دوستو سنڌ سلامت کي نئين سافٽويئر تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ رجسٽريشن حاصل ڪرڻ جو عمل پهرين جي نسبت وڌيڪ آسان بڻايو ويو آهي۔۔۔ ان ڪري جيڪي دوست مهمان جي صورت ۾ ته فورم تي اچن پيا پر رجسٽريشن حاصل ڪرڻ ۾ الجهي رهيا آهن انهن لاءِ هي موضوع پوسٽ ڪجي ٿو ۔۔۔ ۽ توهان مڙني دوستن کي گذارش ڪجي ته پنهنجي دوستن جي حلقي ۾ هن موضوع کي مشهور ڪيو ۽ گڏ فيس بوڪ پروفائيل سميت مختلف گروپس ۾ هن موضوع کي پکيڙيو ته جيئن سنڌ سلامت جي ميڙاڪي کي وسيع بڻائي سگهجي۔۔۔
هاڻي واري طريقي ڪار مطابق سنڌ سلامت جي مرڪزي صفحي تان ”رجسٽريشن حاصل ڪيو“ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو يا وري سنڌ سلامت جي ڪنهن به پني تان گهمندي مٿي کاٻي پاسي ڪنڊ تي لکيل لفظن۔۔ ”لاگ ان ٿيو يا رجسٽريشن وٺو“ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ جنهن سان تڪڙو ئي هڪ اوورلي مٿان کان هيٺ لهي ايندو۔۔۔ هتان ”ڇا توهان کاتو بڻايو آهي؟ ناهي ته پنهنجو نئون کاتو بڻايو“ آپشن سليڪٽ ڪري ”رجسٽريشن حاصل ڪريو“ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
ٻئي قدم تحت توهان اڳيان رجسٽريشن فارم کلي ويندو۔۔ جتي هيٺيان خانا ڀريو۔۔
اهي سمورا عمل بخوبي نڀائڻ سان توهان سنڌ سلامت جا رڪن ٿي ويندو جنهن کان پوءِ توهان دوستن جي ڏنل خيالن تي تبصرو ڪرڻ کان سواءِ پنهنجا خيال سموري سنڌ سلامت سٿ سان ونڊي سگهندو۔۔۔
دوستن سان واعدي مطابق سنڌ سلامت سکيا بابت ڪجهه وڊيوز ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي ان سلسلي جي پهرين ڪڙي طور سنڌ سلامت سکيا جي پهرين وڊيو۔۔۔ جنهن ۾ مٿي ٻڌايل سموري طريقي ڪار کي سمجهايو ويو آهي۔۔۔

- پهرين خاني ۾ توهان فورم تي پنهنجو نالو لکو۔۔۔ ياد رهي ته هي اهو نالو هوندو جيڪو توهان جي هر تحرير سان گڏ نظر ايندو۔۔ توهان چاهيو ته ڪنٽرول + اسپيس دٻائي پنهنجي نالي کي انگريزي ۾ پڻ لکي سگهو ٿا۔۔۔
- ٻئي خاني ۾ توهان جي استعمال هيٺ جيڪا اي ميل ايڊريس هجي اها لکو۔۔ ياد رهي ته انتظاميه توهان جي اي ميل کي راز ۾ رکندي ۽ ضرورت تحت توهان کي سنڌ سلامت فورم جا اپڊيٽس موڪليا ويندا۔۔
- ٽئين خاني ۾ توهان سنڌ سلامت کاتي لاءِ پاسورڊ لکندو۔۔۔
- جنهن جي تصديق چوٿين خاني ۾ ڪندو۔۔ (مطلب ان کي ٻيهر لکندو)۔۔
- پنجين خاني ۾ توهان جي ڄمڻ جي تاريخ هوندي۔۔ ياد رهي ته هن وقت فورم تي 10 سال کان گهٽ عمر رکندڙ سنڌي کي رجسٽريشن جي اجازت نه هوندي۔۔
- ٽائيم زون جي هيٺان ڇهين خاني ۾ توهان کان لفظ سنڌ جي انگريزي اسپيل پڇي ويندي۔۔ هي سوال ان ڪري لکيو ويو آهي ته جيئن مختلف اسپيمرز ۽ غير سنڌين کي رجسٽريشن کان روڪيو وڃي۔۔۔
- ستين آپشن تحت توهان کي سنڌ سلامت جي قانون کي تسليم ڪرڻ لاءِ مائوس ذريعي ٽڪ لڳائڻو پوندو۔۔۔ جيڪي دوست سنڌ سلامت جي قانونن کي پڙهڻ گهرن اهي ”سمورن قانون ۽ قائدن“ تي يا وري سنڌ سلامت جي فوٽر ايريا ۾ کاٻي پاسي جي ڪنڊ تي ”قانون ۽ قائدا“ تي ڪلڪ ڪري سگهن ٿا۔۔۔
- اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ کان پوءِ ”رجسٽريشن حاصل ڪريو“ بٽڻ تي ڪلڪ ڪري رجسٽريشن حاصل ڪري سگهجي ٿي۔۔۔
اهي سمورا عمل بخوبي نڀائڻ سان توهان سنڌ سلامت جا رڪن ٿي ويندو جنهن کان پوءِ توهان دوستن جي ڏنل خيالن تي تبصرو ڪرڻ کان سواءِ پنهنجا خيال سموري سنڌ سلامت سٿ سان ونڊي سگهندو۔۔۔
دوستن سان واعدي مطابق سنڌ سلامت سکيا بابت ڪجهه وڊيوز ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي ان سلسلي جي پهرين ڪڙي طور سنڌ سلامت سکيا جي پهرين وڊيو۔۔۔ جنهن ۾ مٿي ٻڌايل سموري طريقي ڪار کي سمجهايو ويو آهي۔۔۔
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: