ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
اسلام عليڪم سنڌ سلامت جا ساٿيوجواب: بدلي وٺڻ جو انداز
سنڌ سلامت جا ساٿيو۔۔۔۔ مان ويندي ويندي هڪ نماڻو عرض ڪيو ٿو وڃان، عرض اهو آهي ته دوستو اگر منهنجي ڪنهن به لکڻي جي ڪري ڪنهن دوست ڪنهن ساٿي جي دل آزاري ٿئي هجي، ته مان ان کان هٿ ٻڌي معذرت ٿو ڪريان۔ باقي سنگت هاڻ لڳي ٿو ته پاڻ هن فورم جي قابل يا اهل ناهيون رهيا سنڌي ۾ هڪ چوڻي آهي ته راند رتي ڇڏجي، ميلو متو ڇڏجي، سو ان لاء سنڌ سلامت جي مڙني ساٿين کان( پوء اهي سنڌ سلامت جا ميمبر دوست هجن يا اهي دوست جيڪي سنڌ سلامت جي فورم تي مهمان طور شامل ٿيندا آهن ) پنهنجي هميشه لاء الوداع، الوداع۔الوداع۔۔ الله نگهبان،
ادا احوال عرض اهيو ته ڪجهه ڏينهن پهرين مان سنڌ سلامت جي فورم تي لکڻ کان الوداع ڪئي هئي، صرف ان لاء ته هاڻ منهنجون لکڻيون ٻين دوستن کي فائدي جي بجاء نقصان ۽ دل آزاري جو سبب بڻجڻ لڳيون آهن،، سو مون اهيو سوچيو ته اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني۔۔۔ مگر ادا افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته منهنجي ان ڳالهه کي ڪجهه دوست سمجهي نه سگهيا، ۽ انهن پنهنجا مختلف رايه ۽ تاثر پيش ڪندا رهيا، ڪن چيو تهممتاز وگهيو جي ڪاوڙ اجائي آهي، هن کي ته ڪنهن ڪجهه چيو به ڪونهي، ته وري ڪن چيو ته ادا اسان ڪا اهڙي ڳالهه ته نه ڪئي جنهن مان ناراض ٿيڻ يا وري الوداع ڪرڻ جا ڪي سبب هجن، ته وري ڪن چيو
ممتاز هن اڱڻ جو پراڻو يار آهي، ڪيترائي ڀيرا آيو آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا گم به ٿي ويندو آهي ،،،، درياهه جو ڪم آهي وهندو رهڻ سو سنڌ سلامت الله جي شڪر سان ۽ اوهان دوستن جي دوستيءَ سان وهندي رهي آهي ،،،، ممتاز به گهمي ڦري وري دوستن وٽ ايندو، ” رب العالمين کيس پنهنجي امان ۾ رکي
ته وري ڪن چيو ته،يقين ڪريو نمازِ جمعه ۾ گوليون وسيون خودڪُش حملو ٿيو بولان ميل ۾ اسانجي بوگي مٿان فائرنگ ٿي ايڏو ڏک نه ٿيو جيڏو اوهانجي مٿين سِٽن ڏک ڏنو آهي ۔ ڇا آئنده ايئن ڪجي ته ڪو دوست پنهنجا خيال ونڊ نه ڪري ؟ يا ڪچهري مان اُٿيو هليو وڃجي ؟؟ مان حجت ڪري هنن لفظن کان به لکڻ کان ڪو نه ٿو ڪِيٻايان ته محفل کي ايئن ڇڏي وڃڻ به بَد اخلاقي آهي ۔مطلب ته سڀني دوستن پنهنجا پنهنجا تاثر ۽ خيال پيش ڪيا، جڏهن ته حقيقت ڪجهه ٻئي هئي، ۽ مان اهيا به وضاحت ڪندو هلان ته مان نه ڪنهن سان ذاتي طرح ناراض ٿيو هئس نه ئي مان ڪا ڪاوڙ ڪئي هئي، مون صرف ان لاء سنڌ سلامت کي الوداع ڪئي هئي ته جيئن منهنجي لکڻين جي ڪري ٻين جي دل آزاري کان بچي سگهجي،
