پير حسام الدين راشدي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ Abdul Wahid Soomro طرفان آندل موضوعَ ‏24 مئي 2012۔

  1. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    پير حسام الدين راشدي سنڌ جي تاريخ، تحقيق، علم ۽ ادب جو روشن ستارو
    ستار ڀٽي
    پير حسام الدين راشديءَ جو شمار تاريخ، تحقيق، علم ۽ ادب جي دنيا جي اهڙن هستين ۾ ٿئي ٿو، جن دنيا جي تمام مشڪل موضوع يعني قديم تاريخ جون الجهيل ڳنڍيون سلجهايون تحقيق وسيلي سنڌ جي قديم تاريخ ۾ اهڙن ڪيترن ئي ناياب ورقن جو واڌارو ڪيو جيڪي گمناميءَ جي پردي ۾ ڍڪجي يا حادثن جو شڪار بڻجي قومن جي تاريخ مان وسارجي ويا هئا. سندس خدمتن جو دائرو ۽ شهرت ايران، افغانستان، عربستان ۽ روس تائين وسيع هيو ۽ سندس ڄاڻ جي کاڻ مان پوري دنيا جا اديب عالم اسڪالر تحقيق جو فيض حاصل ڪرڻ لاءِ وٽس ايندا رهندا هيا. سندس ذاتي ڪتب خانو رهبريءَ لاءِ پوري دنيا ۾ مشهور هيو. جيڪي سندس وصيت مطابق سنڌ الاجي کي ڏنا ويا ۽ اڄ پڻ سنڌ الاجي ۾ پير حسام الدين راشدي لائبريري ڪارنر موجود آهي.
    کيس زبانن تي ايترو ته عبور هيو جو اردو ادب جا ڪيترائي ادارو سندس مشورن سان هلندا هيا. اڄ جا سڀ اردو عالم ۽ دانشور سندس رهنمائي ۾ پاڻ بڻائي سگهيا. پير صاحب جي تاريخ نويسي ڏانهن لاڙي ۽ تاريخ تي ڏنل ڪتابن مان اسان کي اڀياس حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا جي وڏي مورخ ”ڊيورنٽ“ جي ڪتاب ”دليسن آف هسٽري“ جي هنن جملن کي سمجهڻو پوندو ته ”تاريخ ڇا آهي؟ تاريخ جي مطالعي مان ڇا فائدو؟ تاريخ کي اوهان صرف ان لاءِ پڙهيو ته قومن جي عروج ۽ زوال جون داستانون يا بادشاهن جي دردناڪ آخري انجام جا واقعا بيان ڪيل آهن. ڇا اوهان روشن سجاڳ حال خاطر ماضي جي کاردار ڪنڊن يا قابل فخر ورقن مان رهنمائي حاصل ڪئي آهي ته جيئن ڪنهن به تبديلي يا انقلاب مهل ڪو وري ڌوڪو نه کائي وڃو؟“ راشدي صاحب جو شمار دنيا جي انهن ڏاهن محققن ۾ ٿئي ٿو، جن جي نگاهه عام انسان کان وڌيڪ گهري، حالات ۽ واقعن جي ڳوڙهي ڄاڻ ۽ تاريخي وهڪري مطابق هوندي آهي. علم جي اها منزل تاريخ نويسيءَ کي هڪ مڪمل عملي فن جي معراج ڏئي ٿي، جنهن ذريعي مورخ قومن جي عروج ۽ زوال جي رنگين داستانن کان پرڀرو ٿي اصل حقيقتن ڀريل سچ ۽ صداقتن، سببن کي ڇنڊ ڇاڻ ڪري قومن جي حال ۽ مستقبل لاءِ هڪ خوبصورت خاڪو تراشي ٿو ڏئي. راشدي صاحب تاريخ لاءِ اصل حقيقتن ۽ معاشري جي لاڙن ۽ روين جي تهه تائين پهچندڙ تاريخدان آهي. هن تاريخ جي دنيا ۾ اهڙيون تمام خالي جڳهيون ڀريون آهن، باب مڪمل ڪيا آهن، جيڪي اڄ تائين سنڌ جي تاريخ لکڻ وقت ڪنهن نه ڪنهن سبب ڪري رهجي ويا هيا. پير صاحب جو اهو ڪمال هيو جو هو اهو به ڄاڻيندو هيو ته تاريخ جو وهڪرو جاگرافي جي تابع هوندو آهي، اها جاگرافي معاشري ۾ اقتدار، اقتصادي معيار ۽ ثقافتي ورثن کي جنم ڏيندي آهي، سنڌ جي جاگرافي وري برصغير جي تابع جو ڪارڻ بڻي. سنڌ جي ماضي جي حيثيت ۽ اثر وري ان وقت جي تاريخ جي تمام وڏن تهذيبي انقلابن، سياسي اثرن ۽ معاشرتي تبديلين لاءِ تجربيگاهه ثابت ٿي. جتي قديم سنڌ جي حيثيت ايتري شاهوڪار هئي ته اتي وري وقت گذرڻ ڪري سنڌ جي تاريخ مٽجندي وئي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسلام کان اڳ ٻڌهه ۽ هندو دور جون شهادتون حاصل ڪو نه آهن، پر مغلن، ارغونن، ترخانن جي دورن جي وڃايل يا تبديل ڪيل تاريخ راشدي صاحب حاصل ڪئي. ڇاڪاڻ ته هو فارسي، عربي ۽ اردو زبان جو عالم هيو. پير شيراز ۽ اصفحان جي باقياتي آثارن مان يا افغانستان،، دهلي جي گورستان مان قديم تهذيب جا سنڌ تهذيب يا سنڌ جي جاگرافي اقتصادي لاڳاپن سان هڪ جڙائپ يا ويجهڙائپ ڳولهي ثابت ڪيو آهي ته سنڌ ۽ سنڌي قوم هڪ بهادر جنگ جو پر امن پسند، شاهوڪار وادي ۽ تهذيب جي مالڪ رهي آهي. پير صاحب جي لکيل ٽيتاليهه ڪتابن جي هر هڪ ڪتاب ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه سال ۽ وڌ ۾ وڌ هزار سالن جي تاريخ ۽ واقعن جو تسلسل موجود آهي، جنهن لاءِ هو پئرس مشهد، ڪابل، عليڳڙهه، لنڊن، آڪسفورڊ جي لائبريرين ۾ مهينن تائين ڪتابن ۾ گم رهيو.
    پير صاحب روس ويو، وچ ايشيا جون تاريخي جايون ۽ علمي مرڪز ڏٺا، ٻه ڀيرا چين ۽ ٻه سال فلپائن ۾ رهيو. پير صاحب پنهنجو يادگار ڪتاب ”هوڏو ٿي هو ڏينهن“ به منيلا ۾ لکيو هيو، پير صاحب 1952ع ۾ عراق، هندستان، شام ۽ لنڊن جون تاريخي جڳهيون، ميوزم ۽ ڪتب خانا ڏٺا. 1956ع ۾ به بغداد، شام ۽ لبنان ويو، 1958ع ۾ افغانستان جي دوري ۾ تفصيل سان سنڌ ۽ افغانستان لاڳاپن تي تحقيق ڪيائين. 1963ع ۾ بغداد جي حڪومت پاران 12 سئو سالا جشن ۾ شرڪت ڪيائين. 1964ع ۾ حڪومت پاڪستان پاران کيس روس ۾ علمي کوجنا لاءِ موڪليو ويو. 1964ع ۾ هانگ ڪانگ ۾ قديم آثارن تي تحقيق لاءِ ويو. 1965ع ۾ کين روسي ڪلچرل ايسوسيئيشن جو نائب صدر چونڊيو ويو. 1966ع ۾ پاڪستاني ليکڪن جي وفد ۾ (30 اپريل کان 15 مئي) تائين چين ويو. 1966ع ۾ شهنشاهه ايران طرفان کيس پهلوي ڪتب خاني جي ٿيندڙ ايران شناس عالمن جي عالمي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ خاص طرح گهرايو ويو. وري سيپٽمبر 1966ع ۾ افغانستان حڪومت جي سرڪاري دعوت تي افغانستان ويو.
