سنڌ جي ڏاهي عبدالواحد آريسر هڪ دفعي چيو هو ته ڪاوڙ ٻن قسم جي هوندي آهي
1. پنهنجن سان
2. دشمن سان
پنهنجن سان ڪاوڙ يا رسامو عارضي هوندو آهي، جيڪو ڳالهين سان ۽ ڪس ڪسر سان ختم ٿي ويندو آهي، پر دشمن سان ڪاوڙ مستقل هوندي آهي ۽ تيستائين قائم رهڻ گهرجي جيستائين دشمن يا دشمني قائم آهي ...
مٿئين عبارت جي روشنيءَ ۾ اسان سڀ سنڌي پاڻ ۾ آهيون ۽ پنهنجا آهيون، اچو ته ڪس ڪسر کائي، ڳالهيون ڪري ڀاڪر پائي کير کنڊ ٿي وڃون ۽ دشمن لاءِ موجود ڪاوڙ کي هڪ سگهه ۾ بدلائي ڀرپور جواب ڏيڻ جا جتن ڪيا وڃن ...
اسين غزاله بتول جي دشمنن کي معاف ڪري نٿا سگهون، ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي شهيدن جو رت اسانکان اڳتي وڌي سندن رت جي بدلي لاءِ پڪاري رهيو آهي.
سنڌين سان پيار .... ڌارين سان نفرت