نثارابڙو
نائب منتظم
ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو رشتو، ايترو ته پيارو، سهڻو ۽ مقدس آهي جو ان رشتي ۾ سڀ محبتون، شرارتون ، جهيڙا ۽ خلوص لڪيل هوندا آهن ....
مونکي ياد آهي ته ساڳيءَ طرح سان جڏهن پرائمريءَ ۾ پڙهندا هياسون ته اسڪول کان موٽندي آءُ پنهنجي ننڍڙي ڀيڻ کي پٺيءَ تي کڻندو هيس ... ۽ ڪوشش ڪندو هيس ته کيس ڪوسو واءُ نه لڳي ۽ کيس ڪا تڪليف نه اچي ....
الله تعالا سڀني ڀينرن جي ڀائرن کي ۽ ڀائرن جي ڀينرن کي آباد ۽ خوش رکي ... آمين
