تڪرار ، جهيڙا ۽ دشمنيون نقصانن ۽ پيارن جي وڇوڙن کان سواءِ ڪجهه به نه ٿا ڏئي سگهن. پوءِ جي پڇتاءُ کان بهتر آهي، پهريان ئي اهڙا فيصلا ڪجن جن سان تڪرار ختم ٿي وڃن ۽ ميٺ محبت سان رهي سگهجي. دنيا جا وڏي کان وڏا مسئلا به ڳالهين ذريعي حل ڪري سگهجن ٿا.
سنڌ جي ڏاهي عبدالواحد آريسر هڪ دفعي چيو هو ته ڪاوڙ ٻن قسم جي هوندي آهي 1. پنهنجن سان 2. دشمن سان پنهنجن سان ڪاوڙ يا رسامو عارضي هوندو آهي، جيڪو ڳالهين سان ۽ ڪس ڪسر سان ختم ٿي ويندو آهي، پر دشمن سان ڪاوڙ مستقل هوندي آهي ۽ تيستائين قائم رهڻ گهرجي جيستائين دشمن يا دشمني قائم آهي ... مٿئين عبارت جي روشنيءَ ۾ اسان سڀ سنڌي پاڻ ۾ آهيون ۽ پنهنجا آهيون، اچو ته ڪس ڪسر کائي، ڳالهيون ڪري ڀاڪر پائي کير کنڊ ٿي وڃون ۽ دشمن لاءِ موجود ڪاوڙ کي هڪ سگهه ۾ بدلائي ڀرپور جواب ڏيڻ جا جتن ڪيا وڃن ... اسين غزاله بتول جي دشمنن کي معاف ڪري نٿا سگهون، ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي شهيدن جو رت اسانکان اڳتي وڌي سندن رت جي بدلي لاءِ پڪاري رهيو آهي. سنڌين سان پيار .... ڌارين سان نفرت
اڄ صبح فيس بوڪ تي ڪنهن دوست ارسطو جو هي قول لکيو ”اسان جنگ ڪندا آهيون ته جيئن امن سان رهي سگهون“ سوشيالاجي جي ماهرن موجب ڪاوڙ جي وصف اها آهي ته ”ٻي جي غلطي جي سزا پاڻ کي ڏيڻ“ پر اهي ڳالهيون الاءِ ڇو اسان کي سمجهه ۾ اچن ئي نٿيون۔ ڪاوڙ انسان جي فطري تقاضا آهي پر انهي کان وڌيڪ صبر ۽ برداشت جو مادو به قدرت واري رکيو آهي جنهن جو صهيح وقت تي استعمال اسان وٽ ناهي۔ هڪ مخصوص ذهني حالت ۾ ڪيل جذباتي فيصلن جو نتيجو ڪيترو به برو هجي پر اهو ڄاڻندي به اسان اهو ڪم ڪري ويهندا آهيون۔ آئون پنهنجي ٿوري گهڻي تجربي جي بنياد تي اهو چوندس ته اسان گهٽ ۾ گهٽ به رڳو ڪجهه لمحن لاءِ ڪاوڙ تي اهو سوچي ضابطو آڻيون ته اسان سان بي واجبي ٿي آهي پر انهي جو بدلو ٿورو دير سان ڪبو۔ آئون يقين سان چوان ٿو ته جيئن جيئن وقت گذرندو اسان جو ردِعمل مثبت ٿيندو ويندو۔ بس ڪجهه لمحن جي ڳالهه هوندي آهي جنهن ۾ پاڻ کي روڪڻو آهي۔ ٻيو وڏو سبب آهي بدلي جو جنون۔ الاءِ ڇو اسان پلاند پراڻا ناهن ٿيندا واري جملي کي پڪڙي بيٺا آهيون ۽ عمل ڪندي به دير نه ٿا ڪريون پر جيڪو ڀٽائي فرمايو ته ”هو چونئي تون مهَ چئو“ اهو اسان کان وسري ويو آهي۔ پر جي ٿورو ٿڌي دماغ سان سوچجي ته سڀ جا سڀ ”پلاند پراڻا ناهن ٿيندا“ تي عمل ڪندا ته ڇا ڪڏهن به هنن جهيڙن جو انت ٿيندو؟
سائين نثار ابڙو واري ڳالهه سان مان متفق آهيان ته پنهنجن لا ڪس ڪسر ۽ دشمنن لا ڪاوڙ مستقل هئڻ گهرجي به، ٻيو ته اسان کي پنهنجن لا پلاند پراڻو وارو رويو هاڻ ختم ڪرڻو به پوندو ڇو ته اسان رڳي پنهنجن سان پلاند لا سدائين سندرا ٻڌا آهن، ڪو وقت هوندو هو جو ڪنهن به ڳوٺ ۾ جيڪڏهن ڪو ڌاڙيل يا چور ڪاهي پوندو هيو ته سڄو ڳوٺ هُل هنگامو ڪري هڪٻئي جي مدد لا چور چور۔ آيو آيو، پهتو پهتو جا واڪا ڪري نڪري پوندا هيا۔۔۔پر افسوس اٍڄ هرڪو پنهنجي مدد لا به گهر ۾ لڪو ويٺو آهي، ٻيلي اسين سنڌي سهپ ۽ محبتن جا پيروڪار آهيون، اسان کي هاڻ دشمن لا ۔۔هو چوني تون م چئو واتان ورائي۔۔۔۔واري ڳالهه کي ذهن مان ڪڍي انهن جي جواب ۾ هو بندق کڻن ته اسين انهن کي توپ هڻي ڪڍون تڏهن وڃي دشمن سڌو ٿيندو، پاڻ کي هميشه امن پسند ، چورائي دشمن کي هٿ وٺرائي پنهنجي ڪمزوري مان فائدو وٺڻ ڏنو آهي، جيڪو سراسر غلط آهي، اسان کي هاڻ خاموش نه ويهڻ گهرجي، اسان سنڌي هون به ننگن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻيندا آهيون، هاڻ ان پراڻي ريت موجب اچو ته چور چور، آيو آيو، پهتو پهتو، جي للڪار ڪري دشمن جا پيرا کڻي انهن جي گهرن تائين پهچي چيچلائي چيچلائي ،ڦتڪائي ماري وجهون ته جئين خبر پوي ڪا دشمن کي۔۔۔
ادا سليمان بهترين ٻول ونڊ ڪيا اٿو ، هن ڳالھ کي سنجيدگي سان وٺجي ته سٺا نتيجا اخذ ڪري سگهجن ٿا ، مهرباني اوهان جي اهڙي قيمتي ڳالھ ڏانهن توجه ڏيارڻ جي ،
ادا سليمان وساڻ صاحب اسلام عليڪم۔ادا جيڪڏهن ماڻهون تحمل ؤ صبر کان ڪم وٺي ته گهڻن تڪرارن کان بچي سگهي ٿو۔تڪرار نفرت کي جنم ڏيندو آهي ۽ نفرت ڪاوڙ کي،جنهن جي ڪري باشعوار انسان به پنهنجا حواس وڃائي،هڪ لمحمي ۾ اهڙو قدم کڻندو آهي جيڪو سڄي عمر جي پڇتاء جو سبب ٿي ويندو آهي ۔اسان کي تڪرار،نفرتون،عداوتون ۽ منافقتون ڇڏي،پنهنجي پيارن ۾ قرب ۽ محبتون ونڍڻ گهرجن۔توهانجو سٺو ليک اسان جي دل کي ڇهي ويو۔