نثارناز
سينيئر رڪن
لاکيڻي لطيف جي بيت :
بس ڏات جي ديوي جي ڏنل ورڌان کي توهان سان ونڊيان پيو سمپل ۽ سادي چترڪاري ۾ ، مناسب اصلاح هن وائي تي ٽيڪنيڪ جي حوالي سان ڪرڻ چاهيو ته هي نثارناز ٽي درجي وارو شاعر توهان جو احسان مند رهندو
عشق نه آهي راند ته ڪي ڪنس ڳڀرو،
جِيءُ جُسي ۽ جان جي ڀڃي جو هيڪاند،
سسي نيزي پاند، اُڇل ته اڌُ ٿئي .
پڙهندي انهي بيت جي اونهائين ۾ ٻڏي ترِي رهيو هُئس ته ڏات جي ديوي درشن ڪرايا ۽ هي وائي لکرائي ويئي:عشق نه آهي راند... !
آ، هلڻو پوندو ٽانڊن تي.
آ، هلڻو پوندو ٽانڊن تي.
هيل وڇوڙو وَڍَ وِجهي،
محب رُٺو جو ماند... !
آ، هلڻو پوندو ٽانڊن تي.
محب رُٺو جو ماند... !
آ، هلڻو پوندو ٽانڊن تي.
چاڪَ چِڪن ٿاچاهت ۾،
روز پُسي ٿو پاند...!
آ، هلڻو پوندو ٽانڊن تي.
روز پُسي ٿو پاند...!
آ، هلڻو پوندو ٽانڊن تي.
ڀوري ڀَتارُ نه ڀالَ ڪري،
ڪَهلَ ڪري نه ڪانڌ...!
آ، هلڻو پوندو ٽانڊن تي.
ڪَهلَ ڪري نه ڪانڌ...!
آ، هلڻو پوندو ٽانڊن تي.
نينهن نهوڙي ”ناز“ ڇڏي،
هينئڙو آنڌ ۽ مانڌ...!
آ، هلڻو پوندو ٽانڊن تي