعمال جملن ۾ ڏاڊو خوبصورت هو ۽ هنن وٽ سنڌي ادبي الفاظن جو تمام وڏو ذخيرو موجود هو ،ان جو اندازو اسان کي هنن جي ان بغير لکيل تقرير مان ٿيو جڏهن ته سواء محترما شازِيه مري صاحبه ،جي اين مغل، جامي صاحب ۽ ادي نسيم الحيدري جي ٻين سڀني لکيل تقريرون ڪيون۔سڀني مٿين ڏاهن ان ڳالھ تي تمام گهڻو زور پئي ڏنو ته سائين شمشير الحيدري فرمائيندو آهي ته هو شاعر نه آهي پر شاعري اٽڪل سان ڪندو آهي،بقول جامي چانڊيو صاحب جي جيڪڏهن اهڙي بهترين شاعري اٽڪل سان ڪري سگهجي ٿي ته حيدري صاحب جن اها اٽڪل انهن شاعرن کي به سيکارين جن جا ڪافي مجموعه ڇپجي چڪا آهن،پر محترم شمشير حيدري صاحب جي شاعري جي الف کي به نه پهچي سگهيا آهن۔محترم امدادحسيني جو چوڻ هو ته جنهن قسم جي شاعري محترم شمشير الحيدري جن ڪئي آهي،اها اٽڪل سان ڪڏهن به نه ٿي ٿئي سگهي۔محترما شازيه مري صاحبه جن سائين شمشير الحيدري کي پنهنجي وزارت جي طرفان پنج لک رپئي ڏيڻ جو اعلان ڪيو۔ دائريڪٽر سنڌ ثقافت کاتو محترم رفيق احمد ٻروڙو پنهنجي تقرير جي دوران محترم شمشير الحيدري صاحب جا اهئي ڪتاب جيڪي اڃان نه ڇپيا آهن يا وري ٻيهر ڇپرائڻ آهن، جي ڇپائي جو پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي طرفان وعده ڪيو ۽ وڌيڪ چيوء ته محترما سسئي پليجي جي هدايتن جي مطابق سائين شمشير الحيدري جي هر ڪتاب جا ڏه ڏه سيٽ هر ڊسٽرڪٽ جي ڪلچرل لائبريري ۾ رکيا ويندا۔ محترم نصير مراز ۔سائين شمشير الحيدري جي گهر واري جيڪا هال ۾ موجود هئي،انهن جي حوالي سان ڳالهائيندي چيوء ته اسان آماء کان پڇو ته اوهان شمشير الحيدري صاحب کي ڇا ڏنو،هنن جواب ڏنو ته اسان ان کي اٺ (8) ٻار ڏنا۔اهئي ڪا گهٽ ڳالھ آهي ڇا۔ نصير مرزا مزحيه انداز ۾ چيو ته سائين شمشير الحيدري صرف اٺ ڏينهن آماء(حيدري ضاحب جي گهر واري) سان گذاريا ۽ ٻيو وقت دوستن ۽ پنهنجي سرڪاري مصروفيت کي ڏنو۔بقول سڀني مرد مقرارن جي صدر ضياالحق واري دور ۾ شمشير الحيدري مهراڻ اخبار (آن وقت پير پاڳارو ان اخبار جو مالڪ هو)جو چيف ايڊيٽر هو۔هنن پنهنجي محنتن ،بهادري،آمر اڳيان نه جهڪندڙ انسان جي حثيت ۾ ان آخبار جي سرڪليشون ٻارهن هزارن کان ٻٽيھ هزارن تائين کڻي ويو۔هنن ضياالحق جي خلاف لکڻ شروع ڪيو،جڏهن پير پاڳاري کي خبر پئي ته شمشير الحيدري کي گهرايون ۽ چيائون ته توهان هي ڇا پيا ڪيو۔اسان پيا هلون ساڄي پاسي وري اوهان پيا هلو کاٻي پاسي،ايئن اسان ۽ توهانجو ساٿ ڪيئن هلندو،محترم شمشير الحيدري جواب ڏنو،اسان کي ان ڳالھ جو اڳ ۾ ئي خدشو هو،انڪري اسان پنهنجي استعفي کڻي آيا آهيون۔شمشير صاحب استعفي ڏئي ان نوڪري کي ڇڏي ڏنو۔محترم غزل رفيق رحمان،انگريزي ۾ تقرير ڪئي،انهن چيوء ته محترم شمشير حيدري جيترو سٺو شاعر آهي،ان کان وڌيڪ سٺو اسڪرپٽ رائٽر آهي،ان کان وڌيڪ خوش مزاج آهي۔هن جي ڪهڙي ڳالھ جي تعريف ڪري ڪهڙي ڳالھ جي تعريف ڪجي۔هنن به تمام سٺن الفاظن ۾ محترم شمشِر الحيدري جي تعريف ڪئي ان کان پوء ٻين محترمن جن جا نالاء ادا نثار ابڙو جن پنهنجي ليک ۾ ڪيو آهي پنهنجي مقالن ۾ محترم شمشير الحيدري جن کي تمام بهترين الفاظن ۾ ڀيٽاء ڏني۔۔ان کانپوء وارو آيو اسان جي ادي نسيم االحيدري۔"جيڪا هڪ ٻئي رشتي سان به اسان جي لاء تمام گهڻي معتبر ۽ وڏي عزت جي قابل آهن"،هنن کي چيئو ويو ته هنن هڪ ڌي جي حثيت ۾ پنهنجي والد(محترم شمشِرالحيدري) کي ڪيئن ڏٺو آهي۔هنن چيئو ته حضرت علي ڪرم الوجھ جن کان پوء هنن سڀني کان وڌيڪ عزت ۽ محبت پنهنجي والد صاحب سان ڪئي آهي۔هنن پنهنجي والد کي ڀيٽاء ڏيڻ لاء، ڪجھ پنهنجي شاعري جيڪي شمشير الحيدري جي شان ۾ ڪئي ويئي هئي پڙهي ٻڌائي۔ان کانپوء پنهنجي والد صاحب جي فقيرانه طبيعت،اصول پرستي،محنت،مهمانداري،هر ماڻهون جي ڪم اچڻ وارو جنون،خود داري ۽ تڪليفون برداشت ڪرڻ واري طبيعت جون ڳالهيون ڪندي سڄي محفل کي مهوت ڪري ڇڏيو۔هنن جي هڪ هڪ جملي مان محترم شمشير الحيدري جي لاء محبت،عزت ۽ عظمت بي انتهاء ظاهر ٿي رهئي هئي۔هنن پنهنجي والده محترم جي باري ۾ فرمايو ته بابا سائين جون ايڏيون مصرفيتون ڏسي ۽ گهر وارن کي گهٽ ٽائيم ڏيڻ جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن آماء چونديون هيون ته "شاعر ۔ليکڪ ۽ اديب سان ڪڏهن به شادي نه ڪرڻ گهرجي۔جو هو زال کان وڌيڪ پنهنجي شاعري ۔ادب ۽ ليکن کي ٽائيم ٿو ڏئي"۔ادي نسيم الحيدري پنهنجي بابا جون کوڙ ساريون سٺيون ڳالهيون محفل ۾ ونڊ ڪيون،جن سان انهن جي مهان بابا جي وڏي ڏاهپ جو اندازو صاف صاف لڳي رهيو هو۔ادي جن محترم شمشير الحيدري جي بيماري ۽ اکين کان هاڻي نظر نه اچڻ واري ڪفيت جو اهڙو ته ڌي واري جذباتي انداز ۾ ڪيو جو هال ۾ ويٺل هر عورت توڙي مرد جي اکين مان ڳوڙها نڪري ويا۔انهن جو اهو جملو"شل الله پاڪ اهڙو ڪو معجزو ڪري جو بابا سائين وري ڏسڻ لڳن"سڄي هال مان نه رڳو آمين جون صدائون آيون پر ڳلن تي ڳوڙها به اچي ويا۔اهو جملو اڃا تائين اسان جي ذهن ۾ گونجي رهيو آهي۔ادي جي لفظن جي ڀيٽاء کانپوء۔محفل جو مور هن صدي جي نه وسريندڙ شخصيت محترم شمشير الحيدري پنهنجي نحيف جسماني ساخت جي باوجود ڀرپور آواز ۾ پنهنجي سيٽ تي ويٺي ويٺي مختصر خطاب ڪيو،جنهن ۾ انهن اهو ڪجه فرمايو جيڪو ادا نثار ابڙو جن مٿي لکيو آهي۔
ان وقت رات جا تقريبن ٻارهن ٿي چڪا هئا،مهمانن کي ماني کائڻ لاء چيو ويو، جيڪا آئڊيٽرويم جي وارنڊي ۾ لڳل هئي،برياني جو آئٽم هو،برياني هون ته ڪافي تعداد ۾ هئي پر واه ڙي بک وه ۽ تڪڙ، هر ڪو ماڻهون برياني تي ايئن ٽٽي پيو جيئن ان کي پوء ماني نه ملندي،اهو لڪاء ڏسي اسان ماني کائڻ کان توبھ ڪئي ۽ نظر محمد ڳاهو سان گڏجي هال ۾ وڃي سائين شمشير الحيدري جي ڪٽنب سان ڪجھ گهڙيون ڳالهيون ڪيون سين ته سائين شمشير الحيدري جي اکين جي ديد لاء ڇا ٿو ڪري سگهجي ۔نظر محمد ڳاهي صاحب جن هنن سان وعدو ڪيو ته هو پنهنجي سرڪاري حثيت ۾ هنن جي هر ممڪن مدد ڪندا۔اسان کي ٻڌايو ويو ته محترم ممتاز حسين ۽ هڪ ٻيو فنڪار شمشير الحيدري جن جو ڪلام ڳائي ٻڌائيندا۔اهو وقت ٿيو هو 1245 جو،ان وقت اڃا اسٽيج جي صفائي ٿي رهي هئي۔ باوجود دل جي چاهڻ جي، دير جي ڪري اسان واپس گهر روانه ٿي وياسين ۽ اهئا موسيقي نه ٻڌي سگهياسين
محترم نصير مرازا جي ڪمپيئرنگ جي تعريف نه ڪرڻ سچ مچ ته زيادتي ٿيندي۔هنن جي ڪمپيئرنگ جو انداز ۽ وچم شاعري پڙهڻ جو انداز دل کي موهيندڙ ۽ دلڪش هو۔اسان کي ڏاڍو پسند آيو۔
محترم شمشير الحيدري جي پيروڍي شاعري جو به خوب تذڪرو نڪتو۔محترم جامي چانڍيو صاحب،مان ڏوهي آء۔مان ڏوهي آء تي ڪيل محترم شمشير الحيدري جي پيروڊي شاعري "مان ڏوئي آء۔مان ڏوئي آء۔مان ڪيترا ڀت رڌيا"ٻڌائي محفل ۾ مسڪهرائٽ پکيڙي۔اهڙي طرح محترم امداد حسيني به شمشير صاحب جي هڪ پيروڍي جيڪي شيخ اياز جي شعري تي ٿيل هئي جو ذڪر پنهنجي مقالي ۾ ڪيو۔
پاڪستان ٽيلويزن جي طرفان محترم شمشير الحيدري تي ٺهيل پندرهن يا ويھ منٽن جي ڊاڪومينٽري فلم به اسڪرين تي ڏيکاري ويئي۔
محترم ميمبرس اسان ڪي ايڏا وڏا ليکڪ نه آهيون پر ڪوشش ڪئي آهي ته سائين شمشير الحيدري کي ڀيٽاء ڏيڻ واري تقريب جو اکين ڏٺو حال سادي انداز ۾ پيش ڪيون۔پڙهڻ جون پيشگي مهربانيون۔
مونکي گهڻو افسوس آهي جو هن پروگرام جي شرڪت لاء ڪيترن ڏينهن کان آس هيم پر ڪنهن اوچتي پريشاني ۽ مجبوري سبب ڳوٺ وڃڻو پيو۔ مختلف دوستن جا فون ايندا رهيا ۽ پروگرام هلندي به گهڻن ئي دوستن جا فون آيا ته اوهان ڪٿان ويٺا آهيو ۔۔۔۔ دوستن جون مهربانيون جيڪي ايڏو پيار ڏين ٿا۔
سائين شمشير جي شخصيت تي ڇا لکي ڇا لکجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ جي هن عظيم ڏاهي، بهترين شاعر، دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر ۽ آزاد نظم جي بنيادڪار ۽ خوددار شخصيت جي مالڪ کي ڪروڙين سلام ۽ سندس لاء دعائون۔
سائين غلام مصطفى جا خاص ٿورا جنهن هن پروگرام جو تفصيلي ذڪر ڪندي اسان کي ڄڻ ته هن پروگرام ۾ موجودگيء جو احساس ڏياريو۔ سائين نثار مان ڪوشش ۾ آهيان ته هن پروگرام جي تفصيلي وڊيو رڪارڊنگ هٿ ڪري دوستن سان ونڊ ڪجي۔ پنهنجي ليجنڊز کي سندن ئي زندگيء ۾ ڀيٽا ڏيڻ جو هي سلسلو ڏاڍو وڻيو ۽ اميد ته هي سلسلو جاري رهندو۔
هن پروگرام جون ڪجهه تصويرون اسان جي دوست حميد ڀٽو جي ٿورن سان پيش آهن۔
مان هميشه تحرير کي مختصر لکڻ تي عمل ڪندو آهيان ۽ دوستن کي به صلاح ڏيندو آهيان ۔۔۔۔ جو هن تيز رفتار دور ۾ ايترو وقت ڪاٿي جو سمورو پنو پڙهي سگهجي ۔۔۔۔ پر هن موضوع جي سٽ سٽ پڙهندي ڄڻ وقت رڪجي ويو هجي۔۔۔ بي بي سي اردو تي لکيل انور سن رائي جي ليک جو سائين نثار ابڙو طرفان خوبصورت لفظن سان جڙيل ترجمو ۔۔۔ سنڌ جي ليجنڊس جو جهڙوڪ داستان سجايل هجي۔۔۔
مٿان سائين غلام مصطفى جن جي اکين ڏٺي احوال جي خوبصورت انداز جهڙوڪ اسان کي مڪمل پروگرام جون جهلڪيون سجايل انداز ۾ ڏيکاريون هجن۔۔۔
مون کي ڪافي افسوس ٿيو هو جو نوابشاهه مان هن پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ٽائيم سان نڪرڻ باوجود ان ڪري نه پهچي سگهيس جو رستي ۾ آنڌي ۽ طوفان گاڏين کي هلڻ کان روڪي ڇڏيو هو۔۔۔ ۽ پوءِ 2 کان اڍائي ڪلاڪ گذري ويا ته ڊرائيور منهنجا دڙڪا نه برداشت ڪندي گاڏي سوري ته سهي پر آرٽس ڪائونسل پهچندي 12 وڄي ويا۔۔۔ ۽ اهو پروگرام جنهن ۾ مٿي سائين نثار طرفان جڙيل لفظن ۾ ۽ سائين غلام مصطفى جي سجايل اکرن ۾ موجود واقعن کي ڏسڻ کان رهجي ويس۔۔۔
هڪ دفعي سائين نثار ابڙو سان ڪچهري دوران منهنجي والد جن جو ذڪر نڪتو۔۔۔ سندن سان منهنجي محبت جو اظهار سائين نثار ابڙو جن سمجهي سگهيو هجي يا نه پر گفتگو دوران منهنجي وري وري خاموشي کيس ان ڳالهه جي پڪ ضرور ڏني ته اندر ۾ محبت جي جذبن کي ٻاهر نڪرڻ لاءِ وڏا رستا گهرجن ۔۔۔ ۽ جي رستا نه ملندا ته اهي اکين مان ڳوڙهن جي صورت اهڙي طرح نڪرندا جو جسم جا ٻيا عضوا به مفلوج ڪري وجهندا آهن۔۔۔
سائين شمشير جن جي ڌيء محترمه نسيم حيدري جا پنهنجي والد سان محبت وارا جذبا ۔۔ ڪاٿي ٿا ايترو تڪڙو لفظن جو روپ ڌارين ۔۔۔ اهي اکين مان نڪرڻا ئي هئا ۽ يقينن حال ۾ ويٺل سمورن ماڻهن لاءِ اهي نظر نه ايندڙ جذبا ڪيڏا نه چٽا ڏيکاريل هوندا جو اهي پڻ اکين مان نڪرندڙ پاڻي کي روڪي نه سگهيا هوندا۔۔۔
ادا سليمان کي عرض آهي ته مڪمل پروگرام جي وڊيو حاصل ڪرڻ جي جستجو جاري رکجو جيئن هن جذباتي لڳاؤ سميت پنهنجي ليجنڊس کي ڏنل ڀيٽا کي ڏسندي پنهنجا جذبا به وائکا ڪري سگهجن۔۔۔
مٺڙي سهڻي ڀاءُ غلام مصطفي جي ليک منهنجي اکين ۾ به آب آڻي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته هن تقريب ۾ ڳالهائڻ واريءَ ۽ جنهن تي ڳالهايو ويو ٻنهي جي روحاني ڪيفيت کان واقفيت هجڻ سبب جيڪو تصور اڀريو تنهن ڳوڙها آڻي ڇڏيا ،،،، تمام سٺي، تفصيلي ۽ ڪارائتي رپورٽ لکيل آهي
مٿان وري ادي سليمان جي ليک ۽ ونڊ ڪيل تصويرن پڻ هن ليک کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن، پر مونکي سليمان مان اميد هئي ته هو هوندو ته نه فقط تصويرون ۽ اکين ڏٺو احوال ۽ گهڻو ڪجهه ملندو پر افسوس جو سندس مجبوريءَ سبب خواهش پوري نه ٿي سگهي ،،،، !!!
ڪراچي آرٽس ڪائونسل پاران شاعر، اديب ۽ صحافي شمشير الحيدري سان رکيل رهاڻ يقيناً هڪ منفرد تقريب هئي. عام طور تي اسان جي سڃاڻپ مرده پرست طور ٿيندي آهي، پر ڊاڪٽر ايوب شيخ جي ڪوششن سان شمشير الحيدري کي جيئري مان ڏئي هڪ نئين سنڌ کي جنم ڏنو ويو آهي. مون پهريون ڀيرو شمشير الحيدري جي آواز ۾ جهيڻائي ٻڌي هئي. هميشه هر حال ۾ کلڻو ملڻو شمشير باوجود ڪمزوري جي هر ماڻهو سان تعارف ڪرائڻ کانپوءِ ساڳئي پيار ۽ پاٻوهه سان ملي رهيو هو. هن تقريب ۾ جنهن به ڳالهايو، تنهن سچ پڇ ته خوب ڳالهايو ۽ شمشير سان انصاف ڪيو. پر وقت جي گهٽتائي ڪري شمشير صاحب جا اڃا ڪيترائي ساٿي ڳالهائڻ کان رهجي ويا. ٻيو ته ڇڏيو پر خود شمشير جي ڳوٺاڻن بدين مان آيل پروفيسر عبدالله ملاح، زهير حيدري ۽ ڊاڪٽر مسرت خواجه به ڳالهائڻ کان رهجي ويا. شمشير جي ڌيءَ نسيم حيدري جيڪا پاڻ به شاعره آهي، تنهن پنهنجي والد جي ڪيترن پهلوئن تي ڳالهايو ۽ آڊيٽوريم ۾ ويٺلن تي عجيب ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي. هڪ ڌيءَ جو پنهنجي پياري والد کي ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو Tribute ٿي سگهي ٿو. نصير مرزا صحيح چيو هو ته شمشير جو سڄي زندگي جو ڪيل پورهيو قبول ٿيو، جنهن کي اهڙو باصلاحيت اولاد نصيب ٿيو. سڀني مقررن جتي شمشير جي شاعري، ادبي، سماجي ۽ صحافتي خدمتن تي ڳالهايو، اتي سندس اصول پسندي، سچائي، سادگي ۽ هڪ باڪردار انسان طور به ذڪر ڪيو. سندس مزاح خاص ڪري اهم شاعرن جي پيروڊيءَ جو به ذڪر ٿيو. سندس عاجزيءَ جي به ڳالهه نڪتي ته ڪيئن نه هو پاڻ کي وڏو شاعر چورائن بدران شاعري ڪرڻ جي اٽڪل اچي وڃڻ جي ڳالهه ڪندو هو. پر بقول امداد حسيني جي ته ان ۾ به شمشير جي اٽڪل آهي ته هو پنهنجي پاڻ کي وڏو شاعر ڇو چوي؟ اهو ته عوام چئي. ڊاڪٽر سليمان شيخ سگا جي تصور کان وجود تائين شمشير جي اهم ڪردار جي ڳالهه ڪئي. چوندا آهن ته ماڻهو تبديل نه ٿيندو آهي، وقت ۽ حالتون تبديل ٿينديون آهن. هن تقريب هلندي مون کي ياد پئي آيو ته شمشير ته اڄ به ساڳيو آهي پر اها به هڪ حقيقت آهي ته پ پ حڪومت ۾ کيس ڪيئن نه سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري واري عهدي تان زبردستي هٽايو ويو هو، جنهن لاءِ هن عدالت جو به در ڪڙڪايو هو. گهڻن سالن کانپوءِ آمريڪا ۾ سانا جي اجلاس ۾ جڏهن سنڌ جي اڳوڻي وزير سيد عبدالله شاهه سان ملاقات ٿي هئي ته عبدالله شاهه هڪ دوست جي حيثيت ۾ شمشير کان ادبي بورڊ مان هٽائڻ تان معذرت ڪئي هئي ته هن ان وقت جي چيئرمين جي چوڻ تي کيس هٽائي غلطي ڪئي وئي. شمشير پنهنجي پراڻي دوست سيد عبدالله شاهه کي به کلندي چيو هو ته، ”يارن سان ڪهڙا ليکا.“ اها سيد عبدالله شاهه جي وضح داري هئي جو هن کي شمشير سان پيش ايندڙ واقعي تي معذرت ڪئي. وضح داري ۽ پنهنجن وڏن جو ادب ۽ احترام ڪرڻ جي جهلڪ ته خود مون شمشير ۾ به ڏٺي، جڏهن شمشير هڪ دفعي منهنجي گهران ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان فون تي ڳالهايو هو. شمشير جنهن نسل سان تعلق رکي ٿو، اهو تيزيءَ سان ختم ٿي رهيو آهي. سنڌ کي اڄ به اهڙن سچن ۽ بي لوث هيرن جي ضرورت آهي، جيڪي هاڻي ناياب ٿيندا پيا وڃن. شمشير کي جيڪڏهن موقعا ۽ وسيلا ملن ها ته شايد هو سنڌ لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه ڪري وڃي ها. اسان جيستائين هن جو قدر ڪيو، تيستائين هو پنهنجي اکين جو نور وڃائي چڪو آهي. ڪاش هو پنهنجي اکين سان هيءَ رهاڻ ڏسي سگهي ها! بهرحال وري به دير آيد درست آيد، اچو ته پنهنجن هيرن کي جيئري مان ڏيڻ جي روايت قائم رکون.