ان کان علاوه سنڌ سلامت جي ڪافي دوستن سنڌ سلامت تي مون سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو ۽ مون کي پنهنجي حساب سان پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته مان ڪنهن سان به ڪاوڙيو ڪو نه هئس، ڪجهه دوستن ته فونون به ڪيون، ۽ انهن سان مختلف مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ۽ ڪچهري به ٿئي، ۽ انهن سنڌ سلامت سان ناراضگي جو سبب پڇيو ۽ سنڌ سلامت سان ناراضگي ختم ڪرڻ لاء چيو۔ ۽ مون انهن کي به اهيو عرض ڪيو ته مان سنڌ سلامت سان ناراض نه آهيان ڪڏهن پنهنجي ٻولي پنهنجي ڌرتي پنهنجي امڙ سان ناراضگي به ٿيندي آهي ڇا ؟ مگر مان ان ڪري سنڌ سلامت تي لکڻ نه ٿو چاهيان جنهن جو ذڪر مان مٿي ڪري چڪو آهيانجن دوستن سان ڳالهه ٻولهه ۽ حال احوال ٿيا انهن ۾ منهنجو دوست طاهر سنڌي صاحب ، افتخار علي چوهاڻ صاحب ۽ عبدالرشيد سمون (ذيشان رشيد ) شامل آهن ،( سليمان وساڻ صاحب جب به فون ڪئي هئي مگر مان آفيس جي مصروفتين جي ڪري فون اٽينڊ ڪري نه سگهيس، ۽ مان کيس فون ڪري به نه سگهيس، ۽ وساڻ صاحب به وري فون ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي،) ۔۔۔۔۔ عبدالرشيد سمون صاحب سان فورم جي نئين ترتيب ۽ سيٽنگ بابت به تمام سڄي گفتگو ٿئي، جنهن ۾ مون کيس ڪافي مشورا پڻ ڏنا جن تي سمون صاحب جن اتفاق ڪيو، ۽ ڪجهه نئين فور تي مسئلا پيش اچي رهيا هئا انهن بابت پڻ کين آگاهي ڏنم ، ۽ سمون صاحب جن انهن مسئلن جو ڪافي حد تائين حل ڳولي انهن مسئلن کي حل به ڪيو آهي، ( انهن مسئلن ۽ مشورن جو تفصيلي احوال وري (سنڌ سلامت جي نئين سافٽويئر جا مسئلا ۽ انهن جا حل۔) انشاء لله ڪيو ويندو۔ باقي ادا مان ان ڳالهه جي به وضاحت ڪندو هلان ته مان اهڙي طريقي سان الوداع ڪري سنڌ سلامت تان ڪڏهن به ناهيان ويو، البته پنهنجن مصروتين جي ڪري سنڌ سلامت تي ڪجهه وقت لاء غائب رهيو آهيان، جهڙي ريت سنڌ سلامت جا ٻيا دوست به گاهي به گاهي غائب رهندا آهن، ۔۔۔ باقي سنڌ سلامت جي دوستن جي پنهنجي محبت جو اظهار ڏسي ڪري مون کي تمام گهڻي خوشي محسوسٿي، ، ڪوشش ڪجي ٿي ته انهن دوستن جا مون لاء محبت جي اظهار لاء ڪهڙا ڪحڙا الفاظ استعمال ڪيل آهن،
ادا ممتاز! پنهنجن سان پٺاڻڪيون چڱيون ناهن۔ ٻيلي هاڻي ڇڏ ڪاوڙ کي۔۔۔۔
ان ڪري جواب نه لکي بحث مباحثي کان پاسو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون متان ڪنهن دوست کي ان جو سوچ مطابق اسان ڪنهن هڪ دوست کي اهميت ڏئي رهيا آهيون سمجهيو وڃي۔ ٻيو ته ڪي موضوع اهڙا هوندا آهن جنهن جي مڪمل معلومات نه هوندي آهي پوء هروڀرو گپ ۾ داڦوڙا هڻڻ به مناسب نه لڳندو آهي هن موضوع متعلق به ميڊيا ذريعي ئي معلومات ٿي ميڊيا به انسان ئي پيش ڪن ٿا بهر حال انهن سڀني ڳالهين جي باوجود منهنجي ذاتي راء رنڪل واري معاملي ۾ادا ممتاز جي راء جي موافق آهي ته جيڪڏهن ڪو به ڪڏهن به ڪٿي به مسلمان ٿيڻ چاهي ته اهو مسلمان ٿي سگهي ٿو ان کي ڪابه رنڊ روڪ نه آهي باقي هر ڪنهن جي ذهن جو پنهنجو فيصلو آهي ماڻهو ته صحابن تي آڱريون کڻن ٿا ته انهن ڪنهن لالچ جي ڪري اسلام قبول ڪيو هو يا في الوقت دٻاء جي ڪري وقتي ڪلمون پڙهيو هو ۔ ادا جمالي صاحب يا ڪو ٻيو دوست لکي هر ڪنهن کي پنهنجي ذهن آهر لکڻ جو حق آهي ليڪن سندن آخري تحرير ۾ هڪ جملو مون کي ڳرو لڳو بهتر آهي ته ان ۾ ترميم ڪئي وڃي۔
ڀاء ممتاز سلام
ادا اسان ڪا اهڙي ڳالهه ته نه ڪئي جنهن مان ناراض ٿيڻ يا وري الوداع ڪرڻ جا ڪي سبب هجن۔ مون اڳ به انڪري جواب نه پئي لکيا جو دوست هر ڳالهه کي ذاتي سمجهي ناراض ٿيندا آهن۔ جيڪڏهن اسان جي ڪنهن به ڳالهه مان اوهان کي ڪا ناراضگي پهتي آهي ته ان لاء معافي، باقي اوهان کي وڃڻ ڪونه ڏينداسين۔ ڪو ايئن به ٿيندو آهي ڇا؟ گهر جا ڀاتي پاڻ ۾ رسندا به آهن ته پرچندا به آهن ۔۔۔ هر ڪنهن جو نقطه نظر پنهنجو پنهنجو ٿي سگهي ٿو، مذهبي سوچ الڳ الڳ ٿي سگهي ٿي، سماجي سوچ جدا ٿي سگهي ٿي ۔۔۔۔ پر ڀاء رشتا ته ناهن ٽوڙبا۔
تنهنڪري اسان وري به هٿ ادب جا ٻڌي معافي جا طلبگار آهيون۔
مٺڙا ممتاز سائين هي ڇا آهي ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ ايڏي اُسهپ ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ سڄڻ هت هِن اڱڻ تي سڀ ڪٺي انهي لاءِ ٿيا آهيون ته هڪ ٻئي کي سمجهون ۽ پَرکيون هڪ ٻئي جي مدد لاءِ چوويهه ڪلاڪ تيار رهون ۔ جي توهان جي نظر ۾ مان غلطي تي آهيان مان انڌ تي آهيان ۽ توهان مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا پر مان پنهنجي اجايو ضد تي ڄٽن وانگر اڙيو بيٺو آهيان ته ڇا توهان مونکي وڌيڪ سئين راهه هلائڻ بجاءِ اڌ ۾ ڇڏي ڏيندو ؟ ته مان وڃي کوهه ۾ ڪري پوان ؟ يا راهنمائي ڪندو ؟ منهنجو ايمان آ مان وري ورجايان ٿو ته منهنجو ايمان آ ته هي اڱڻ ، سنڌ سلامت جو اڱڻ سکيا جو اڱڻ آ سهپ جو اڱڻ آ بغير ڪنهن شۡڪ جي وِڇايو وساڻ ۽ ابڙو صاحب آ ڪيڏي نه پيار قرب اُڪير منجهان سڀني سنڌين کي ڪوٺ ڏني وئي آ اچو ته گڏجون نه نه ڪِ وِڇڙون ۔ لک اختلاف سهي پر ما ته هڪ جي اولاد آهيون ؟؟ هِڪ گهڻاونجي تي به دِلا ٺهڪندا آهن !! هي سنڌين جو گُلدستو آهي جنهن ۾ گلاب رابيل موتيو مگرو رتن جوت مٽر گينڊو زنگي جهڙو مٿي ۾ سور وجهندڙ گل به هوندو ۔ ڇا اِن گل جا انڪاري ٿيون ؟؟؟
يقين ڪريو نمازِ جمعه ۾ گوليون وسيون خودڪُش حملو ٿيو بولان ميل ۾ اسانجي بوگي مٿان فائرنگ ٿي ايڏو ڏک نه ٿيو جيڏو اوهانجي مٿين سِٽن ڏک ڏنو آهي ۔ ڇا آئنده ايئن ڪجي ته ڪو دوست پنهنجا خيال ونڊ نه ڪري ؟ يا ڪچهري مان اُٿيو هليو وڃجي ؟؟ مان حجت ڪري هنن لفظن کان به لکڻ کان ڪو نه ٿو ڪِيٻايان ته محفل کي ايئن ڇڏي وڃڻ به بَد اخلاقي آهي ۔