    سندس ڪتاب ”تاريخ مظهر شاهه جهاني“ ۾ سترهين صديءَ جي دور کي سمايو ويو آهي جو هن وقت تائين تاريخ ۾ سڀ کان وڏو دستاويزي رڪارڊ ليکيو وڃي ٿو. تاريخدان جي حيثيت ۾ وٽس صرف حقيقت، اصل ۽ سچ ئي معيار هيو. سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪندي سنڌي قوم جي ورثي سان ڌارين جا ڏاڍ بيان ڪندي هو ٻڌائي ٿو ته ”سومرن ۽ سمن جي دور جو علمي خزانو ارغونن ۽ مغلن جي لشڪر ڪشي سبب تباهه ٿي ويو، جنهن لاءِ اسان چئي نٿا سگهون ته علم ۽ ادب جو خزانو ڪيترو هيو“. تنهن هوندي به راشدي صاحب مغلن ۽ ارغونن جي تاريخ، ڪهاڻين روايتن ۽ حوالن کي حاصل ڪري سومرن ۽ سمن جا اديب ۽ عالم ظاهر ڪيا. سندس ڪتاب سنڌ جي ماضي بابت هڪ جرڪندڙ آئينو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن کي عام پڙهندڙ جي هٿن ۾ آندو وڃي.
    راشدي صاحب هڪ خاموش طبيعت، محبت وارو ماڻهو هيو، شفقت ۽ مسڪراهٽ وٽس هر وقت هوندي هئي. رعب دار نفيس قسم جو ماڻهو، تمام سهڻو، زلف وڏا ۽ کليل هر وقت اعليٰ ۽ خوبصورت سوٽ ۾ نظر ايندو هيو. مطالعو ۽ مشاهدو، ٻڌڻ ٻڌائڻ سندس مشغلو هيو.
    دوستن، يارن جو وڏو انبوهه هر وقت وٽس موجود، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا غلطي ۾ تڪليف اچي وڃي ته وڃي معافي وٺندو. سدائين حق ۽ سچ چوڻ ٻڌڻ جو عاشق، سچ جو ساٿاري، ادبي سماجي ثقافتي تنظيمن جو يار ۽ سرواڻ، نئين نسل جي رهنمائي ڪرڻ سندس ايمان هوندو هيو. حقيقتن جو تلاشي ۽ ڪوڙ جو دشمن، ٻٽي پاليسي کان نفرت ۽ سامهون تنقيد سان محبت هيس. جديد نظرين جو مالڪ پاڻ عالم ۽ عالمن جو قدر دان هيو. سندس اڪثر وقت ڪتب خاني ۾ گذرندو هيو. فوٽو گرافي سان وڏو شوق سنڌي راڳ سان چاهه هيس.
    پير صاحب جي زندگي ۾ هڪ وڏو خال هوندو هيو، ان ڪري هو زندگي ڀر تنهائي جي احساس ۾ تڙپندو رهيو. ڪيترن موقعن تي سندس پياسي اکين مان ڳوڙهن جا وسڪارا وهي پوندا هيا، پر هو غم برداشت ڪرڻ وارو حوصلو رکندو هيو، هن پنهنجي وڏي ڀاءُ پير علي محمد راشدي جي پٽ ۽ ڌيءَ کي گود وٺي پاليو.
    پير حسام الدين راشدي صاحب قوم پرست، سوشلسٽ اديب عالم، دانشور کان علاوه انسان دوست ۽ همدرد شخص هيو، ڪڏهن به پاڻ مٿان الزامن جو جواب نه ڏيندو هو. سندس چوڻ هيو ته ”تاريخ جو سڀ کان وڏو ڏکوئيندڙ پهلو هي آهي ته هن هر سچ لکڻ واري کي سزا وار سمجهيو آهي، ڪير غلط ڪير درست آهي اهو مستقبل جي مورخ جي فيصلي لاءِ رکيل آهي“.
    هي سنڌ جو اهو دلير فرزند آهي جيڪو پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به موت کان نه ڊنو. هن ڏس ۾ اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته راشدي صاحب پنهنجي زندگي جي آخري ڏهن سالن ۾ تمام گهڻو بيمار رهيو ۽ مٿس جا دل دورا پيا. کيس تمام خطرناڪ بيماري ڪينسر هئي ۽ هو پنهنجي گولي جي آپريشن لاءِ ست دفعا اسپتال ۾ داخل ٿيو، پر آپريشن روم ۾ هر دفعي داخل ٿيڻ مهل مسڪرائيندو ويو ۽ هر دفعي ڪتابن سامان، تحقيق ڇپيل اڻ ڇپيل مواد، سنڌ جي وڌيڪ تاريخ بابت وڌيڪ تحقيق لاءِ ماڻهن جو انتخاب، جائيداد کان وٺي پنهنجي آخري آرام گاهه يعني قبر تائين وصيت ڪندو هو. ايستائين جو هن پنهنجي زندگيءَ ۾ مڪلي ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ پنهنجي قبر پڻ تعمير ڪرائي ڊزائن ٺاهي ۽ قبر ۾ سمهي ڏٺو. پاڻ کي جيئري سنڌ جي مڪلي واري خوشبودار مٽي ۾ آرام ٿيندي محسوس ڪيائين، زندگيءَ ۾ ٽي شيون کيس پياريون هيون، هڪ پنهنجا تاريخي ڪتاب ۽ دنيا مان گڏ ڪيل قلمي نسخا، ٻيو حيدرآباد ۾ قائم ڪيل سنڌ الاجي انسٽيٽيوٽ ۽ ٽيون مڪلي جو قبرستان. پاڻ جڏهن به ڏک ۾ يا خوشيءَ ۾ هوندا هئا ته مڪلي جي قبرستان ۾ ڪيتريون ئي راتيون گذاريون هئائين.
    پاڻ اٽڪل 300 مضمون ۽ مقالا لکيائون هن ڪتاب ۾ اٽڪل 43 مضمون ۽ مقالا، 25 صفحا ترڪي متن، هڪ نقشو ٺٽو شهر جو ۽ 171 ٺٽي متعلق تصويرون شامل آهن. راشدي صاحب جو اردو ۾ شايع ٿيندڙ ڪتاب سنڌي ادب به سنڌي ادب جي پهرين مڪمل تاريخ آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻولي جي تاريخ، عربن کان سومرن ۽ سمن تائين سنڌي ٻولي جو ادب، ارغون ترخان ۽ مغل دور جو ادب، ڪلهوڙن جي دور جو سنڌي ادب، ٽالپرن جي دور جو ادب، برطانوي ۽ موجوده پاڪستاني دور جو ادب ۽ سنڌي شاعري جون صنفون شامل آهن.
    پير حسام الدين راشدي جهڙو عالمي معيار جو سنڌي تاريخدان يا محقق گذريل هڪ صدي ۾ پيدا ڪو نه ٿيو آهي ۽ اهو خال اڃا تائين خالي آهي. پير صاحب کي سنڌ جو آئزڪ نيوٽن يا ابن خلدون به چئي سگهجي ٿو. هو الرازي گليلو يا مائيڪل انجيلو وانگر عظيم انسان هيو جن پنهنجي ماحول جا زنجير ٽوڙي ذهني آزادي حاصل ڪئي ۽ دنيا کي ايندڙ صدي تائين حيرت، سونهن ۽ سوچ لاءِ مواد ڏنو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,869
    ورتل پسنديدگيون:
    27,210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تاريخ کي هميشهه متنازع انداز سان لکيو ويو آهي ۽ تاريخ جي حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي۔ پر حسام الدين راشدي سنڌ جي تاريخ کي جنهن سچائي ۽ ايمانداري سان لکي پيش ڪيو آهي اهڙا ڪي چند ماڻهو ئي آهن۔ جڏهن ٺٽي جي ۽ ٺٽي جي ڳالهه نڪرندي ته سڀ کيس سلام پيش ڪندا آهن۔

    سنڌ جو هڪ سپوت ۽ سنڌ جو ڏاهو شخص هو۔ کيس سلام پيش ڪيون ٿا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو