مُحبت ريلي جي شهيدن کي ڳاڙها سلام ۽ پناهگيرن طرفان حملي جي مُذمت

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏23 مئي 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مُحبت ريلي جي شهيدن کي ڳاڙها سلام ۽ پناهگيرن طرفان حملي جي مُذمت

    ميرن جي ڪٿان ڦٽي! يقينن پنهنجي گهر مان هي پهاڪو سنڌي قوم ۾ عام آهي. اها ويڌن اڄ به ائين ئي قائم ۽ دائم آهي. سول مليٽري بيوروڪريسي ۽ پنجابي اسٽيبلشمينٽ ، پنجابي مُتعصب جيوڊيشري، پنجابي مُتعصب پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سنڌ جي ڪچ ۾ پناه ورتل پناه گيرن سان ملي هميشه سنڌي قوم جو استحصال ڪيو آهي ۽ ان ۾ سنڌي وڏيرو، پير، مير، شاه، رئيس، جاگيردار، راشي ڪامورو به پناهگيرن سان ملي سندن ڀائيوار رهيو آهي ۽ سنڌي جنهن جي پهرئين سوچ ئي پنهنجن سان تعصب تي ٻڌل رهي آهي ۽ هنن هميشه پنهنجن پيرن تي پنهنجن سنڌي ڀائرن جو جيڪي ميرٽ تي آهن ۽ صرف اُهي ئي سنڌي قوم کي صحيح دڳ ڏئي سگهن ٿا تن جو ارتحصال ڪير غير سنڌي قوتن کي پاڻ تي حاوي ڪرايو آه، سنڌ جا ڪله جا ڌاڙيل پيسي جي ڪري اڄ سنڌ جا وڏيرا سڏجن پيا، اهو ئي سبب هو جو سنڌ جو مظلوم غريب ءڀُٽو شهيدن جو ساٿاري بڻجي پيو ۽ پيپلز پارٽيءَ جو فيڊرل پارٽي هوندي به ان جو ووٽ بينڪ بڻجي ويو ۽ اسٽيبلشمينٽ ۽ انهن جي پوئلڳن لاءِ چيلينج بڻجي ويو جيڪي اجتمائي طور تي بلآخر ڀُٽو فيمليءَ جا قاتل بڻجي ويا. حيرت آهي ته اڄ اُها غريبن جي سڏجندڙ پارٽي، ڀٽو شهيدن جي نالي تي ووٽ وٺندڙ پاڻ سنڌي مظلوم قوم جا دُشمن بڻجي پيا آهن ۽ اُهو به سنڌ جي اصلي دُشمنن سان اتحاد ڪري.پي پي جي ووٽ بينڪ صرف لياري ۾ آپريشن، سنڌي ماڻهن جي ريلين تي گئسون ۽ گوليون، صرف سنڌي ماڻهن کي بيروزگار ڪرڻ، تعليمي ادارن ۾ سنڌين لاءِ مُسڪلاتون ڳاٽي ٽوڙ فيون هي سڀ ڇو ۽ اُنهن طرفان جيڪي سنڌ جي ووٽ بينڪ تي حڪومت پيا ڪن؟ سنڌي ايم اي، اين پي اي بجاءِ سنڌي ماڻهن کي نوڪريون ڏين اُهي پنهنجي ڇاڙتن جي مدد سان نوڪريون سنڌي غير سنڌي جي تميز ڪرڻ بنان کپائين پيا؟ ڇو؟
    ڀُٽو شهيدن جي منشور سان غداري ڇو؟
    هي صرف ريلين ۾ نه پر سنڌ ۽ خاص طور ڪراچيءَ جي هر فيڊرل توڙي صوبائي ادارن ۾ اهڙيون شڪايتون آهن جتي سنڌي ماڻهن سان بلخُصوص ۽ اهڙن سنڌي جيالن جو به مُعاشي، سماجي قتل عام پيو ٿئي جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ ڪڏنهن به نه ٻُڌو ويو آهي ۽ نه ئي ڏٺو ويو آهي
    . حالت اها آهي ته نه صرف سنڌ قوم بلڪ بيٻي شهيد جي مُخلص ڪارڪن عرف جيالن ۽ جانثارن بلوچ ۽ سنڌين سان به اها ويڌن آهي. اها ويڌن ڪري ڪير پيو سڀ ڄاڻن ٿا؟ ٻيو ڪير نه پر اُهي ڌاڙيل، ڀتاخور ۽ ڪرمنل پناهگيرن جا پٺُو ، جيڪي هاڻ پيپيءِ جي جهنڊي ۾ لڪيل آهن، جيڪي بظاهر پاڻ کي سنڌي سڏائڻ وارا وڏيرن ۽ جاگيردارن جا مٽ مائٽ، ذاتي نوڪر، بورچي، ڀتا خور، مُجرم ۽ ڏوهاري سنڌي پيرن، ميرن وڏيرن، جاگيردارن، راشي بيروڪريٽ جا پوئلڳ ۽ پاٿاريدار آهن جيڪي پنهنجي قوم جي ئي پيرن تي پناهگيرن سان ملي ڪُهاڙي پيا هڻن ۽ ملي به ڪنهن سان سنڌي دُشمنن سان ۽ انهن سان جيڪي هميشه سنڌ سان گڏ پي پيءَ جا دُشمن به رهيا. سنڌي قوم چاهي ڪيتري به ميرٽ تي هُجي انهن جو ترقيون بند ڪيون ويون آهن اها صدين جي روايت رهي آهي ته هڪ سنڌيءَ ٻئي سنڌيءَ کي هرگز سٺو ناهي ۽ چند ٽڪن تي ڪن سنڌ جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي جهڙوڪ خورشيد شاه، آغا سراج الدين، قائم علي شاه ، طرفان ميرٽ جو خون ڪري رکيل غير سنڌن غريب ۽ اٻوجه سنڌيءَ کي ڊيڄارڻ لاِءِ پناهگيرن کي نه صرف حاوي ڪيو ويو آهي پر اُنهن جي سرپرستيءَ ۾ سنڌي ايم اين اي ايم پي اي سنڌي ماڻهن جو مُعاشي قتل پيا ڪن. ميرٽ آهي ئي ڪانه جي آهي ته مڙني سياسي پارٽين جي هڪ مُتعصب مذهبي سوچ جا سڀئي ڀتا خور ۽ چور پاڻ ۾ ملي پيا آهن ته صرف هڪ يڪسانيت اُها آهي ڀتا خوري، چوري، کاٽ، آهن به اُهي سنڌي جيڪي بيبي شهيد جو ڦوٽو ته لڳائي ويٺا آهن پر نه صرف هو نه پر هُنن جا ابا ڏاڏا به ڪڏنهن پي پي ۾ ڪون هُئا ۽ اُهي هر ڊڪيٽر جي اڳيان جهُڪي سنڌي قوم کي غلام بڻائيندا هُئا. تمام غيرتمند سنڌي سپوتن، قوم پرستن، سنڌ جو درد رکندڙ ۽ ڀُٽو فيمليءَ سان وفاداريءَ جو نعرو هڻندڙن کي اپيل ٿي ڪجي ته اڳتي وڌن پنهنجي ڪڇن ۾ لڪيل هنن نانگن کي نه نروار ڪن جيڪي غير سنڌين سان پنهنجا پيچ وڌائي چند ٽڪن جي گهوٻي هڻي ، پنهنجي ئي قوم کي يرغمال پيا ڪن ۽ انهن جي حرڪتن سان متان سنڌ تي قبضو ٿي وڃي ۽ مُهاجرستان نه ٺهي پئي جن لاءِ مٿيان سڀئي سنڌي غدار، وڏيرا ۽ وڏيرن جا ڇاڙتا مُجرم به ٻانه ٻيلي آهن.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محبت سنڌ ريلي ۾ شهيد ٿيندڙ سنڌين کي سرخ سلام ٿا پيش ڪيون۔

    تمام گهڻي ڏک واري صورتحال آهي جو سنڌ جي وحدانيت خلاف آواز اٿاريندڙ پر امن ريلي تي ڇتي فائرنگ ؟؟؟؟؟ حڪومت سنڌ جي نااهل انتظاميه ۽ حڪومتي ڪارندن کي شرم اچڻ گهرجي۔ افسوس جو مقام آهي جو بهاري، بنگالي، پنجابي، هزاري وارا ريليون ڪڍن ته ڪجهه نه ٿئي ۽ جڏهن سنڌ کي ٽوڙڻ ۽ مهاجرستان لاء ريلي نڪري ته ريڊ زون ۾ به انهن کي اچڻ ڏنو ويو ۽ جوس پيارا ويا پر سنڌ جي اصلوڪي باشندن تي ڇتي فائرنگ ڪئي وئي۔

    ان ريلي ۾ اسان جي هڪ ڀيڻ به شهيد ٿي آهي۔ ڪالهوڪي محبتِ سنڌ ريلي ۾ شهيد ٿيندڙ غزاله صديقي پي آء اي ۾ آفيسر هئي ۽ سندس مڙس مظهر زرداري پڻ پي آء اي ۾ آفيسر آهي ۽ سندس تعلق خيرپور ناٿن شاهه سان آهي. سندس ڀاء شهاب صديقي سوئي سدرن گيس ۾ آفيسر ۽ آفيسر ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري آهي. اسان شهيد غزاله صديقي کي سلام پيش ڪيون ٿا.

    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    اسان اولاد سنڌڙي جا سدائين سربُلند آهيون
    سپر سينا ڪري سنڌ لائه ڪٽائيندا ته ڪنڌ آهيون
    لکايون خُون پنهنجي سان چٽو نروار سنڌ نالو
    ڪروڙن کان مٿي آهيون ڀلي سمجهو جي چند آهيون
    سنڌ جي شهيد سنڌي نياڻي غزاله بتول صديقي کي اسان جو سُرخ سلام، سنڌ جي ڌوتن، غدارن، ڪمينن تي لعنت، شهيد نياڻي جي پونئرن شهيد نياڻي جي وارثن کي سلام ٿا پيش ڪريون ۽ سندس والدين کي سلام پيش ٿا ڪريون جن غزاله جهڙي ٻاگهي ڌي کي جنم ڏنو جنهن پنهنجو سر جيجل سنڌ مٿان واري تاريخ ۾ سنڌ مٿان جان گهوريندڙ ن ۾ پنهنجو نالو لکايو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    Retecent Faqeer
    سنڌي ۾ هڪ عام پهاڪو آهي تہ جڏهن ٻورا پي سبيا تہ اُٺن پي دانهون ڪيون تہ نيٺ بار اُٺن کي ئي کڻڻو آهي،جنهن ڏينهن سرائيڪي ۽ هزارا صوبي جي قرارداد پيش ٿي تہ سنڌ جي ساڃاه وندن اها دانهن ڪئي تہ انهي جي پُٺيان ڪا ٻي سازش آهي جنهن کي ڪرڻ لاءِ اهو سڄو ڊرامو رچايو ويو آهي پر سنڌين جي ووٽ تي اقتدار ۾ آيل پ پ جي اکين تي پٽيون ٻڌل آهن جنهن کي انهي جي پُٺيان لڪل مقصد نظر ڪونہ آيو. هاڻي جڏهن سڀ حقيقت پڌري ٿي پئي آهي ۽ لڪل قوتون بہ ظاهر ٿي مختلف طريقن سان صوبي جي تحريڪ ۾ حمايتي ڪردار ڪري رهيون آهن تہ پ پ کي اڃا تائين سمجھ ۾ ڪونہ ٿو اچي تہ هُن کي ڪهڙي واٽ وٺڻي آهي، جنهن لاءِ هُن رحمان ملڪ جي معرفت ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون آهن تہ بنا اجازت ريلي ڪيئن ڪڍي وئي. پ پ کي هاڻي ظاهر ٿي سنڌي ماڻهن کي چٽو ٻڌائڻو پوندو تہ هُو ڪهڙي طرف آهي جو هڪ طرف تہ هو ذولفقار آباد جهڙا متنازع منصوبا شروع ڪري سنڌ کي ٽوڙڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي جنهن جو برملا اظهار ٿيندو رهيو آهي. ٻي طرف هو مفاهمت جي نالي تي مهاجر صوبي جي راه هموار ڪري رهيا آهن.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سنڌي ماڻهن جي هن قتلِ عام تي ڪنهن کي دانهن ڏجي۔۔ اسان جون قومپرست ڌريون به پاڻ ۾ ٺهن ڪونه ٿيون۔۔ ڇا ٿيندو هن سنڌ ڌرتيءَ جو۔۔۔ اڳي ته هڪ جي شهادت سان قومن جون تقديرون مٽجي وينديون هيون پر هاڻي سنڌ مسلسل رت سان ريٽجي پئي پر وري به؟؟؟؟
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    مٺڙا سليمان، اڃان اکيون مس خشڪ ٿيون هيون، اڃان بشير جي چاليهي کانپوءِ اکين آسمان طرف ڏسڻ شروع ڪيو هيو ته وري لاش ڏسڻ کانپوءِ اکين ۾ سمنڊ تري آيو ... پر هن دفعي ان سمنڊ جي هيٺان اکين جي لالاڻ ان سمنڊ جي پاڻيءَ کي به ڳاڙهو ڪري ڇڏيو آهي ....

    سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ” رت روئارڻ“ سو ڌارين ۽ پاڪستان سنڌين کي رت روئاري آهي.

    پر اميد آهي ته سنڌي ان رت جي ڳوڙهن مان ريٽا رستا ٺاهي سنڌ جي مالڪي ڪندا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار

    اچو ته سلام ڪريون هن ڀيڻ کي، اچو ته هن جي قبر جي مٽي مٿي تي لايون. اچپ ته هن ڀيڻ جي بهادري ۽ سورهيائيءَ جي پيروي ڪريون، اچو ته هن ڀيڻ جي بهادري، سورهيائي ۽ ارڏائپ کي ضايع ٿيڻ نه ڏيون

    هن بهادر ڀيڻ ريلي ۾ شامل عورتن کي پنهنجي وشال جذبن جي پويان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن انهن کي گولي نه لڳي، هن ڀيڻ دهشتگردن کي للڪاريو ۽ انهن جي پويان وڃي انهن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهن کي دڙڪا ڏيندي ڀر ۾ بيٺل سپاهيءَ جو پستول کڻي سنڌ جي ويرين کي سبق سيکارڻ ٿي گهريو، پر افسوس جو هڪ ظالم دهشتگرد جي گولي سندس دماغ کي چيري هن شينهڻ جھڙي ڀيڻ جا جذبا ٿڏا ڪري ڇڏيا ....

    پر ويندي ويندي هيءَ ڀيڻ پائرن ڏانهن پنهنجي مٿي جي پوتي اڇلائي وئي آهي، غيرتمند ڀائرن جي اکين ۾ لالاڻ ڀرڻ جو سبق ڏئي وِئي آهي ....

    سلام ڀيڻ ... سلام ڀيڻ ... سلام ڀيڻ

    منهنجو آل و اولاد تنهنجي ان بهادري ۽ سورهيائيءَ تان قربان وڃي ...
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو