شاعري

عامر گڏاڻي

سينيئر رڪن
clip_image002.gif

غزل
وھ جي وٽــــــــي آ زندگي
پوءِ ڀي سُـٺـــــــي آ زندگي
تون ساڻ ھئين سولي ھُئي
تو بن ڏکي آ زندگـــــــــــي
ھُن گل چوٽيءَ ۾ ھنيو
تنهن مان ڦُٽي آ زندگـي
جا ساھ کان پياري ھُئ
تنهن ئي ڪُـٺي آ زندگي
هن عشق جي آڙاھ ۾
پل پل دکي آ زندگـــي
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
عامر گڏاڻي​
 
تون ساڻ ھئين سولي ھُئي
تو بن ڏکي آ زندگـــــــــــي
تو بن ڏکي آ زندگي۔۔۔ خيال خوب آهن۔۔۔ سائين منهنجا سنڌ سلامت تي ڀليڪار۔۔۔​
 
واه واه ۔۔۔ سادا سهڻا ۽ موچارا لفظ پر ترنم ايترو جو اصل دل جهومائي وجهن ۔۔۔
ڪوڊ:
ھُن گل چوٽيءَ ۾ ھنيو
تنهن مان ڦُٽي آ زندگـي
دوست عامر گڏاڻي صاحب کي دل جي گهراين منجهان ڀليڪار
 
ھُن گل چوٽيءَ ۾ ھنيو
تنهن مان ڦُٽي آ زندگـي
هن عشق جي آڙاھ ۾
پل پل دکي آ زندگـــي
عامر سائين لاجواب ۔۔۔۔۔۔۔۔ اوهان جي شاعري ڏاڍي وڻي، سادي ۽ سولي ٻولي ۽ سهڻن لفظن جو استعمال​
 
Back
Top