عامر گڏاڻي
سينيئر رڪن

غزل
وھ جي وٽــــــــي آ زندگي
پوءِ ڀي سُـٺـــــــي آ زندگي
تون ساڻ ھئين سولي ھُئي
تو بن ڏکي آ زندگـــــــــــي
ھُن گل چوٽيءَ ۾ ھنيو
تنهن مان ڦُٽي آ زندگـي
جا ساھ کان پياري ھُئ
تنهن ئي ڪُـٺي آ زندگي
هن عشق جي آڙاھ ۾
پل پل دکي آ زندگـــي
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
عامر گڏاڻي