*خوشامد، ماڻهو کي هميشه ئي حقيقت کان پرڀرو ۽ پاسيرو رکندي ايندي آهي. جنهن ڪري سياڻا ۽ سمجهدار، داناءُ ۽ دانشمند، خوشامدڙن درٻاري ذهينت وارن ۽ ها ۾ ها ملائيندڙ کان پري ڀڄندا رهندا آهن۔ *جيستائين ڪنهن به قصي ۽ ڪهاڻي، حقيقت ۽ حڪايت جي پوري پوري پروڙ نه آهي، تيستائين ان جي متعلق ڪابه گفتگو يا ڪنهن به راءِ جو ظاهر ڪرڻ، اڻڄاڻائي ۽ بيوقوفي جي نشاني هوندي آهي. * روح رهاڻ جي رس رچاءُ ۾ راحت جون ڪئي راز ۽ رمزون سمايل هونديون آهن. * ذهن، زبان، ضمير ۽ زر، ضروتمندن جي ڪم آڻڻ گهرجي. * مڻيادار ماڻهن جي مڙسي جو معيار، موقعن ۽ مهلن تي معلوم ٿيندو رهندو آهي. * مغرور، متڪبر ۽ فرعون صفت ماڻهوءَ سان جڏهن به ملو، تڏهن پنهنجي دل ۾ اهو خيال ڪري ملو، ته ڪنهن خسيس ۽ تمام ننڍي ماڻهو سان ملي رهيا آهيو. * مسڪين ۽ مجبور ماڻهو جي مجبوريءَ مان مزو وٺڻ، مصيبت سان ملاقات ڪرڻي هوندي آهي. * حڪومت ۽ محبت، صحت ۽ سونهن بهادري ۽ بي باڪي، فياضي ۽ فراخدلي، مهمان نوازي ۽ مروت، آزمودا ۽ تجربا، عشق ۽ عقل، ڪڏهن به خريد ٿي نه سگهندا آهن. * سون جي سونهن ۽ سوڀيا، صفائي، سٺائي ۽ سندس جرڪيدار جوهرن جو اندازو، تڏهن لڳائي سگهبو آهي، جڏهن هو باهه جي بٺين ۽ ڀڙڪن مان ٻاهر نڪري نروار ٿيندو آهي. * ڪنهن به ڳالهه جو جلد فيصلو ڪندڙ، حقيقتن ۽ حڪايتن کان بلڪل بي خبر هوندو آهي. مرحوم علي نواز وفائي جي ڪتاب رتيءَ جي رهاڻ تان ورتل
*جيستائين ڪنهن به قصي ۽ ڪهاڻي، حقيقت ۽ حڪايت جي پوري پوري پروڙ نه آهي، تيستائين ان جي متعلق ڪابه گفتگو يا ڪنهن به راءِ جو ظاهر ڪرڻ، اڻڄاڻائي ۽ بيوقوفي جي نشاني هوندي آهي. ادا سليمان وساڻ صاحب اسلام عليڪم۔مرحوم علي نواز وفائي جي ڪتاب مان انمول موتي چونڍي هن اڳڻ جي زينت ٺاهي اسان کي ان مان مستفيد ۽ رهنمائي حاصل ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ تي لک لائق۔ڏاهن جو ڪم آهي ته پنهنجي ۽ ٻين جي بهترين سخنن سان معاشري ۾ بهتري آڻن۔توهان جي چونڍ ڪيل سخن تمام گهڻي رمز وارا آهن ،ان لاء اوهان جا لک لائق۔
مهرباني سائين مرحوم علي نواز وفائي سچل ڳوٺ ۾ اڪثر ايندو هو ۽ هن پنهنجا قيمتي ۽ تاريخي ڪتاب سگا سچل ڳوٺ کي ڏنا هيا۔ سندس رهاڻيون قابل تعريف هيون۔
سائين تمام بهترين جواهر پاره آهن. توهان جي همت کي سلام آهي جو وقت ڪڍي فورم لاء بهتر ڪم ڪري رهيا آهيو.
قرب سائين جن جا، ۽ لک قرب اهڙن ڏاهن جا جن اهڙا سخن جوڙيا ۽ اسان جهڙن نادان اڻ ڄاڻو ماڻهن لاءِ سوجهرو ڪري علم جي لاٽ ٻاري ويا، ءِ اسان وٽ اهڙن ڏاهن جو ايترو علمي خزانو هئڻ جي باوجود اٻوجهه بڻيل آهيون، مورڳو صفا لا علم آهيون۔ سائين قرب ڪري وڌيڪ بهترين مواد ونڊ ڪندا رهجو۔
مرحوم علي نواز وفائي جي ڪتاب رتيءَ جي رهاڻ تان ورتل ۔۔۔۔۔۔۔۔ حصو ٻيو * انهن محفلن، مجلسن ۾ شريڪ نه ٿيڻ گهرجي، جتي نفرت ۽ حقارت جون حڪايتون ۽ شڪايتون ٿينديون هجن. * ڪفايت ۽ قنايت، سادگي ۽ صفائي، محنت ۽ مشقت، همت ۽ حوصلو، سچائي ۽ صداقت، اهي اهڙيون سهڻيون ۽ صاف، صفتون آهن، جيڪي ڪڏهن به انسان کي، سوالي ٿي ڪري ڪنهن، جي به در تي نه پهچائينديون آهن. * ابن الوقت ڪاريگرن ۽ پيشه ور، خوشامندڙين ۽ اقتدار جي پوڄارين، امن و امان ۾ رنڊڪون وجهندڙ، نفرت ۽ منافقي ڪندڙن ٺلهي ”ها ۾ ها“ ملائيندڙن ۽ سڀ ڪجهه ٺيڪ چوندڙن، چغل خور، گلا ۽ غيبت ڪندڙن، سفيد پوش پيداگيرن، درٻاري ذهنيت رکندڙن بجا خوشامد ڪندڙن، ٻچاپڙن، دلالي ڪندڙن دلالن، شرافت ۽ خاموشيءَ سان نا جائز فائدو وٺندڙن کان پاسو ڪريو. * قومن ۾ صداقت ۽ سچائي جي سمجهه هجي، ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي ۽ بهبودي جي لاءِ جوش ۽ جذبو هجي، سڌاري ۽ واڌاري جي لاءِ لئون ۽ لوري لڳل هجي، پوءِ انهن کي محنت ۽ مشقت، ڪٺن ۽ ڪشالن جي ڪاڻ ڪانه هوندي آهي، ۽ منزلون اچي سندن قدم چمنديون آهن. * اَسرن ۽ اُميدن تي زندگي بسر ڪرڻ، گويا خواب ۽ خيال جي دنيا ۾ رهڻ جي برابر آهي. * انسان جو وڏي ۾ وڏو سرمايو، سندس سهڻيون صفتون آهن. * انسان جي طرف ۽ ڪم ظرفيءَ جي ڪل تڏهن پوندي آهي،جڏهن هن ۾ ڪو ڪم پوندو آهي. * اسانجو معاشرو تنقيد ٻڌڻ لاءِ ڪڏهن به تيار نه هوندو آهي. جنهنڪري ڪيترا اديب ۽ اهل قلم، پنهنجي معاشري جي بنيادي خرابين ڏانهن توجه ڏيڻ جي تڪليف نه ڪندا آهن. صرف سطحي ۽ مٿاڇري طريقي سان سڀ ڪنهن معاملي کي تورڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن. * غلام ذهنيت رکندڙ ماڻهون جڏهن به آزاديءَ جهڙي صاف پاڪ، سهڻي ۽ صداقت واري لفظ استعمال ڪندا آهن. تڏهن آزادي هنن جي بي انتها بي بسي ۽ مجبوريءَ تي ماتم ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهندي. * قلم هڪ امانت آهي، امانت جي حفاظت ڪرڻ عبادت آهي، ۽ امانت ۾ خيانت ڪرڻ ناقابل معافي جرم آهي.
پئسو، پاور ۽ پيئڻ * خلوص سان هر ڪنهن جي مدد ڪرڻ مان ئي، سچي خوشي حاصل ڪري سگهجي ٿي. * پئسي، پاور ۽ پيئڻ کان پوءِ انسان پنهنجي ظرف ۽ ضمير سان ظاهر ٿي پوندو آهي، ته مان ڇا آهيان. * پئسي سان پيار ۽ ملڪيتن سان محبت ڪرڻ ماڻهوءَ جي خسيس پڻي جي نشاني هوندي آهي. * وقت وڏو قيمتي سرمايو آهي، ان جو قدر ڪرڻ تمام ضروري آهي. اندر ۾ نهاريو * علم، تعليم ۽ ترتيب، اهي وصفون پنهنجي مٿي سون کان به سرس آهن، مگر انهن ٽنهي هوندي جيڪڏهن انسان ۾ مردم شناسي نه آهي، ته پوءِ معاملو هميشه منجهيل رهندا آهي. * ڄاڻ سڃاڻ، لڳ لاڳاپن، چڱي ڏيٺ ويٺ کان سواءِ حجت ڪرڻ نهايت ئي ناداني آهي. * پهريائين پنهنجي اندر ۾ نهاريو، پوءِ ٻين جي عيبن متعلق گفتگو ڪريو. * پنهنجي حيثيت کان وڌيڪ ڪڏهن به غلط دعويٰ نه ڪجي. *بي بنياد بهتانن ۽ اجاين الزام تراشين کان انسان کي ڪڏه به گهٻرائڻ نه گهرجي، ۽ پنهنجي نيڪ ۽ مبارڪ مقصد ۾ لڳو رهي. ڇو ته دنيا جو هي دستور آهي، ته هر ترقي ڪندڙ متعلق دنيا ۽ دنيا وارا هوا ۾ لٺيون هڻندا رهندا آهن. مرحوم علي نواز وفائي جي ڪتاب رتيءَ جي رهاڻ تان ورتل