• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت سان ڪاوڙ واري ڳالهه ۽ حقيقت

اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
جواب: بدلي وٺڻ جو انداز

سنڌ سلامت جا ساٿيو۔۔۔۔ مان ويندي ويندي هڪ نماڻو عرض ڪيو ٿو وڃان، عرض اهو آهي ته دوستو اگر منهنجي ڪنهن به لکڻي جي ڪري ڪنهن دوست ڪنهن ساٿي جي دل آزاري ٿئي هجي، ته مان ان کان هٿ ٻڌي معذرت ٿو ڪريان۔ باقي سنگت هاڻ لڳي ٿو ته پاڻ هن فورم جي قابل يا اهل ناهيون رهيا سنڌي ۾ هڪ چوڻي آهي ته راند رتي ڇڏجي، ميلو متو ڇڏجي، سو ان لاء سنڌ سلامت جي مڙني ساٿين کان( پوء اهي سنڌ سلامت جا ميمبر دوست هجن يا اهي دوست جيڪي سنڌ سلامت جي فورم تي مهمان طور شامل ٿيندا آهن ) پنهنجي هميشه لاء الوداع، الوداع۔الوداع۔۔ الله نگهبان،
اسلام عليڪم سنڌ سلامت جا ساٿيو

ادا احوال عرض اهيو ته ڪجهه ڏينهن پهرين مان سنڌ سلامت جي فورم تي لکڻ کان الوداع ڪئي هئي، صرف ان لاء ته هاڻ منهنجون لکڻيون ٻين دوستن کي فائدي جي بجاء نقصان ۽ دل آزاري جو سبب بڻجڻ لڳيون آهن،، سو مون اهيو سوچيو ته اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني۔۔۔ مگر ادا افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته منهنجي ان ڳالهه کي ڪجهه دوست سمجهي نه سگهيا، ۽ انهن پنهنجا مختلف رايه ۽ تاثر پيش ڪندا رهيا، ڪن چيو تهممتاز وگهيو جي ڪاوڙ اجائي آهي، هن کي ته ڪنهن ڪجهه چيو به ڪونهي، ته وري ڪن چيو ته ادا اسان ڪا اهڙي ڳالهه ته نه ڪئي جنهن مان ناراض ٿيڻ يا وري الوداع ڪرڻ جا ڪي سبب هجن، ته وري ڪن چيو
ممتاز هن اڱڻ جو پراڻو يار آهي، ڪيترائي ڀيرا آيو آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا گم به ٿي ويندو آهي ،،،، درياهه جو ڪم آهي وهندو رهڻ سو سنڌ سلامت الله جي شڪر سان ۽ اوهان دوستن جي دوستيءَ سان وهندي رهي آهي ،،،، ممتاز به گهمي ڦري وري دوستن وٽ ايندو، ” رب العالمين کيس پنهنجي امان ۾ رکي

ته وري ڪن چيو ته،يقين ڪريو نمازِ جمعه ۾ گوليون وسيون خودڪُش حملو ٿيو بولان ميل ۾ اسانجي بوگي مٿان فائرنگ ٿي ايڏو ڏک نه ٿيو جيڏو اوهانجي مٿين سِٽن ڏک ڏنو آهي ۔ ڇا آئنده ايئن ڪجي ته ڪو دوست پنهنجا خيال ونڊ نه ڪري ؟ يا ڪچهري مان اُٿيو هليو وڃجي ؟؟ مان حجت ڪري هنن لفظن کان به لکڻ کان ڪو نه ٿو ڪِيٻايان ته محفل کي ايئن ڇڏي وڃڻ به بَد اخلاقي آهي ۔مطلب ته سڀني دوستن پنهنجا پنهنجا تاثر ۽ خيال پيش ڪيا، جڏهن ته حقيقت ڪجهه ٻئي هئي، ۽ مان اهيا به وضاحت ڪندو هلان ته مان نه ڪنهن سان ذاتي طرح ناراض ٿيو هئس نه ئي مان ڪا ڪاوڙ ڪئي هئي، مون صرف ان لاء سنڌ سلامت کي الوداع ڪئي هئي ته جيئن منهنجي لکڻين جي ڪري ٻين جي دل آزاري کان بچي سگهجي،
ان کان علاوه سنڌ سلامت جي ڪافي دوستن سنڌ سلامت تي مون سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو ۽ مون کي پنهنجي حساب سان پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته مان ڪنهن سان به ڪاوڙيو ڪو نه هئس، ڪجهه دوستن ته فونون به ڪيون، ۽ انهن سان مختلف مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ۽ ڪچهري به ٿئي، ۽ انهن سنڌ سلامت سان ناراضگي جو سبب پڇيو ۽ سنڌ سلامت سان ناراضگي ختم ڪرڻ لاء چيو۔ ۽ مون انهن کي به اهيو عرض ڪيو ته مان سنڌ سلامت سان ناراض نه آهيان ڪڏهن پنهنجي ٻولي پنهنجي ڌرتي پنهنجي امڙ سان ناراضگي به ٿيندي آهي ڇا ؟ مگر مان ان ڪري سنڌ سلامت تي لکڻ نه ٿو چاهيان جنهن جو ذڪر مان مٿي ڪري چڪو آهيانجن دوستن سان ڳالهه ٻولهه ۽ حال احوال ٿيا انهن ۾ منهنجو دوست طاهر سنڌي صاحب ، افتخار علي چوهاڻ صاحب ۽ عبدالرشيد سمون (ذيشان رشيد ) شامل آهن ،( سليمان وساڻ صاحب جب به فون ڪئي هئي مگر مان آفيس جي مصروفتين جي ڪري فون اٽينڊ ڪري نه سگهيس، ۽ مان کيس فون ڪري به نه سگهيس، ۽ وساڻ صاحب به وري فون ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي،) ۔۔۔۔۔ عبدالرشيد سمون صاحب سان فورم جي نئين ترتيب ۽ سيٽنگ بابت به تمام سڄي گفتگو ٿئي، جنهن ۾ مون کيس ڪافي مشورا پڻ ڏنا جن تي سمون صاحب جن اتفاق ڪيو، ۽ ڪجهه نئين فور تي مسئلا پيش اچي رهيا هئا انهن بابت پڻ کين آگاهي ڏنم ، ۽ سمون صاحب جن انهن مسئلن جو ڪافي حد تائين حل ڳولي انهن مسئلن کي حل به ڪيو آهي، ( انهن مسئلن ۽ مشورن جو تفصيلي احوال وري (سنڌ سلامت جي نئين سافٽويئر جا مسئلا ۽ انهن جا حل۔) انشاء لله ڪيو ويندو۔ باقي ادا مان ان ڳالهه جي به وضاحت ڪندو هلان ته مان اهڙي طريقي سان الوداع ڪري سنڌ سلامت تان ڪڏهن به ناهيان ويو، البته پنهنجن مصروتين جي ڪري سنڌ سلامت تي ڪجهه وقت لاء غائب رهيو آهيان، جهڙي ريت سنڌ سلامت جا ٻيا دوست به گاهي به گاهي غائب رهندا آهن، ۔۔۔ باقي سنڌ سلامت جي دوستن جي پنهنجي محبت جو اظهار ڏسي ڪري مون کي تمام گهڻي خوشي محسوسٿي، ، ڪوشش ڪجي ٿي ته انهن دوستن جا مون لاء محبت جي اظهار لاء ڪهڙا ڪحڙا الفاظ استعمال ڪيل آهن،


ادا ممتاز! پنهنجن سان پٺاڻڪيون چڱيون ناهن۔ ٻيلي هاڻي ڇڏ ڪاوڙ کي۔۔۔۔


ان ڪري جواب نه لکي بحث مباحثي کان پاسو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون متان ڪنهن دوست کي ان جو سوچ مطابق اسان ڪنهن هڪ دوست کي اهميت ڏئي رهيا آهيون سمجهيو وڃي۔ ٻيو ته ڪي موضوع اهڙا هوندا آهن جنهن جي مڪمل معلومات نه هوندي آهي پوء هروڀرو گپ ۾ داڦوڙا هڻڻ به مناسب نه لڳندو آهي هن موضوع متعلق به ميڊيا ذريعي ئي معلومات ٿي ميڊيا به انسان ئي پيش ڪن ٿا بهر حال انهن سڀني ڳالهين جي باوجود منهنجي ذاتي راء رنڪل واري معاملي ۾ادا ممتاز جي راء جي موافق آهي ته جيڪڏهن ڪو به ڪڏهن به ڪٿي به مسلمان ٿيڻ چاهي ته اهو مسلمان ٿي سگهي ٿو ان کي ڪابه رنڊ روڪ نه آهي باقي هر ڪنهن جي ذهن جو پنهنجو فيصلو آهي ماڻهو ته صحابن تي آڱريون کڻن ٿا ته انهن ڪنهن لالچ جي ڪري اسلام قبول ڪيو هو يا في الوقت دٻاء جي ڪري وقتي ڪلمون پڙهيو هو ۔ ادا جمالي صاحب يا ڪو ٻيو دوست لکي هر ڪنهن کي پنهنجي ذهن آهر لکڻ جو حق آهي ليڪن سندن آخري تحرير ۾ هڪ جملو مون کي ڳرو لڳو بهتر آهي ته ان ۾ ترميم ڪئي وڃي۔

ڀاء ممتاز سلام

ادا اسان ڪا اهڙي ڳالهه ته نه ڪئي جنهن مان ناراض ٿيڻ يا وري الوداع ڪرڻ جا ڪي سبب هجن۔ مون اڳ به انڪري جواب نه پئي لکيا جو دوست هر ڳالهه کي ذاتي سمجهي ناراض ٿيندا آهن۔ جيڪڏهن اسان جي ڪنهن به ڳالهه مان اوهان کي ڪا ناراضگي پهتي آهي ته ان لاء معافي، باقي اوهان کي وڃڻ ڪونه ڏينداسين۔ ڪو ايئن به ٿيندو آهي ڇا؟ گهر جا ڀاتي پاڻ ۾ رسندا به آهن ته پرچندا به آهن ۔۔۔ هر ڪنهن جو نقطه نظر پنهنجو پنهنجو ٿي سگهي ٿو، مذهبي سوچ الڳ الڳ ٿي سگهي ٿي، سماجي سوچ جدا ٿي سگهي ٿي ۔۔۔۔ پر ڀاء رشتا ته ناهن ٽوڙبا۔

تنهنڪري اسان وري به هٿ ادب جا ٻڌي معافي جا طلبگار آهيون۔



مٺڙا ممتاز سائين هي ڇا آهي ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ ايڏي اُسهپ ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ سڄڻ هت هِن اڱڻ تي سڀ ڪٺي انهي لاءِ ٿيا آهيون ته هڪ ٻئي کي سمجهون ۽ پَرکيون هڪ ٻئي جي مدد لاءِ چوويهه ڪلاڪ تيار رهون ۔ جي توهان جي نظر ۾ مان غلطي تي آهيان مان انڌ تي آهيان ۽ توهان مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا پر مان پنهنجي اجايو ضد تي ڄٽن وانگر اڙيو بيٺو آهيان ته ڇا توهان مونکي وڌيڪ سئين راهه هلائڻ بجاءِ اڌ ۾ ڇڏي ڏيندو ؟ ته مان وڃي کوهه ۾ ڪري پوان ؟ يا راهنمائي ڪندو ؟ منهنجو ايمان آ مان وري ورجايان ٿو ته منهنجو ايمان آ ته هي اڱڻ ، سنڌ سلامت جو اڱڻ سکيا جو اڱڻ آ سهپ جو اڱڻ آ بغير ڪنهن شۡڪ جي وِڇايو وساڻ ۽ ابڙو صاحب آ ڪيڏي نه پيار قرب اُڪير منجهان سڀني سنڌين کي ڪوٺ ڏني وئي آ اچو ته گڏجون نه نه ڪِ وِڇڙون ۔ لک اختلاف سهي پر ما ته هڪ جي اولاد آهيون ؟؟ هِڪ گهڻاونجي تي به دِلا ٺهڪندا آهن !! هي سنڌين جو گُلدستو آهي جنهن ۾ گلاب رابيل موتيو مگرو رتن جوت مٽر گينڊو زنگي جهڙو مٿي ۾ سور وجهندڙ گل به هوندو ۔ ڇا اِن گل جا انڪاري ٿيون ؟؟؟
يقين ڪريو نمازِ جمعه ۾ گوليون وسيون خودڪُش حملو ٿيو بولان ميل ۾ اسانجي بوگي مٿان فائرنگ ٿي ايڏو ڏک نه ٿيو جيڏو اوهانجي مٿين سِٽن ڏک ڏنو آهي ۔ ڇا آئنده ايئن ڪجي ته ڪو دوست پنهنجا خيال ونڊ نه ڪري ؟ يا ڪچهري مان اُٿيو هليو وڃجي ؟؟ مان حجت ڪري هنن لفظن کان به لکڻ کان ڪو نه ٿو ڪِيٻايان ته محفل کي ايئن ڇڏي وڃڻ به بَد اخلاقي آهي ۔
 
ادا ممتاز السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاته

پيارا ممتاز يقينن پنج اڱريون برابر ناهن ، هر ڪنهن جي سوچ جو مدار به جدا جدا آهي ، معاشري ۾ هر شخص ٻئي شخص کان ڌار ڌار خوبين ۽ خامين جو مرڪب هوندو آهي پر پوءِ به معاشري لاءِ اهو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو آهي توڙي جو هو ڪردار منفي هجي يا مثبت پر معاشرو جو ڪڏهن به ڪو بائڪاٽ ڪري وڃي جهنگ نه وسائيندو آهي بلڪه هن کي خوشي يا ناچاڪي ۾ به هن معاشري ۾ رهي پنهنو ڪردار ادا ڪرڻو ئي پوندو آهي ، بلڪل اوهان سنڌ سلامت کي به ائين کڻي سمجهو ته اسان جو هڪ معاشرو آهي ائين هتي اسان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي پوءِ اهو ضروري ناهي ته اوهان کي پنهنجي ڪردار جو صلو ملي يا رڳو اوهان کي ڪاميابيون ۽ داد ملي ائين ته هرگز نٿو ٿي سگهي ۽ جهڙي نموني اوهان ڪجه تمنائون رکيو ٿا بلڪل اوهان جي برعڪس ڪي دوست وري ٻي زوايي سان ۽ اوهان جي متعين واٽ کان علاوه ٻي واٽ تي هڪ بهتر ۽ سٺي نموني ڪردار ادا ڪندو رهندو آهي يا وري هن جي برعڪس ته اهو به ساڳي نموني پنهنجي محنتن جو صلو ملڻ جو متمني هوندو آهي پر ڪڏهن هن کي به داد ملي ٿو ته ڪڏهن نه ،
دوست اصل ۾ اسان کي پنهنجو پيغام جيڪو خلوص تي مبني هجي دوستن اڳيان رکڻو آهي پوءِ داد ڏيڻ يا نه ڏيڻ يا ڪنهن بحث ۾ حصو وٺڻ يا نه وٺڻ کي ڇڏي پنهنجي ڪوششن کي اڳتي وڏائڻو هوندو آهي
آئون پنهنجي حيثيت سان هڪ ڳالھ ڪريان ٿو ها مونکي شاعري جو ڏائون نه آهي مان سٺي ۽ خراب شاعري جو معيار کان بلڪل اڻڄاڻ آهيان هاڻي جڏهن آئون ڪنهن دوست شاعر کي موٽ نٿو ڏيان ته هن مان اهو مراد نه ورتو ويندو ته آئون شاعري جو مخالف آهيان يا وري شاعري هن فورم ۾ ڪا سٺي نه ٿي رهي آهي ، پر هر انسان پنهنجي سوچ آڌار ڪو نتيجو ڪڍي ڪو حتمي فيصلو ڪري ته اهو هن جو عمل آهي ،
ٻي ڳالھ ته واقعي ڪي اهڙا عمل آهن جيڪي واقعي ۾ مون کي هن بابت پنهنجي وس آهر ڄاڻ آهي ۽ آئون هن ڳالھين کي تسليم نٿو ڪري سگهان پر آئون برائي راست مخالفت جو اظهار ڪري ٻين جي دل ڏکائي جو سبب به نٿو بڻجڻ چاهيان پر دليلن جي بنياد تي مزاحمت ڪرڻ آئون پنهنجو حق ٿو سمجهان ، ۽ اهڙو ڪردار اوهان به پنهنجي لکڻين مان ڪندا رهندا آهيو ،
آخر ۾ اوهان کي هڪ همدرد جي حيثيت سان صلاح ڏيندم ته پنهنجي فيصلي تي نظر ثاني ڪندا ، اوهان اسان لاءِ ڪو معمولي حيثيت رکندڙ شخص ناهيو ، اوهان جهڙن دوستن جو ساٿ ڇڏڻ صرف سنڌ سلامت جي ميمبرن لاءِ نه بلڪه پوري سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪنهن خساري کان گهٽ ڪون هوندو ، اسين اوهان مان وڏيون اميدون رکيون آهن ، سنڌ جي عوام اڳئي علمي ميدان ۾ پويتي آهي جيڪر اوهان جهڙا دوست ائين ساٿ ڇڏيندا ويا ته انجام ڇا ٿيندو اوهان کان ڳجهو ڪونهي ، آئون سو فيصد نه بلڪه ٻه سو فيصد اميد رکيان ٿو ته انشاء الله العزيز اوهان جو ساٿ اسان سان نه ٽٽندو ۽ اهي ميلا مچندا رهندا ، والسلام عليڪم
هتي ڳالهه ڪنهن جي تائيد يا نفي جي ناهي پر هڪ ڪڙي حقيقت جي آهي ته اسان جو اهو دوست اسان کان ناراض پيو ٿئي جنهن جا جواب موضوع موڪليندڙ کي پنهنجي موصوع جي وزن جو اندازو ڏياريي ڇڏيندا آهن سنڌسلامت جا سڀ ساٿي هن اڱڻ جي سونهن آهن پر جهڙا تبصرا ”خاص ڪري حوالن سان“ ممتاز ڪيا آهن اهڙا شايد ئي ڪنهن ڪيا هجن دوست عبدالرسول ڪولاچي جيڪو هن فورم جو هڪ غير حاضر ميمبر آهي تنهن ممتاز جي واکاڻ ان وقت ڪئي هئي جڏهن مون سنڌ سلامت تي لکڻ شروع نه ڪيو هو پر جيئن ئي هتي آيس ته خبر پئي ته ممتاز واقعي ونهنجي نالي جو مان رکي ڄاڻي

پر هي پهريون دفعو هن پاران هڪ الوداعي پيغام پڙهي ڏاڍي مايوسي ٿي آهي۔

هن ليک ذريعي پنهنجي سهڻي دوست محترم ممتاز علي وگهيو صاحب جن کي گذارش ڪجي ٿي ته جلد از جلد سنڌ سلامت ۾ انٽر ٿي اسان جي هن محفل ۾ اچي شريڪ ٿين ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪرڻ جو پڻ اسين حق رکيون ٿا ،
اسين به اهڙا ڍيٽ آهيون جو جيڪر هڪ ڀيرو ڪنهن سان دوستي رکندا آهيون يا ڪنهن سان ڀائپي ڄوڙيندا آهيون ته پوءِ فريق مخالف ڀل ڪيترو به گهڻو پاسيرو ٿي وڄي اصل هن سان تعلق ڪون ٽوڙيندا آهيون ،
جئين ته مونکي پڪ آهي ۽ مون اڳ ۾ به اها ڳالھ ڪئي هئي ته اسان کي سو نه بلڪه ٻه سو فيصد يقين آهي ته دوست فورم ۾ ٻيهر ضرور ايندو آئون وري به اها ڳالھ ورجايان ٿو ته دوست اسان جي اها صلاح ۽ مشورو پڙهي ترت کان ترت جواب عنايت ڪري فورم تي جلوه گر ٿيندا ،
”نوٽ“
اسان جو اهو دوست سنڌ سلامت کان پري هوندي به پري ناهي ڇو ته فيس بوڪ ۾ سنڌ سلامت سان لڳاوجو ثبوت اسين پرکي سگهون ٿا جو هي دوست سنڌ سلامت جا لنڪ پنهنجي فيس بوڪ تي ڏيندو رهندو آهي جنهن سان محترم دوست جو سنڌ سلامت سان محبت جو عڪاسي ٿئي ٿي ،


رَتي رُس مَ تن سين جن ريء سريئي نه ساهه،
هو جهيڙين تون جهڪو ٿي پاند ڳچيء ڳل پاء،
وڃي پاڻ پرچاء۔ متان رُٺو ئي رهجي وڃين۔
دوست کي اڳ به گذارش ڪئي هئي ۽ ٻيهر به عرض رکون ٿا۔ اميد ته قبول پوندو۔
ادا ممتاز سڀني دوستن جي محبت کي موٽ ضرور ڏيندا کين سڀني دوستن پاران اپيل آهي ته پاڻ پنهنجي تحقيقي تحريرن سان دوستن کي فيضياب ڪن۔
 
ادو ممتاز وگهيو دوستن جو دوست آهي اميد ته دوستن جي هن سڪ ڀري سڏ تي ضرور ايندا جي نه آيا ته به اسان لڪل چاهت (قمبراڻي ) کي وٺي ان جي گهر معافي وٺڻ ويندا سي هههه لڪل چاهت جي ناشتي جي خبر پوري سنڌ سلامت کي آهي خير اميد ته اهڙي نوبت ڪانه ايندي ۽ ادو ممتاز دوستن جي محبت ڀري هڪ سڏ تي لبيڪ چوندي ضرور واپس ايندا ۽ هن محفل کي چار چنڊ لڳائيندا

دا ممتاز اوهان جي ناراضگي سمجهه ۾ نه پئي اچي پر پوءِ به اسان جي اوهان کي گذارش آهي ته ڪاوڙ ڇڏيو ۽ فورم کي واپس جوائين ڪريو
ممتاز هن اڱڻ جو پراڻو يار آهي، ڪيترائي ڀيرا آيو آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا گم به ٿي ويندو آهي ،،،، درياهه جو ڪم آهي وهندو رهڻ سو سنڌ سلامت الله جي شڪر سان ۽ اوهان دوستن جي دوستيءَ سان وهندي رهي آهي ،،،، ممتاز به گهمي ڦري وري دوستن وٽ ايندو، ” رب العالمين کيس پنهنجي امان ۾ رکي“۔۔۔۔۔۔۔۔ ياد رهي ته مون ڪڏهن به اڳ سنڌ سلامت کي الوداع ناهي ڪيو۔۔۔۔۔۔ وگهيو
 
ادا مون پهريون دفعو هن سائٽ کي وزٽ ڪيو آهي سڀ ڪمينٽس هن تحرير جا پڙهيم ڪو ڀي دوست ممتاز کان ناراض ته ڪون ٿو لڳي فورم جي ٍ ڄاڻ ته ڪون اٿم پر ادب سان ممتاز ڀا  کي عرض ڪندس ته پنهنجن جي غلطين کي نظر انداز ڪري سائٽ جي لائ دوستن جي لائ ڪٍجه لکو مهرباني
 
ادا ممتاز وگهيو صاحب،توهانجي مهرباني جو هن اڳڻ کان پري وڃڻ وارو فيصلوواپسي وٺي هن ڪکائن پر پيار۔عزت ؤ اخلاق سان ڀريل پنهنجي گهر تي پير وڌو اٿئو۔توهان جي ليکن ۾ ڏنل معلومات تمام آتم هوندي آهي ،جنهن جو اظهار اسان سميت گهڻن ميمبرن پنهنجن ڪمينتش ۾ ڏنو آهي۔توهان کي ياد آهي ته اوهان اسان جي ليک جي جواب ۾ راء ڏيندي چيوء هو ته منفي ڪمينٽس ڏيڻ سان اڳيون ميمبرتوهانجي ليکن ۾ اصلاح چاهيندو آهي ته اوهان پنهنجي ڪمزورين تي قابو پائي سگهوء۔توهان پنهنجي نوڪري جي شروعات واري دور جو حوالو ڏيندي فرمايو هو ته توهان جا سينئرتوهان جي ڪم مان ڪافي غلطيون ڪڍندا هئا ۽ توهان کي ان تي ڪاوڙ ايندي هئي پر بعد ۾ توهان ان ڳاله کي سمجهو ته اها سڀ اوهان جي ڀلائي لاء هئا۔توهان جهڙا ڏاها هن اڳڻ جي زينت آهن،ڪاوڙ کي پاڻ کان پرتي رکو،ڇا ته اهاء ٻين جي مقابلي ۾ اوهان کي وڌيڪ نقصان پهچائيندي۔جنهن دور مان اسان جي قوم گذري رهي آهي،ان قسم جي ڪاوڙن جواسان متحمل نه ٿا ٿي سگهون۔
 
السلام عليڪم
ڀاءُ ممتاز جڏهن اوهان امير خسرو جي هن شعر جي مصداق ته
من تو شدم تو من شدي، من تن شدم تو جان شدي،​
تاڪس نگويد بعد ازين، من ديگرم تو ديگري،​
I have become you, and you me; I have become the body,
you the soul; So that none hereafter may say
that “I am someone and you someone else.
خاص حيثيت جا حامل ٿي ساٿ جي اهم ضرورت بڻجي ويا آهيو ۽ اوهان جي مختلف لکڻين ۽ تبصرن مان جڏهن فائدو عام ٿي رهيو آهي، ان وقت اوهان جو الوداع ڪرڻ ساٿ کي هرو ڀرو جو نقصان پهچائيندو جيڪو شايد اوهان کي به هرگز گوارا نه هوندو،،،،،،،،،،،،،،،،
مان اوهان کي گھڻو ڪجھ نه چوندس پر بس هاڻي اوهان کي پاڻ ئي پاڻ کي پرچائڻو آهي
الله سائين اوهان کي خوش رکي
 
ادا ناراض نه ٿيا هئا اها خوشخبري آهي، واپس آيا اها اوهان جي دريا دلي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ الله ڪندو ساٿ سدائين سلامت رهندو
 
ادا ممتاز علي وگهيه صاحب، توهانجي مهرباني جو هن اڳڻ کان پري وڃڻ وارو فيصلوواپسي وٺي هن ڪکائن پر پيار۔عزت ؤ اخلاق سان ڀريل پنهنجي گهر تي پير وڌو اٿئو۔توهان جي ليکن ۾ ڏنل معلومات تمام آتم هوندي آهي ،جنهن جو اظهار اسان سميت گهڻن ميمبرن پنهنجن ڪمينتش ۾ ڏنو آهي۔
ادا توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي هن ليک جي اچڻ تي آجيان ڪئي، باقي ادا هڪ عرض ڪندس ته مان ممتاز علي وگهيو آهيان، توهان ممتاز سولنگي لکيو آهي، جنهن کي ترميم جي وسيلي صحيح ڪري ڇڏيندا ته توهان جي نوازش ٿيندي۔ سائين توهان جي تعارف کان مان بلڪل واقف نه هئس پر اسان جي دوست محترم عبدالرشيد سمون صاحب جن ڪجهه واقف ڪيو آهي، توهان جو تعارف ٻڌي ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي ته توهان جهڙا قابل ماڻهون به اسان جي فورم سنڌ سلامت جا ميمبر آهن۔
 
ادا ممتاز علي وگهيو صاحب۔ادا سائين اوهانجي مهرباني جو اسان جي ڳالھ کي مثبت موٽ ڏني اٿئو۔ادا ا سان اوهانجي نالي ۾ غلطي سان وگهيو جي جاء تي سولنگي لکي ڇڏيو،اسان ان جي ترميم ڪري ڇڏي آهي،ان غلطي کي معاف ڪندا۔
 
سنڌ سلامت جي سهڻي ۽ ڏاهي دوست کي هڪ دفعو ٻيهر دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔
سنڌ سلامت، سنڌ دوستن جي اوطاق آهي جنهن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا دوست ۽ ڪيترن ئي سوچن ۽ فطرتن جا دوست اچنٿا ۔۔۔۔ هاڻ جيڪڏهن هن اوطاق جو ساٿي ٿي رهڻو آهي ته، ڪافي حد تائين پاڻ کي مضبوط ڪرڻو پوندو ۔۔۔ نظريا جيتوڻيڪ اهم به هوندا آهن ۽ سچ جو پاسو ڇڏڻو به ناهي ته پوءِ جيڪڏهن اسان مان ڪوبه ڪنهن هنڌ ڀلجي پوي ته ان سان اوطاق جي پراڻن دوستن جو رويو ڪهڙو هجي ۔۔۔۔ ؟؟؟ ان جو جواب ته ممتاز صاحب پاڻ به بهتر سمجهي ٿو ۔۔۔
مون ڪٿي پڙهيو هو ته لفظ ۽ انهن جي ادائگي ئي اثر پئدا ڪندي آهي ۔۔۔ جيڪڏهن اوهانجي ليک ۾ ڪٿي ڪا بدمزگي ٿي پوي ته سمجهي وڃو ته ممڪن اوهان لفظ يا ادائگي ڪٿي غلط ڪئي آهي ۔۔۔ جڏهن ته اوهانجو مقصد ڪو ٻيو هوندو آهي ۔۔۔ هڪ ٻي ڳالهه ته ڪجهه ڳالهيون تمام ٿورن لفظن ۾ به تمام سهڻي انداز سان بيان ٿي وينديون آهن۔

هڪ ننڍڙو عرض ته مون پنهنجي ليک ۾ ڪٿي نه لکيو ته اوهان اڳ به الوداع چيو هو ۔۔۔ وري غور ڪندا ته ممڪن ڳالهه پڌري ٿي پوندي۔
سنڌ سلامت جا سڀ دوست عزيز ۽ محترم آهن ،،، ويندڙ يا گم ٿي ويندڙ دوست اڃان تائين دلين ۾ آهن ۽ جيڪي موجود آهن سي به اسانجي سر تي آهن ۽ اڃان جيڪي دوست ايندا ته اسانجي روح جي راحت ٿيندا ۔۔۔۔ سچ پڇو ته سنڌ سلامت تي اچڻ کانپوءِ ” آءُ“ ختم ڪري ويهندو آهيان ۔۔۔۔ سنڌ ۽ سنڌ جو سڏ سامهون هوندو آهي۔ تازو هڪ جملو پڙهڻ کانپوءِ ته آءُ پنهنجي ذات کي پاڻيءَ تي ڦوٽو سمجهندو آهيان ۔۔۔ هن گهڙيءَ نه ته ايندڙ ڪنهن گهڙيءَ ۾ ڦس ٿي ويندو۔ اهو جملو آهي ته؛

”قبرستان ۾ پيل مرده جڏهن جيئرا هوندا هئا ته اهو سوچيندا هيا ته سندن گذري وڃڻ کانپوءِ دنيا ويران ٿي ويندي“

اوهانکي هڪ ڀيرو ٻيهر دل جي اٿاهه گهراين مان ڀليڪار ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
اهو ته غلط آهي جو بنا ڪنهن به ڳالهه جي ادا ممتاز علي وگهيو صاحب ڪاوڙجي ويو . سائينجن کي ايئن نه ڪرڻ گهرجي ها . اسان جي سائينجن کي وري به اپيل آهي ته هو پنهنجون شاعريون غزل ۽ ٻيو سڀ ڪجهه سنڌ سلامت جي ويبسائيٽ تي موڪلن ۽ نارازگي به ڪيتري رهندي هي دنيا هڪ ميڻ بتي آهي جيڪڏهن هلندي ته هلندي جيڪڏهن وسامي وئي ته وسامي ويندي ڪنهن کي خبر ئي ڪان پوندي ۽ بهتر آ ته ڪنهن سان به نارازگي سٺي نه آهي . سڀ ڪنهن سان کلي ڳالهايو .
 
اهو ته غلط آهي جو بنا ڪنهن به ڳالهه جي ادا ممتاز علي وگهيو صاحب ڪاوڙجي ويو . سائينجن کي ايئن نه ڪرڻ گهرجي ها . اسان جي سائينجن کي وري به اپيل آهي ته هو پنهنجون شاعريون غزل ۽ ٻيو سڀ ڪجهه سنڌ سلامت جي ويبسائيٽ تي موڪلن ۽ نارازگي به ڪيتري رهندي هي دنيا هڪ ميڻ بتي آهي جيڪڏهن هلندي ته هلندي جيڪڏهن وسامي وئي ته وسامي ويندي ڪنهن کي خبر ئي ڪان پوندي ۽ بهتر آ ته ڪنهن سان به نارازگي سٺي نه آهي . سڀ ڪنهن سان کلي ڳالهايو .

ادا مان عرض ڪري چڪو آهيان ته مان ناراض نه هئس ۽ نه وري آهيان، ۽ منهنجو ساٿ سنڌ سلامت سان هميشه رهندو آيو آهي، ۽ انشاءالله رهندو ايندو۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا مان مٿي به ذڪر ڪري چڪو آهيان ته ڇا پنهنجي ٻولي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي امڙ سان به ناراضگي ٿئي سگهي ٿي ۔ ؟ سنڌ سلامت اهو پليٽ فارم آهي جنهن جي رستي اسان سنڌي ڳالهائيندڙ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هڪ ٻئي جي حال احوال مان واقف ٿيندا رهون ٿا، ۽ پنهنجي ٻولي پنهنجي ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪري سگهون ٿا۔
 
