اڄوڪو ڏينهن 25 مئي تاريخ جي دريءَ مان

'مئي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 مئي 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 25 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    25 مئي 1757ع روحاني شخصيت پير محمد راشد روضي ڌڻي (پير ڳوٺ) جي ولادت ٿي۔
    25 مئي 1932ع ليکڪ ۽ صحافي ڪرشن راهي (لاڙڪاڻو / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    25 مئي 1940ع ناليواري شاعر تاج بلوچ جو جنم ڏينهن آهي.
    25 مئي 1945ع ليکڪ، محقق، تعليمدان ۽ شاعر ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم ڏينهن آهي۔
    25 مئي 1953ع شاگرد اڳواڻ ۽ سماجي ورڪر اشرف کهاوڙ جو جنم شهدادڪوٽ ۾ ٿيو۔
    25 مئي 1972ع باليووڊ اداڪار ڪرن جوهر جو جنم ڏينهن آهي.
    25 مئي 1974ع شاگرد ذلف چانگ جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    25 مئي 1839ع روهڙي سان تعلق رکندڙ صوفي شاعر جان الله شاهه عاشق جو وڇوڙو ٿيو۔
    25 مئي 1975ع ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو فرزند ليکڪ مصطفى حيدر جتوئي لاڏاڻو ڪري ويو۔
    25 مئي 1979ع قومپرست اڳواڻ ارباب نور محمد پليجو جي وفات ٿي۔
    25 مئي 2004ع شاعر اداسي امير بخش (ڪاڇو) جو لاڏاڻو ٿيو۔
    25 مئي 2005ع باليووڊ اداڪار سنيل دت ديهانت ڪري ويو.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ارباب نورمحمد پليجو:

    هيءُ -ٺٽي- ضلعي جو خاموش، مخلص، مهمان نواز، آزاد خيال، زندهه دل، -ترقي- پسند، قوم پرست، محب سنڌ ۽ ڪهنو قومي ڪارڪن ۽ سياستدان ٿي گذريو آهي. -ارباب نورمحمد پليجو- 30 جولاءِ 1915ع تي جمعي جي ڏينهن ڄائو. سندس والد جي وفات وقت هن جي عمر چئن سالن جي هئي. کيس ابتدائيءَ -تعليم- لاءِ ”-ٻني-“ جي اسڪول ۾ 9 -آگسٽ- 1924ع تي ماسٽر ”کيئل مل“ (آراضيءَ، تعلقي سيوهڻ واري) وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو. هيءُ 1929ع ڌاري سنڌ مدرسي ۾ -انگريزي- پڙهڻ ويو. سياست ۾ سائين جي. ايم سيد جو ساٿي رهيو. سيد جا ڪتاب ڇپائيندي، مقامي مولوين جي مخالفت سبب پاڪستان جي عالمن پاران جي. ايم سيد سان گڏ ڪفر جي فتويٰ برداشت ڪرڻي پيس. سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو پهريون جنرل سيڪريٽري رهيو. قومي تحريڪ جي حوالي سان ٻه ڀيرا جيل ياترا ڪيائين. بزم صوفياءِ سنڌ جو ڊپٽي سيڪريٽري به رهيو. سنڌ مدرسته -الاسلام- جي بورڊ آف گورنرس جو ڪيئي سال ميمبر رهيو. روشن خيال -انسان- هو. اولاد کي -تعليم- ڏياريائين. سندس وڏو فرزند عبدالحئي پليجو ناميارو اديب آهي ۽ ڪيترا سفرناما لکيا اٿس. مرحوم نورمحمد پليجي 25 مئي 1979ع تي وفات ڪئي.

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانه تان ورتل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ماشاالله تاريخ جي جهروڪن مان جهاتيون پائڻ جو فن محترم محمد سليمان وساڻ کي تمام شاندار نموني ايندو آهي ارباب نورمحمد پليجو جي باري ۾ پيرائتو احوال پڙهي اسان جي ڄاڻ ۾ اظافو ٿيو، سنڌ سلامت جي جادوگر کي به چئي ڇڏجو ته اڄ 26 مئي 2013 آهي اڄوڪي تاريخ تي به سنڌ سلامت تي ڪا اهم ڳالهه ٿي آهي۔ ۽ کيس چئي ڇڏجو ته عيسن جا سور موسن مان نه ڪڍي۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن جا اهم واقعا
    ڪاوش جي ٿورن سان


    ** 1835ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ڪرنل پوٽينجر بمبئي حڪومت کي خط لکي محمد رحيم شيرازي کي سنڌو درياءَ ذريعي واپار شروع ڪرڻ بابت لکيل خط جي ڪاپي بابت آگاهه ڪيو، هن ڄاڻايو ته سنڌو درياءَ ۾ ٻيڙا هلائڻ جو سٺو وقت فيبروري، مارچ ۽ اپريل مهيني جو آهي، انهن مهينن ۾ ڏکڻ جون هوائون لڳنديون آهن. انهيءَ تجويز تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي.

    ** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چارلس نيپيئر حيدرآباد ۾ لڳايل درٻار بابت وڌيڪ تفصيل پنهنجي حڪومت کي موڪليا، هن ڄاڻايو ته سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي رهندڙ جاگيردار ۽ وڏيرا پڻ کاٻي ڪپ تي رهندڙ وڏيرن وانگر اسان جي حڪومت جا فرمانبردار آهن.

    ** 1895ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سکر مان هفتيوار اخبار ”آفتاب سنڌ“ شروع ڪئي وئي، جنهن جا باني ايڊيٽر حاجي عبدالرحمان ميمڻ ۽ شمس الدين بلبل هئا، انهيءَ اخبار سنڌ ۾ ڪيترن ئي سالن تائين اسلامي مقصدن جو دفاع ڪيو.

    ** 1900ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪوٽڙي پُل کي کوليو ويو، اهو پُل وارو رستو نه رڳو سنڌ جي شهرن لاءِ اهم هو پر پنجاب لاءِ به اهم ثابت ٿيو.

    ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۽ ڀارت بارٽر سسٽم تحت واپار شروع ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪري ورتو.

    ** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سڄي ملڪ ۾ مختلف صحافتي تنظيمن طرفان سيڪيورٽي ايڪٽ خلاف احتجاج جو ڏهاڙو ملهايو ويو.

    ** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واشنگٽن ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جنهن تحت پاڪستان اهو چيو هو ته آمريڪي مفادن کي پنهنجي ملڪ ۾ تحفظ فراهم ڪندو.

    ** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايسٽ پاڪستان جي بحران تي وفاقي ڪابينا جو اجلاس گهرايو ويو، جنهن ۾ سڄي صورتحال کي غور هيٺ آندو ويو.

    ** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدارتي ڪابينا ملڪ جي نئين گادي واري شهر اسلام آباد لاءِ ماسٽر پلان جي منظوري ڏني.

    ** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جي ايم سيد ۽ ممتاز دولتانه وچ ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ ون يونٽ واري معاملي تي ڳالهيون ڪيون ويون.

    ** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ڀارت سان ڀارتي وزيراعظم طرفان ڏنل تڪراري بيان تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ان وقت جي ڀارتي وزيراعظم پاڪستان خلاف فوجي ڪارروائي جو بيان ڏنو هو.

    ** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران سنڌ جي سمورن داخلي رستن جي ناڪابندي ڪندي وڏي پئماني تي آپريشن ڪيو ويو.


    تحقيق : ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو