هاڻي سنڌ سلامت تي رجسٽريشن حاصل ڪرڻ اڳ کان به آسان

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏28 مئي 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,646
    ورتل پسنديدگيون:
    5,652
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستو سنڌ سلامت کي نئين سافٽويئر تي منتقل ٿيڻ کان پوءِ رجسٽريشن حاصل ڪرڻ جو عمل پهرين جي نسبت وڌيڪ آسان بڻايو ويو آهي۔۔۔ ان ڪري جيڪي دوست مهمان جي صورت ۾ ته فورم تي اچن پيا پر رجسٽريشن حاصل ڪرڻ ۾ الجهي رهيا آهن انهن لاءِ هي موضوع پوسٽ ڪجي ٿو ۔۔۔ ۽ توهان مڙني دوستن کي گذارش ڪجي ته پنهنجي دوستن جي حلقي ۾ هن موضوع کي مشهور ڪيو ۽ گڏ فيس بوڪ پروفائيل سميت مختلف گروپس ۾ هن موضوع کي پکيڙيو ته جيئن سنڌ سلامت جي ميڙاڪي کي وسيع بڻائي سگهجي۔۔۔

    هاڻي واري طريقي ڪار مطابق سنڌ سلامت جي مرڪزي صفحي تان ”رجسٽريشن حاصل ڪيو“ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو يا وري سنڌ سلامت جي ڪنهن به پني تان گهمندي مٿي کاٻي پاسي ڪنڊ تي لکيل لفظن۔۔ ”لاگ ان ٿيو يا رجسٽريشن وٺو“ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ جنهن سان تڪڙو ئي هڪ اوورلي مٿان کان هيٺ لهي ايندو۔۔۔ هتان ”ڇا توهان کاتو بڻايو آهي؟ ناهي ته پنهنجو نئون کاتو بڻايو“ آپشن سليڪٽ ڪري ”رجسٽريشن حاصل ڪريو“ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔


    ٻئي قدم تحت توهان اڳيان رجسٽريشن فارم کلي ويندو۔۔ جتي هيٺيان خانا ڀريو۔۔
    1. پهرين خاني ۾ توهان فورم تي پنهنجو نالو لکو۔۔۔ ياد رهي ته هي اهو نالو هوندو جيڪو توهان جي هر تحرير سان گڏ نظر ايندو۔۔ توهان چاهيو ته ڪنٽرول + اسپيس دٻائي پنهنجي نالي کي انگريزي ۾ پڻ لکي سگهو ٿا۔۔۔
    2. ٻئي خاني ۾ توهان جي استعمال هيٺ جيڪا اي ميل ايڊريس هجي اها لکو۔۔ ياد رهي ته انتظاميه توهان جي اي ميل کي راز ۾ رکندي ۽ ضرورت تحت توهان کي سنڌ سلامت فورم جا اپڊيٽس موڪليا ويندا۔۔
    3. ٽئين خاني ۾ توهان سنڌ سلامت کاتي لاءِ پاسورڊ لکندو۔۔۔
    4. جنهن جي تصديق چوٿين خاني ۾ ڪندو۔۔ (مطلب ان کي ٻيهر لکندو)۔۔
    5. پنجين خاني ۾ توهان جي ڄمڻ جي تاريخ هوندي۔۔ ياد رهي ته هن وقت فورم تي 10 سال کان گهٽ عمر رکندڙ سنڌي کي رجسٽريشن جي اجازت نه هوندي۔۔
    6. ٽائيم زون جي هيٺان ڇهين خاني ۾ توهان کان لفظ سنڌ جي انگريزي اسپيل پڇي ويندي۔۔ هي سوال ان ڪري لکيو ويو آهي ته جيئن مختلف اسپيمرز ۽ غير سنڌين کي رجسٽريشن کان روڪيو وڃي۔۔۔
    7. ستين آپشن تحت توهان کي سنڌ سلامت جي قانون کي تسليم ڪرڻ لاءِ مائوس ذريعي ٽڪ لڳائڻو پوندو۔۔۔ جيڪي دوست سنڌ سلامت جي قانونن کي پڙهڻ گهرن اهي ”سمورن قانون ۽ قائدن“ تي يا وري سنڌ سلامت جي فوٽر ايريا ۾ کاٻي پاسي جي ڪنڊ تي ”قانون ۽ قائدا“ تي ڪلڪ ڪري سگهن ٿا۔۔۔
    8. اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ کان پوءِ ”رجسٽريشن حاصل ڪريو“ بٽڻ تي ڪلڪ ڪري رجسٽريشن حاصل ڪري سگهجي ٿي۔۔۔

