منظور ڪلهوڙو
سينيئر رڪن
گذريل هفتي ۾ ڪيترائي هنيا ڏاريندڙ اڻ وڻندڙ واقعا رونما ٿيا، پر انهن مان ٽي وقعا اهڙا ته جي جهنجوڙيندڙ ۽ غير معمولي وقعا ٻڌڻ ۾ آيا، جن جي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ سان ذهن اڃان به ان ڳالهه کي نٿو قبولي،،
13 سالن جي ٽن شاگردن ملڪ جي مختلف شهرن، جهڙوڪ فيصل آباد، ايبٽ آباد ۽ ڪراچي ۾ پاڻ کي ڦاهو ۽ باهه ڏئي هميشه لا هن دنيا کي خيرباد چئي ويا، انهن ٽنهي شاگردن جي خودڪشي ڪرڻ جو سبب استاد جي مار جو ڊپ ، هاسٽل ۾ رهڻ جو خوف ۽ اتي جي استادن جو ناروا سلوڪ ۽ ڪلاس ۾ سٺي پوزيشن نه کڻڻ ڪري والدين ڊپ سبب انهن معصوم ٻارن پنهنجي زندگي جو ڏيئو وسائي ڇڏيو،
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اسين اڃا به سٺي تربيت ڪندڙ والدين نه ٿي سگهيا آهيون؟؟
ڇا اسان وٽ استادن جو رويو محض علمي ڄاڻ ڏيڻ بدران تشدد وسيلي ذهني ڪوفت ڏيڻ رهيو آهي؟
ايبٽ آباد جي نينگر صرف ان ڪري ڦاهو کا۔ي انت آندو جو اهو هاسٽل ۾ رهڻ ن پيو گهري اهو پنهنجي استاد جي ناروا سلوڪ سبب سخت ذهني ڪوفت ۾ مبتلا هيو، اهو پنهنجي اذيت جو ڪنهن سان ذڪر نه ڪري سگهيو بس ويندي ويندي پنهنجي امڙ کي هڪ خط لکي ويو ته ۔۔امان مان توسان ۽ پنهنجي گهر سان ڏاڍو پيار ٿو ڪيان، مونکي هاسٽل مان ڪڍيو وڃي، پر مان سخت پريشان آهيان مونکي ٻي ڪا به واهه نٿي سجهي ان ڪري پاڻ کي ڦاهو ڏئي رهيو آهيان۔۔۔۔
ٻيو واقعو شاگرد پنهنجي استاد جي بيهمانه تشدد ۽ مار جي ڊپ کان اسڪول نه ويو، جنهن تي والدين سختي سان اسڪول وڃڻ لا زور ڀريو پر معصوم ذهن جي ڳالهه کي سمجهڻ بجا انکي ذهني اذيت ايترو ته ڪوفت ڏني جو هن پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو۔۔
ٽيون واقعو ڪراچي ۾ ٿيو اهو به 13 سالن جو نينگر هيو، جنهن پنهنجي پوزيشن ڪارڊ کي پنهنجي والده کا صحيح ڪرائڻ کڻي آيو جيڪا خاص سٺي پوزيشن نه هئي، جنهن ڪري هن پنهنجي پي جي ناراضگي کان بچڻ لا پنهنجي ما کان صحيح ڪرائڻ ٿي گهري، تنهنتي هن جا ما ان تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ۽ سخت لفظن ۾ چيائينس ته پنهنجي پي کان ڪرائجان ته ان کي تنهنجي ڪارڪردگي جي خبر پوي، تنهن تي معصوم ذهن پنهنجي پي جي رويي جي سختي محسوس ڪندي دلبرداشتا ٿي ڪري ڦاهو کائي انت آندو۔۔۔
انهن ٽنهي معصوم ذهنن جي قتل جو ذميدار ڪير آهي، معاشرو، والدين يا استاد؟؟