ممتاز سائين سلام

لک ٿورا جو اوهان وضاحت ڪري ڇڏي۔ واقعي مون اوهان کي ٻيهر فون ڪونه ڪيو ان لاء معذرت۔ اوهان جي عزت ۽ اوهان لاء پيار اهو ساڳيوئي آهي جيڪو سنڌ سلامت جي هر ميمبر لاء آهي۔

سنڌ سلامت لاء هاڻي نيون ترڪيبون ۽ نوان پراجيڪٽ ڳولهي انهن تي ڪم ڪرڻو آهي۔ اوهان منهنجا سينيئر آهيو ۽ فورم جا مقبول رڪن پڻ آهيو، اوهان هميشه سٺي شيئرنگ ڪئي آهي، اها آس اٿم ته اوهان سنڌ سلامت کي نوان گس ۽ نيون راهون ڳولڻ ۾ مدد ضرور ڪندا۔

اوهان جو پيار، اوهان جي پنهنجائپ، اوهان جي حجت اسان لاء قابل فخر آهي۔

دعائن ۾ ياد
 
ڀا ممتاز صاحب ڪجهه ڏينهن کان مان به هن اڱڻ کان ڪنهن تڪنيڪي مسئلي سبب پري رهيس، مونکي ته خبر به نه آهي ته هيڏو وڏو سانهو ٿي چڪو هيو ته توهان جهڙا ساڃاهه وند موڪلاڻي ڪري رهيا هيا، هڪ ته اهو وڏو صدمو بڻجي اسان جي سيني ۾ دکندو رهي ها، ٻيو اسان توهان جهڙي ڏاهي جي لکڻين جي مزي کان محروم بڻجي پئون ها، اها به شابس آهي توهان کي جو مهل سان سٺو فيصلو ڪري پنهنجي محبتي اڱڻ تي موٽي آيا آهيو، جي آيا، ڀلي آيا،، هاڻ ڪڏهن به وڇوڙو ڪرڻ جو سوچجو به نه، باقي ڀائو ناراضگيون ته ٿينديون رهنديون آهن، پر پنهنجن سان پرچڻ سان ويتر محبت وڌندي آهي۔۔۔جتي به هجو مرڪندا ۽ مهڪندا رهو۔۔سدائين گڏ
 
ادا ممتاز پنهنجي لکڻين جي ڪري فورم تي هڪ خاص مقام ۽ مرتبو رکي ٿو۔۔۔ سندن سنڌ سلامت سان چاهت جو اظهار لاءِ سندن موضوع ئي ڪافي آهن۔۔۔
اصل ۾ سنڌ سلامت فورم پنهنجي خيالن جي اظهار جي لفظن جي صورت ۾ مڪمل سهولت ڏئي ٿو ان باوجود سنڌي لکڻ تي مڪمل عبور نه هجڻ ڪري اڪثر اسان به پنهنجي خيالن کي لفظن جو اهو روپ اوڙهي نه سگهندا آهيو ۔۔۔ جيڪو اسان جي تصور ۾ هوندو آهي۔۔۔ ان جو هڪ اضافي سبب اهو به آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ذهن ۾ خيالن جو هڪ طوفان هوندو آهي جيڪو هڪ ئي وقت ٻاهر نڪرڻ گهرندو آهي ۽ لفظ خيالن جي اهڙي تيز وهڪري کي ان ئي رفتار سان پڪڙي نه سگهندا آهن۔۔۔ پوءِ ٿيندو ائين آهي ته اسان لکڻ هڪ ڳالهه چاهيندا آهيون ۽ سمجهندڙ سمجهندا ٻي ڳالهه آهن۔۔۔ ۽ پوءِ پنهنجائپ، محبت، عزت ۽ چاهت تي ڪو هڪ لفظ به صاف آئي تي ننڍڙي ٽٻڪي وانگر نظر ايندو آهي۔۔ جڏهن ڳالهه معمولي به گران گذري ته انسان جذباتي ٿي اهو ڪندو آهي جيڪو صرف سندس وس ۾ هوندو آهي۔۔
مون کي خوشي ٿي ته اسان جي دوست ممتاز مصطفى وگهيو دوستن وٽ پنهنجي لاءِ بي انتها محبت ۽ عقيدت کي جلد ئي ڀانپي ورتو ۽ هن محبتي ميڙاڪي ۾ ٻيهر واپس وريو۔۔ کيس هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار ڪندي گذارش ٿي ڪجي ته پاڻ ٻڌائين ته سنڌ سلامت جي نيئن سافٽويئر تي منتقلي کين ڪيئن لڳي ۽ ان جي بهتري لاءِ سندن وٽ ڪهڙا اضافي خيال آهن۔۔۔؟
جيئن ته انهن مشورن لاءِ اڳ ئي موضوع فعال آهن ان ڪري هتي هن موضوع کي بند ڪجي ٿو۔۔۔
دوستن جا لک قرب۔۔۔
 
اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
Back
Top