خواب

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
خواب کي پنهنجو سڏڻ مان فائدو ؟
واءَ کي ڌاڳا ٻڌڻ مان فائدو ؟

پنهنجي اُڌمن جي اوگهڙ کان ٿي لڄي
آئينا پورڻ ، ڍڪڻ مان فائدو ؟

پيار کي انڪار جو اوڙهي نقاب
هانوَ تي ٺوڪر سهڻ جو مان فائدو ؟

جنهن جي هڪڙي مرڪ ڀي تنهنجي نه آ
تنهن جي لئي روئي پوڻ مان فائدو ؟

ڌيان سڀ لوڙهي ڇڏڻ وچ سير ۾ _
سُرت کي گهوتا ڏيڻ مان فائدو ؟

اڻڏٺن جي موهه ۾ ڀلا موهجي
ايترن ڦاهن ڦڪڻ مان فائدو ؟

جي مرڻ چاهين مري وڃ _ ذوالفقار
مريض بڻجي هينئن جيئڻ مان فائدو ؟
ذوالفقار راشدي
 
Back
Top