اسان هن وقت منافقت واري ظالم دؤر مان گذري رهيا آهيون، هي اهڙو ڏکيو وقت آهي جنهن ۾ انساني قدر ته ٺهيو پر رت جي رشتن ۾ به نيڪ نيتي ناهي رهي . پر ان باوجود به ڪجهه ماڻهن وٽ انسانيت، فضيلت، نيڪ نيتي، ايمانداري ۽ سچائي اڃا به موجود آهي. جن ماڻهن لاءِ انسانيت اهم آهي اهي اڄ به مفادن ۽ لالـچ جو شڪار بڻجڻ بجاءِ ٻين جي ڀلي لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهن ٿا پر اهڙا ماڻهو ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي آهن.
منهنجا سهڻا ڀاءُ سليمان، اها حالت اڄ جي ناهي .... جي اڄ جي هجي ها ته ٽي صديون اڳ لطيف سڳورو هي بيت نه چوي ها ... ماڻهون سڀ نه سهڻا ... اڃان پوئتي ويندي ته هزارن سالن ۾ به اوهانکي ڪي منافق ته ڪي سچا انسان ملندا ... دراصل جڏهن کان انسان پئدا ٿيو آهي تڏهن کان شيطان ۽ رحماني سگهه جو مقابلو جاري آهي برائي ۽ ڀلائي جا پوئلڳ انسان برابر سان هلندا رهنٿا اچو ته اسين پاڻ کي براين کان بچايون ۽ رحمانيت جا پوئلڳ ٿي انسانيت جو مان مٿاهون ڪندا رهون ... تاقيامت نه شيطان ختم ٿيڻو آهي ۽ نه رحماني سگهه، ها اهو اسانجو عمل آهي ته اسين ڪهڙي ڪناري تي آهيون ... لطيف سڳوري ساڳي حالت لاءِ چيو آهي ته؛ مونکي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾، اڀا! ايئن چون، متان پاند پسائين. انسان امتحان ۾ آهي ... ڀريل درياه مان لنگهڻو آهي ۽ دامن به بچائڻو آهي.
منافقت هڪ روحاني مرض آهي اسان کي اها هر طرح ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته اسان انهن روحاني مرضن کان بچندي پنهنجي عملن جو بنياد سچ تي رکون۔روحاني مرضن کي ناسور ٿيڻ کان اڳ انهن جي علاج جو ڪو بندوبست ڪريون۔
منهنجا سهڻا دوست توهان اها ڳالهه ڪهڙي بنياد تي ڪري سگهو ٿا ته منافقت هڪ روحاني مرض آهي، مان ان کي غلط قرار ڏيندس، جڏهن ته روح پاڪ آهي، روحانيت سان جڙيل شي ڪا به اهڙي نه آهي جنهن ۾ ناپاڪي هجي اها شامل نه آهي، اسان جا روح لا مڪان ۾ جڏهن رکيل هئا تڏهن کان وٺي پاڪ ئي آهن، جڏهن اسان جي روحن ۾ نفس کي شامل ڪيو ويو جنهن اسان جي عقل ۽ شعور کي ناپاڪ بڻايو، ۽ منافقت به هڪ ناپاڪ عمل آهي، جيڪو سمورو جو سمورو نفس جي حرڪت آهي۔ جيڪي به اهڙا عمل جنهن سان ڪردار ۽ معاشرو خراب ٿئي اهي سڀ نفس سان جڙيل آهن، روح يا روحانيت سان جڙيل جيڪي به عمل آهن اهي نيڪي طرف مائل ڪن ٿا۔ سائين سليمان صاحب توهان ڇا ٿا چئو ان ڳالهه تي۔
مان سمجهان ٿو ته اهو ضرورري نه آهي ته پنهنجي حوصلي کي بلند رکڻ لاءِ ماڻهن جي محبت ئي ملي، پر جڏهن ته ڪيترا ڏاها، مفڪر، فلاسافر جن کي حياتي ۾ ايتريون ته نفرتون مليون جو انهن جا حوصله پهاڙ جيڏا ٿي ويا۔ پر محبت اهڙو جذبو آهي جنهن سان حوصلو وڌندو به آهي ته گهٽبو به آهي، ڇو ته گهڻي محبت ملڻ ڪري انسان ٿورو مغرور ٿي پوندو آهي، ۽ ڪمزور به بڻجي پوندو آهي۔
هر ماڻهو جي سوچ هڪجهڙي ناهي هوندي۔ مون جهڙو ماڻهو نفرتن ملڻ سان ڪمزور ٿيندو آهي، ڇو ته مان نه ته ڪو ڏاهو ۽ مفڪر آهيان نه ئي وري ڪو عظيم ماڻهو آهيان۔ مان ته هڪ عام ۽ سادو ماڻهو آهيان، جنهن کي اوهان جهڙن دوستن جي محبتن جياريو آهي ۽ حوصلو ڏنو آهي۔ اياز جون سٽون جيڪي ور ور ڪري ياد پيون اچن: اڪيلو آهيان، ماڻهوئڙن جي ميڙ ۾، اڃان ڄاتم ڪينڪي، ڇو آهيان، ڇاهيان، آهيان يا ناهيان، سو به نه آيم سمجهه ۾. ويا اڄ اڏي، مون کي منهنجا سپرين، آيا گهڙي اوچتو، جن کي ساهه سڏي، تن کان پوءِ تڏي، آهي بوءِ بهار جي.
سائين توهان جي راءِ به پنهنجي جڳهه تي اهميت جوڳي آهي، اها ڳالهه به درست آهي ته محبت ملڻ سان اهميت وڌندي آهي، ۽ جڏهن اهميت وڌندي آهي ته حوصلو پيدا ٿيندو آهي، اسان جون محبتون هميشه اوهان لاءِ، پر اسان جهڙن عام ماڻهن سان به الائجي ڪيترا نفرت پڻ ڪنٿا، پر اسان انهن جي نفرتن جي سبب جيئڻ ته ڪون ڇڏيندا سون، اسان جا حوصله ايترا ته پختا آهن جو اسان انهن ماڻهن جي نفرتن کان بي نياز آهيون۔