ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو رشتو، ايترو ته پيارو، سهڻو ۽ مقدس آهي جو ان رشتي ۾ سڀ محبتون، شرارتون ، جهيڙا ۽ خلوص لڪيل هوندا آهن .... مونکي ياد آهي ته ساڳيءَ طرح سان جڏهن پرائمريءَ ۾ پڙهندا هياسون ته اسڪول کان موٽندي آءُ پنهنجي ننڍڙي ڀيڻ کي پٺيءَ تي کڻندو هيس ... ۽ ڪوشش ڪندو هيس ته کيس ڪوسو واءُ نه لڳي ۽ کيس ڪا تڪليف نه اچي .... الله تعالا سڀني ڀينرن جي ڀائرن کي ۽ ڀائرن جي ڀينرن کي آباد ۽ خوش رکي ... آمين
سائين نثار سلام ڀاء ۽ ڀيڻ جي رشتي تي ڇا لکجي ۔۔۔ عظيم رشتو ، جيڪو هڪ رت جي رشتي جي عظيم ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهي۔ بهترين شيئرنگ
واقعي رشتا سڀ سٺا آهن پر ڀينر ڀينر هونديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن مان پنهنجي ننڍڙي ڀيڻ کي دڙڪا ڏيندو آهيان ته شام جو وري پرچائيندي بي هوء ئي آهي.. ڀلي پوء غلطي منهنجي ئي ڇو نه هجي...
عظيم رشتو، عظيم ڳانڍاپو، عظيم سرير ۽ سڪ وارو پاٻوهه ڀريو رشتو، اهي ئي ساڳيون ڀينرون هونديون آهن جن سان اسين وڙهندا آهيون، رسندا آهيون، تنگ ڪندا آهيون، پر جڏهن اهي پنهنجي گهر روانيون ٿينديون آهن ته روئاري وينديون آهن، اهي ڀينرون اسان جي شادين تي خوشي جا شادمانا، جهمريون ۽ لاڏا چونديون آهن، اسان ڀائرن کي ڊگهي ڄمار جون دئائون ڏينديون رهنديون آهن، نهايت نازڪ ۽ نفيس رشتو آهي ڀيڻ جو، خدا تعالى وڏو هيا ۽ شرم وارو رشتو ٺاهيو آهي، جئين سنڌ جي ثقافت پاڪ ۽ پويتر آهي تئين اسان وٽ ڀيڻ جورشتو به اوترو ۽ پاڪ ۽ پويتر آهي، پر ڪجهه اڻڄاڻ ان رشتي کي لڄائي وڌو اٿن، ڪيترائي ظالم ڀائر آهن جن پنهنجن معصوم ڀينرن کي موت جي ننڊ سمهاريو آهي، جن جي معصوم جذبن ۽ انهن جي پويترتا تي شڪ ڪري انهن جو قتلام ڪيو آهي، خدا پاڪ غارت ڪري اهڙن کي جن پنهنجي معصوم ڀينرن جو اهڙي ريت قتل ڪري ڀيڻ ۽ ڀا جي رشتي کي شرمايو آهي۔

ادا نثار ابڙو تمام بهترين ونڊ آهي۔ واقعي ۾ ڀيڻ ۽ ڀا جو هڪ پراڻو ۽ عظيم رشتو آهي، گهر جي ٻين ڀاتين جي مقابلي ۾ ڀيڻ هميشه ڀا جو وڌيق خيال ڪندي آهي۔