اڄوڪو ڏينهن 24 مئي تاريخ جي دريءَ مان

'مئي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 مئي 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 24 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    24 مئي 1962ع محقق ۽ اسڪالر ڊاڪٽر ڪرم حسين وڌو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    24 مئي 1976ع مٺيءَ سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ ليکڪ دولت رام کتري جو جنم ڏينهن آهي.
    24 مئي 1949ع شاعر ۽ اديب امير علي چانڊيو (قنمبر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.


    وڇوڙو:

    24 مئي 1967ع آزادي واري تحريڪ جو اڳواڻ سريچند ميوارام ديهانت ڪري ويو.
    24 مئي 1978ع سياستدان ۽ آزادي جي تحريڪ جي اهم اڳواڻ شيخ عبدالمجيد سنڌي جو انتقال ٿيو.
    24 مئي 1981ع صحافي ۽ آزادي پسند مولانا عبدالغفور سيتائي جو انتقال ٿيو.
    24 مئي 2005ع سياستدان مير الهبچايو ٽالپر (جهڏو) لاڏاڻو ڪري ويو.
    24 مئي 2005ع مشهور مزاحيه ۽ فلمي اداڪار رنگيلي جو انتقال ٿيو.

    _______

    اڄوڪي ڏينهن 24 مئي جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان
    _______
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شيخ عبدالمجيد سنڌي ولد ديوان ليلارام، آچر جي ڏينهن 8 ذوالقعد 1306 هه مطابق 7 جولاءِ 1889ع تي ٺٽي ۾ ڄائو هو. سندس وڏا قانونگو عامل ڪٽنب جي نرياڻي پاڙي مان هئا، جيڪي اَصل سيوهڻ شريف جا رهاڪو هئا، جتان لڏي ٺٽي ۾ وڃي آباد ٿيا. اُتي شيخ صاحب مئٽرڪ تائين تعليم وٺي، پهريائين مسٽر ڏيپچندا اوجها نالي وڪيل وٽ منشي ٿيو. پوءِ ذهني انقلاب سببان پنهنجن (هندن) کان ڪافي وقت ڀرپور رهيو. اِنهيءَ سلسلي ۾ کيس ڪڏهن ڪراچي، ته ڪڏهن حيدرآباد ۾ به رهڻ جو موقعو مليو. آخر پاڻ لاءِ حالتون سازگار سمجهي، حيدرآباد ۾ رهڻ لڳو.

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو