• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

13 سالن جي ٽن معصوم شاگردن جي خودڪشي۔

منظور ڪلهوڙو

سينيئر رڪن
گذريل هفتي ۾ ڪيترائي هنيا ڏاريندڙ اڻ وڻندڙ واقعا رونما ٿيا، پر انهن مان ٽي وقعا اهڙا ته جي جهنجوڙيندڙ ۽ غير معمولي وقعا ٻڌڻ ۾ آيا، جن جي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ سان ذهن اڃان به ان ڳالهه کي نٿو قبولي،،
13 سالن جي ٽن شاگردن ملڪ جي مختلف شهرن، جهڙوڪ فيصل آباد، ايبٽ آباد ۽ ڪراچي ۾ پاڻ کي ڦاهو ۽ باهه ڏئي هميشه لا هن دنيا کي خيرباد چئي ويا، انهن ٽنهي شاگردن جي خودڪشي ڪرڻ جو سبب استاد جي مار جو ڊپ ، هاسٽل ۾ رهڻ جو خوف ۽ اتي جي استادن جو ناروا سلوڪ ۽ ڪلاس ۾ سٺي پوزيشن نه کڻڻ ڪري والدين ڊپ سبب انهن معصوم ٻارن پنهنجي زندگي جو ڏيئو وسائي ڇڏيو،
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اسين اڃا به سٺي تربيت ڪندڙ والدين نه ٿي سگهيا آهيون؟؟
ڇا اسان وٽ استادن جو رويو محض علمي ڄاڻ ڏيڻ بدران تشدد وسيلي ذهني ڪوفت ڏيڻ رهيو آهي؟
ايبٽ آباد جي نينگر صرف ان ڪري ڦاهو کا۔ي انت آندو جو اهو هاسٽل ۾ رهڻ ن پيو گهري اهو پنهنجي استاد جي ناروا سلوڪ سبب سخت ذهني ڪوفت ۾ مبتلا هيو، اهو پنهنجي اذيت جو ڪنهن سان ذڪر نه ڪري سگهيو بس ويندي ويندي پنهنجي امڙ کي هڪ خط لکي ويو ته ۔۔امان مان توسان ۽ پنهنجي گهر سان ڏاڍو پيار ٿو ڪيان، مونکي هاسٽل مان ڪڍيو وڃي، پر مان سخت پريشان آهيان مونکي ٻي ڪا به واهه نٿي سجهي ان ڪري پاڻ کي ڦاهو ڏئي رهيو آهيان۔۔۔۔

ٻيو واقعو شاگرد پنهنجي استاد جي بيهمانه تشدد ۽ مار جي ڊپ کان اسڪول نه ويو، جنهن تي والدين سختي سان اسڪول وڃڻ لا زور ڀريو پر معصوم ذهن جي ڳالهه کي سمجهڻ بجا انکي ذهني اذيت ايترو ته ڪوفت ڏني جو هن پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو۔۔

ٽيون واقعو ڪراچي ۾ ٿيو اهو به 13 سالن جو نينگر هيو، جنهن پنهنجي پوزيشن ڪارڊ کي پنهنجي والده کا صحيح ڪرائڻ کڻي آيو جيڪا خاص سٺي پوزيشن نه هئي، جنهن ڪري هن پنهنجي پي جي ناراضگي کان بچڻ لا پنهنجي ما کان صحيح ڪرائڻ ٿي گهري، تنهنتي هن جا ما ان تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ۽ سخت لفظن ۾ چيائينس ته پنهنجي پي کان ڪرائجان ته ان کي تنهنجي ڪارڪردگي جي خبر پوي، تنهن تي معصوم ذهن پنهنجي پي جي رويي جي سختي محسوس ڪندي دلبرداشتا ٿي ڪري ڦاهو کائي انت آندو۔۔۔
انهن ٽنهي معصوم ذهنن جي قتل جو ذميدار ڪير آهي، معاشرو، والدين يا استاد؟؟
 
انا لله وانا اليه راجعون ۔۔۔۔

ڏکوئيندڙ خبر آهي ۔۔۔ جيتوڻيڪ اهڙا وقعا پوري دنيا ۾ ٿيندا رهنٿا ۔۔۔۔ پر پو به پوري پاڪستان جو نظام ۽ خاص ڪري سنڌ جو نظام تمام ڏکوئيندڙ آهي ۔۔۔ هر طرف مايوسي، قتلام، بي ايماني، رشوت ۽ اقرباپروري وارو سماج ٿي پيو آهي ۔۔۔ نه خلوص نه سچائي ۽ نه وري پروفيشنلزم آهي ۔۔۔ انڪري اهڙن واقعن ۾ گهڻائي ٿيندي ۔۔۔ ڪمي جو امڪان تڏهن ٿيندو جڏهن پورو نظام نئين سر جڙندو ۔۔۔

۽ موجوده پاڪستان ۾ رهندڙ قومون نئين سر معاهده ڪري حڪومتي سطح تي تبديلي آڻن ۔۔۔ رياست سماجي براين ۽ ڀلاين جي ذميوار هوندي آهي ۔۔۔ انڪري معاشري ۾ ڀلائي جو اچڻ مطلب ته رياستي ادارن ۾ ڀلائي پئدا ڪرڻ آهي۔

الله پناه ۾ رکي اسانجي پوري معاشري ۽ قوم کي ۔۔۔ آمين
 
افسوس واري خبر آهي۔

ٻارن جي نفسيات کي سمجهڻ انتهائي ضروري آهي۔ اڄڪلهه والدين ٻارن کي سٺن اسڪولن ۾ وڏين فيسن ذريعي داخل ڪرائي ڄڻ ته پنهنجا سڀ فرض پورا ڪري ٿا ڇڏين ۽ ٻار ڇا ٿو سوچي ان تي توجهه ئي نه ٿا ڏين۔ ياد رکو ٻارن کي سمجهڻ لاء پاڻ کي به ٻار ٿيڻو پوندو آهي۔ والدين کي هٿ ٻڌي عرض آهي ته مهرباني ڪري پنهنجي ٻارن کي وقت ڏيو، انهن کي سمجهو ۽ هنن جي صحيح پرورش سان گڏ صحيح رهنمائي به ڪيو۔

اسان جي معاشري ۾ موجود روش سبب هي ٽئي واقعا ٿيا آهن، جن گهڻو صدمو پڻ پهچايو آهي، ٻارن جي هن ڪچڙي ذهن ۽ ننڍي عمر ۾ ڪيل خودڪشي الائي ڇو مونکي پريشان ڪري رهي آهي۔
 
Back
Top