نثارابڙو
نائب منتظم

هٿيارن کان بغير ڪا قوم ائين آهي جيئن ڪو گهر دروازي کان بغير ... جنهن ۾ ڪو به خونخوار جانور يا انسان ٽپي اچي نقصان ڪري سگهي ٿو .... سنڌي قوم جيستائين پاڻ کي هٿياربند ڪري هڪ مضبوط فوج نه ٺاهيندي تيستائين دنيا ڀر جون بکيون ۽ خونخوار قومون سنڌ تي حملا جاري ۽ ساري رکنديون.
سنڌين کي ٻين قومن جي فوج تي ڀاڙڻ بجاءِ پنهنجي فوج ٺاهڻي پوندي، ان لاءِ يا ته پارلياماني اڳواڻ ان طرف قدم وڌائن يا وري سنڌ جي آزادي ۽ خودمختياري حاصل ڪري اهو عمل ڪرڻو پوندو .... هر حال ۾ سنڌ جي فوج قائم ڪرڻ ضروري آهي .... سنڌ جي فوج جو مقصد سنڌي ڳالهائيندڙن جي فوج ائين نه ته نالو ته سنڌ ريجمنٽ هجي پر ان ۾ سنڌي هڪ به نه هجي ...