    اهي سمورا عمل بخوبي نڀائڻ سان توهان سنڌ سلامت جا رڪن ٿي ويندو جنهن کان پوءِ توهان دوستن جي ڏنل خيالن تي تبصرو ڪرڻ کان سواءِ پنهنجا خيال سموري سنڌ سلامت سٿ سان ونڊي سگهندو۔۔۔


    دوستن سان واعدي مطابق سنڌ سلامت سکيا بابت ڪجهه وڊيوز ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي ان سلسلي جي پهرين ڪڙي طور سنڌ سلامت سکيا جي پهرين وڊيو۔۔۔ جنهن ۾ مٿي ٻڌايل سموري طريقي ڪار کي سمجهايو ويو آهي۔۔۔

     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏13 جنوري 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مهربانيون ڀاء ذيشان رشيد ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سچ ته لاجواب پوسٽنگ آهي۔

    اوهان پاران پوسٽ ڪيل هن موضوع ۽ وڊيو ٽيوٽرل کانپوء مان نه ٿو سمجهان ته ڪنهن دوست کي رجسٽريشن ۾ ڪا پريشاني ٿيندي۔ اصل دل خوش ٿي وئي۔ اهڙا ٽيوٽرل تيار ڪري دوستن ۽ ميمبرن لاء آسانيون پيدا ڪرڻيون آهن۔

    دوستن کي هڪ عرض ڪبو ته رجسٽريشن ۽ پاسورڊ جي سيٽنگ وقت لينگيوئيج بار مان ايم بي سنڌي کي بند ڪري انگريزي تي رکن۔ ڇو ته اهڙي صورت ۾ ڪڏهن ڪڏهن دوستن لاء پاسورڊ جو مسئلو ٿيندو آهي ۽ دوست الجهي پوندا آهن۔

    هڪ دفعو وري اوهان جا ٿورا جو اوهان سولي ۽ آسان نموني رجسٽريشن جو عمل سمجهايو آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ڪوڊ:
    اوهان پاران پوسٽ ڪيل هن موضوع ۽ وڊيو تيوٽرل کانپوء مان نه ٿو سمجهان ته ڪنهن دوست کي رجسٽريشن ۾ ڪا پريشاني ٿيندي۔ اصل دل خوش ٿي وئي۔ اهڙا ٽيوٽرل تيار ڪري دوستن ۽ ميمبرن لاء آسانيون پيدا ڪرڻيون آهن
    بلڪل سائين

    ويڊيو ڏسي ڪري اصل ٿڪ لهي ويا

    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,889
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    جيئي رشيد سمون صاحب۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    ادا تمام بهترين سهولت آهي۔ سمجهاڻي به ڪافي آسان انداز ۾ ڏني آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سهڻا دوست رشيد! سڀ کان پهريان ته هن وڊيو ۽ مضمون جي سخت ضرورت هئي ته جيئن نوان ايندڙ دوست نه فقط رڪنيت حاصل ڪري سگهن بلڪ گڏو گڏ نئون ڌاڳو يا ليک به موڪلي سگهن ۔۔۔۔

    اوهانجي محنت تمام ڪارائتي ۽ تفصيلوار آهي، هميشه جيئان هڪ سٺي معلم جو ڪردار ادا ڪيو اٿوَ ۽ وڊيو به ڪنهن ماهر جيئان تيار ڪيئ اٿوَ، جنهن جي ڏسڻ کانپو سوال جي گنجائش به نٿي رهي ۔۔۔ واه واه چوڻ کان وڌيڪ ڪي لفظ ئي ڪونهن

    سنڌ سلامت جي هر هڪ رڪن ۽ اڳواڻ تي اهو فرض آهي ته هو نوان دوست دعوت ڏئي گهرائي ۽ انهن کي هن اوطاق جي دوستي سان روشناس ڪري ۔۔۔

    دوست وڌن ميلا لڳن۔

    لک قرب محترم دوست، اوهانجي هن محنت جا، مون وٽ چمين جا ڀنڊار آهن اوهان لا ۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,646
    ورتل پسنديدگيون:
    5,652
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هن موضوع جي لنڪ کي واضح طور رکيو ويندو ۽ دوستن کي گذارش آهي ته وڊيو جي لنڪ کي ڪاپي ڪري فيس بوڪ تي مشهور ڪن ته جيئن سنڌين تائين رجسٽريشن جي هن سولي عمل کي عام ڪري سگهجي۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,923
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين تمام بهترين نموني رجسٽريشن کي سمجهايو ويو آهي ڪالهه توهان هڪ ٻئي عنوان جو ذڪر ڪيو هو ليڪن اهو منهنجي ذهن مان نڪري ويو اگر ان جي نشاندهي ڪندا ته مهرباني.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو