*خوشامد، ماڻهو کي هميشه ئي حقيقت کان پرڀرو ۽ پاسيرو رکندي ايندي آهي. جنهن ڪري سياڻا ۽ سمجهدار، داناءُ ۽ دانشمند، خوشامدڙن درٻاري ذهينت وارن ۽ ها ۾ ها ملائيندڙ کان پري ڀڄندا رهندا آهن۔
*جيستائين ڪنهن به قصي ۽ ڪهاڻي، حقيقت ۽ حڪايت جي پوري پوري پروڙ نه آهي، تيستائين ان جي متعلق ڪابه گفتگو يا ڪنهن به راءِ جو ظاهر ڪرڻ، اڻڄاڻائي ۽ بيوقوفي جي نشاني هوندي آهي.
* روح رهاڻ جي رس رچاءُ ۾ راحت جون ڪئي راز ۽ رمزون سمايل هونديون آهن.
* ذهن، زبان، ضمير ۽ زر، ضروتمندن جي ڪم آڻڻ گهرجي.
* مڻيادار ماڻهن جي مڙسي جو معيار، موقعن ۽ مهلن تي معلوم ٿيندو رهندو آهي.
* مغرور، متڪبر ۽ فرعون صفت ماڻهوءَ سان جڏهن به ملو، تڏهن پنهنجي دل ۾ اهو خيال ڪري ملو، ته ڪنهن خسيس ۽ تمام ننڍي ماڻهو سان ملي رهيا آهيو.
* مسڪين ۽ مجبور ماڻهو جي مجبوريءَ مان مزو وٺڻ، مصيبت سان ملاقات ڪرڻي هوندي آهي.
* حڪومت ۽ محبت، صحت ۽ سونهن بهادري ۽ بي باڪي، فياضي ۽ فراخدلي، مهمان نوازي ۽ مروت، آزمودا ۽ تجربا، عشق ۽ عقل، ڪڏهن به خريد ٿي نه سگهندا آهن.
* سون جي سونهن ۽ سوڀيا، صفائي، سٺائي ۽ سندس جرڪيدار جوهرن جو اندازو، تڏهن لڳائي سگهبو آهي، جڏهن هو باهه جي بٺين ۽ ڀڙڪن مان ٻاهر نڪري نروار ٿيندو آهي.
* ڪنهن به ڳالهه جو جلد فيصلو ڪندڙ، حقيقتن ۽ حڪايتن کان بلڪل بي خبر هوندو آهي.
مرحوم علي نواز وفائي جي ڪتاب رتيءَ جي رهاڻ تان ورتل