اسان هن وقت منافقت واري ظالم دؤر مان گذري رهيا آهيون،

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 مئي 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسان هن وقت منافقت واري ظالم دؤر مان گذري رهيا آهيون، هي اهڙو ڏکيو وقت آهي جنهن ۾ انساني قدر ته ٺهيو پر رت جي رشتن ۾ به نيڪ نيتي ناهي رهي . پر ان باوجود به ڪجهه ماڻهن وٽ انسانيت، فضيلت، نيڪ نيتي، ايمانداري ۽ سچائي اڃا به موجود آهي. جن ماڻهن لاءِ انسانيت اهم آهي اهي اڄ به مفادن ۽ لالـچ جو شڪار بڻجڻ بجاءِ ٻين جي ڀلي لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهن ٿا پر اهڙا ماڻهو ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي آهن.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    منهنجا سهڻا ڀاءُ سليمان، اها حالت اڄ جي ناهي .... جي اڄ جي هجي ها ته ٽي صديون اڳ لطيف سڳورو هي بيت نه چوي ها ...

    ماڻهون سڀ نه سهڻا ...

    اڃان پوئتي ويندي ته هزارن سالن ۾ به اوهانکي ڪي منافق ته ڪي سچا انسان ملندا ... دراصل جڏهن کان انسان پئدا ٿيو آهي تڏهن کان

    شيطان ۽ رحماني سگهه جو مقابلو جاري آهي
    برائي ۽ ڀلائي جا پوئلڳ انسان برابر سان هلندا رهنٿا

    اچو ته اسين پاڻ کي براين کان بچايون ۽ رحمانيت جا پوئلڳ ٿي انسانيت جو مان مٿاهون ڪندا رهون ...

    تاقيامت نه شيطان ختم ٿيڻو آهي ۽ نه رحماني سگهه، ها اهو اسانجو عمل آهي ته اسين ڪهڙي ڪناري تي آهيون ...

    لطيف سڳوري ساڳي حالت لاءِ چيو آهي ته؛

    مونکي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾،
    اڀا! ايئن چون، متان پاند پسائين.

    انسان امتحان ۾ آهي ... ڀريل درياه مان لنگهڻو آهي ۽ دامن به بچائڻو آهي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. جيئي لطيف

    جيئي لطيف
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    منافقت هڪ روحاني مرض آهي اسان کي اها هر طرح ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته اسان انهن روحاني مرضن کان بچندي پنهنجي عملن جو بنياد سچ تي رکون۔روحاني مرضن کي ناسور ٿيڻ کان اڳ انهن جي علاج جو ڪو بندوبست ڪريون۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مونسان نفرت ڪندڙ ايترا گهڻا ناهن جيترا مونسان محبت ڪندڙ آهن، تڏهن ئي ته منهنجو حوصلو بلند رهي ٿو۔
     
  5. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    منهنجا سهڻا دوست توهان اها ڳالهه ڪهڙي بنياد تي ڪري سگهو ٿا ته منافقت هڪ روحاني مرض آهي، مان ان کي غلط قرار ڏيندس، جڏهن ته روح پاڪ آهي، روحانيت سان جڙيل شي ڪا به اهڙي نه آهي جنهن ۾ ناپاڪي هجي اها شامل نه آهي، اسان جا روح لا مڪان ۾ جڏهن رکيل هئا تڏهن کان وٺي پاڪ ئي آهن، جڏهن اسان جي روحن ۾ نفس کي شامل ڪيو ويو جنهن اسان جي عقل ۽ شعور کي ناپاڪ بڻايو، ۽ منافقت به هڪ ناپاڪ عمل آهي، جيڪو سمورو جو سمورو نفس جي حرڪت آهي۔ جيڪي به اهڙا عمل جنهن سان ڪردار ۽ معاشرو خراب ٿئي اهي سڀ نفس سان جڙيل آهن، روح يا روحانيت سان جڙيل جيڪي به عمل آهن اهي نيڪي طرف مائل ڪن ٿا۔ سائين سليمان صاحب توهان ڇا ٿا چئو ان ڳالهه تي۔
     
  6. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي

    مان سمجهان ٿو ته اهو ضرورري نه آهي ته پنهنجي حوصلي کي بلند رکڻ لاءِ ماڻهن جي محبت ئي ملي، پر جڏهن ته ڪيترا ڏاها، مفڪر، فلاسافر جن کي حياتي ۾ ايتريون ته نفرتون مليون جو انهن جا حوصله پهاڙ جيڏا ٿي ويا۔ پر محبت اهڙو جذبو آهي جنهن سان حوصلو وڌندو به آهي ته گهٽبو به آهي، ڇو ته گهڻي محبت ملڻ ڪري انسان ٿورو مغرور ٿي پوندو آهي، ۽ ڪمزور به بڻجي پوندو آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هر ماڻهو جي سوچ هڪجهڙي ناهي هوندي۔ مون جهڙو ماڻهو نفرتن ملڻ سان ڪمزور ٿيندو آهي، ڇو ته مان نه ته ڪو ڏاهو ۽ مفڪر آهيان نه ئي وري ڪو عظيم ماڻهو آهيان۔ مان ته هڪ عام ۽ سادو ماڻهو آهيان، جنهن کي اوهان جهڙن دوستن جي محبتن جياريو آهي ۽ حوصلو ڏنو آهي۔

    اياز جون سٽون جيڪي ور ور ڪري ياد پيون اچن:

    اڪيلو آهيان، ماڻهوئڙن جي ميڙ ۾،
    اڃان ڄاتم ڪينڪي، ڇو آهيان، ڇاهيان،
    آهيان يا ناهيان، سو به نه آيم سمجهه ۾.

    ويا اڄ اڏي، مون کي منهنجا سپرين،
    آيا گهڙي اوچتو، جن کي ساهه سڏي،
    تن کان پوءِ تڏي، آهي بوءِ بهار جي.
     
  8. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين توهان جي راءِ به پنهنجي جڳهه تي اهميت جوڳي آهي، اها ڳالهه به درست آهي ته محبت ملڻ سان اهميت وڌندي آهي، ۽ جڏهن اهميت وڌندي آهي ته حوصلو پيدا ٿيندو آهي، اسان جون محبتون هميشه اوهان لاءِ، پر اسان جهڙن عام ماڻهن سان به الائجي ڪيترا نفرت پڻ ڪنٿا، پر اسان انهن جي نفرتن جي سبب جيئڻ ته ڪون ڇڏيندا سون، اسان جا حوصله ايترا ته پختا آهن جو اسان انهن ماڻهن جي نفرتن کان بي نياز آهيون۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو