نا اميد نه ٿيو ۔۔ هي دنيا فاني آهي۔۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ۽ مون جڏهن ڏهين منزل تان ٽپو ڏنو۔۔۔
    منهنجي ته سموري زندگي سورن ۽ ڏکن سان ڀريل هئي۔۔
    ڪو حل به ته نظر نه پيو اچي۔۔۔
    بس خودڪشي ئي هڪ حل هيو۔۔
    ٽپو لڳايان يا نه۔۔۔۔؟
    ۽ پوءِ مون واقعي ٽپو لڳائي ڇڏيو۔۔۔
    ◊◊◊◊◊◊
    هي نائين منزل آهي۔۔۔
    اڙي هي ته اهي ٻئي زال مڙس آهن۔۔
    جن جي محبت جو چرچو عام هيو۔۔
    هنن جي خوشي سان ڀريل زندگي جو ته بلڊنگ ۾ مثال هو۔۔
    هي ڇا۔۔۔۔؟ هي ته پاڻ ۾ وڙهن پيا۔۔۔
    معنى هي پاڻ ۾ ڪڏهن به خوش خرم نه هئا۔۔۔
    ◊◊◊◊◊◊
    هي اٺين منزل آهي۔۔۔
    هي ته اسان جي بلڊنگ جو مشهور کل مک نوجوان آهي۔۔۔
    جيڪو روئندڙ به کلائي وٺندو هو۔۔۔
    پر هي ڇا۔۔۔۔؟ هي ته پاڻ روئي پيو۔۔
    ◊◊◊◊◊◊
    هي ستين منزل آهي۔۔۔
    اڙي هي اسان جي بلڊنگ جي اها عورت ناهي۔۔۔؟
    جيڪا پنهنجي شوخي ۽ چنچل ادائن ڪري مشهور هئي۔۔۔
    پر هي ڇا۔۔۔؟ هي ته ايتريون دوائون پئي کائي۔۔۔
    معنى هيءَ ته دوائن جي ذريعي زنده آهي۔۔۔
    هل۔۔۔ معنى ويچاري ايڏو بيمار آ۔۔۔۔
    ◊◊◊◊◊◊
    هي ڇهين منزل آهي۔۔
    هي ته پنهنجو پاڙيسري انجينيئر آهي۔۔
    ويچاري پنج سال اڳ انجينيئرنگ پوري ڪئي هئي۔۔۔
    ۽ تڏهن کان اخبار خريد ڪري روزانا جا
    اشتهار ڏسندو آهي۔۔۔
    ◊◊◊◊◊◊
    هي پنجين منزل آهي۔۔۔
    او هي ته اهو ئي پوڙهو آهي۔۔۔
    ويچارو هميشه انتظار ۾ رهندو آهي ته ڪير اچي سندس سار لهي۔۔۔۔
    پنهنجي شادي شده پٽن ۽ ڌيئرن جو بس انتظار ئي ڪندو رهندو آهي۔۔۔
    پر ڪڏهن به ڪير سندس در تي نه آيو۔۔۔
    ويچارو ڪيڏو نه اداس پيو لڳي۔۔۔
    ◊◊◊◊◊◊
    هي چوٿين منزل آهي۔۔۔
    اڙي هي ته هميشه کلندڙ مسڪرائيندڙ خوبصورت پاڙي واري آهي۔۔
    ويچاريء جي مڙس کي مرندي ٽي سال ٿي ويا آهن۔۔۔
    سڀئي ته اهو پيا سمجهن ته وقت سندس درد مٽائي ڇڏيا آهن۔۔۔
    پر هيء ته اڃان به مڙس جي تصوير کنيو روئي پئي۔۔۔
    ◊◊◊◊◊◊
    ڏهين منزل تان ٽپو لڳائڻ وقت ته مون سوچيو هو ته رڳو ۔۔۔
    مان ئي هان جيڪا هن دنيا ۾ غمگين ۽ پريشان آهيان۔۔
    مونکي ته هاڻي خبر پئي ته هتي ته سمورن کي سور ۽ درد آهن۔۔۔
    ۽ ٻين جي غمن کي ڏسجي ته اهي ته منهنجين پريشانين کان به وڏا آهن۔۔۔
    ◊◊◊◊◊◊
    ٽپو لڳائڻ کان پوءِ زمين ڏانهن ايندي جن کي مان ڏسندي ٿي آيس۔۔۔
    هاڻي اهي سڀ مون کي ڏسي رهيا آهن۔۔۔
    ◊◊◊◊◊◊
    سبق: ڪاش هرڪو اهو سوچي ته ٻين جا دک درد ته پنهنجن سورن کان به سوايا آهن۔۔ پر پوءِ به هو ڪهڙي طرح نه خوشيءَ سان زندگي پيا گذارين۔۔۔ ۽ هميشه پنهنجي رب جو شڪر پيا ادا ڪن۔۔۔
    دوستو هي دنيا فاني آهي۔۔ هن دنيا ۾ موجود هرشي الله جي ويجهو ڪنهن مڇر جي هڪ پر جي برابر به ناهي۔۔۔ ۽ ياد رکو ته الله تعالى صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي۔۔۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    خودڪشي ڪندڙ انسان مخصوص وقت ۽ محدود سوچ جو قيدي هوندو آهي، کيس موت ئي آخري رستو ۽ تمام مسئلن جو حل لڳندو آهي۔ پر کيس ان ڳالهه جو احساس نه هوندو آهي ته فقط ڪجهه وقت جو صبر کيس مسئلن جي حل سان گڏ وگڏ زندگي به بچائي سنگهي ٿو۔
    پهترين ۽ سبق آموز ڪهاڻي تي مشتمل موضوع ونڊ ڪرڻ جي مهرباني۔۔

    دعا ۾ ياد
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين لطيف سهڻي به جيئڻ جو سبق سيکاريو آهي جيئڻ ڪاڻ جيڏيون مون وڏا وس ڪيام. حوصلي سان صبر سان دنيا جي تمام پريشانين کي برداشت ڪرڻ ئي انسان جو اهو گڻ آهي جيڪو ٻين شين ۾ ڪونهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سبق آموز آکاڻي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مان هڪ گانو اڪثر ٻڌندو آهيان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    دنيا ۾ ڪتني غم هين، لوگون ڪي غم ديک ڪي ، مين اپنا غم ڀول گيا ۔۔۔۔۔۔

    بس هي دنيا ئي اهڙي آهي، تنهنڪري ڪوشش ڪيو ته ٻين کي خوشيون ڏيو ۽ پنهنجن غمن کي ڀلائڻ جي ڪوشش ڪيو، ڏکيو ضرور آهي پر ناممڪن ناهي۔

    صفا ڳالهه اڳتي وڌي وڃي ته به خودڪشي نه ڪيو هڪ دفعو علي ظفر يا وري عرس پريي سان ملو، اوهان خوشي محسوس ڪندا۔ پر اهو ياد رکو ته اهڙي صورت ۾ ڪڏهن به رشيد سمون سان نه ملجو نه ته سمجهو ته ڪم لهي ويا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ هڪ شخص داخل ٿيو ۽ چيائين ته ڊاڪٽر صاحب مان مرڻ ٿو چاهيان، مون کي ڪا اهڙي دوا ڏيو جو مون کي ڪا تڪليف نه ٿئي ۽ آساني سان موت اچي وڃي۔۔ ڊاڪٽر ان شخص کي خودڪشي خلاف ۽ رندگي جي اهميت سمجهائڻ لڳو پر هو شخص ڪجهه به ٻڌڻ لاء آماده نه هو ۽ هن سختي سان ڊاڪٽر کي وڌيڪ نصيحتن ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو۔۔
    جڏهن ڊاڪٽر کي ڪو رستو نظر نه آيو ته ان شخص کي چيائين ته منهنجي هڪ گذّارش آهي، هن شهر ۾ هڪ سرڪس لڳل آهي، ٻڌو آهي ته اتي هڪ اهڙو مشڪرو آهي جيڪو هر ڪنهن کي کلائي ڇڏي ٿو ڀلي ڪيڏو به سنجيده ۽ سخت مزاج ماڻهو هجي پر هن سرڪس مان کلندي موٽندو آهي۔۔ تون اڄ رات سرڪس ڏسڻ وڃ۔۔ ٿي سگهي ٿو سڀاڻي تون پنهنجو فيصلو بدلائي ڇڏين۔۔
    اهو شخص ڏاڍو اداس ٿي ويو ۽ گنڀير آواز ۾ چيائين ته
    ”ڊاڪٽر صاحب اهو مشڪرو مان ئي ته آهيان“

    ۔۔۔
    جيڪڏهن علي ظفر يا عرس پريي تي اهو ڀوت سوار ٿئي ته ڪاڏي وڃن؟
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڀاء سلطان اوهان جون ڳالهيون به وزندار ۽ سمجهه وارن لاء سڀ ڪجهه آهن ۔۔۔۔۔۔۔

    پر يار مون اهو ڪٿي لکيو آهي ته اسان جا هي ٻئي دوست ڪي مسخرا يا مزاحيه فنڪار آهن۔ اصل ۾ ڪجهه ڳالهيون لڪل آهن جن کي ظاهر نه ٿو ڪري سگهجي۔ باقي اوهان جي ان ڳالهه ۾ به وزن آهي ته اڄڪلهه ٻين کي کلائيندڙ پاڻ اندر ۾ ڏک ۽ درد پالي به ٻين کي مسڪرائيندا رهن ٿا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڏک، پيڙائون ۽ بي واجبيون انسان جي وجود سان ازل کان جڙيل آهن، ڪائنات جي جڙڻ کانپو جيڪي نبي پاڪ آيا تن جي زندگين جو جيڪڏهن مشاهدو ڪبو ته جيڪي انهن ڏک ۽ ڏوجهرا ، پنهنجن جون بي واجبيون سٺيون انهن جو ڪاٿو نه ٿو لڳائي سگهجي، حضرت آدم عليه السلام کان ويندي اسان جي پياري سڳوري مُحمّۡد مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم جن جي ذات حيات کي غور سان مشاهدو ڪندا سين ته جيڪي اذيتون ، جيڪي تڪليفون انهن جي زندگاني ۾ انکي اتان جي عام بي سمجهه ماڻهن ڏنيون اهو الله جو شان باري آهي ۽ انهن جي صبر جو وڏو امتحان پڻ هيو ۽ جيڪي ٻين نبين عليه السلام جن کي ايڏو صبر وارو عطا ڪيو جو ايڏا سور سهي پو به پنهنجي قوم يا امت کي ڪا به ميار نه ڏيندا هئا، هر حال ۾ رب جي رضا ۾ راضي رهندا هئا۔۔ حضرت يوسف عليه السلام جي حياتي جو مشاهدو ڪبو ته جيڪا تڪليف ۽ اذيت ان کي ملي، پنهنجن ڀائرن جي بي واجبين کان ويندي مصر جي بازارن ۾ فروخت ٿيڻ تائين، وري 7 سال قيد خاني ۾ بيگناهه سزا کائڻ کان ويندي پنهنجي ما پي کان جدائي تائين جي ان ايڏي وڏي عرصي ۾ جيڪا ان تڪليف کاڌي اها اسان عام انسانن لا وڏو مثال آهي، ان الله جي پياري ٻانهي ڪڏهن به الله جل شانههُ جي شان ۽ عظمت کان مايوس نه ٿيو، بس صبر ۽ تحمل مزاجي جو مّظاهرو ڪندي الله جي رضا م راضي رهيو۔ ۽ ان نبي جي والد محترم حضرت يعقوب عليه السلام ڪيترا سال پنهنجي پٽ جي جدائي ۾ اکين مان لڙڪ وهائيندو رهيو ايترو جو ان جي اکين جو نور نه نه رهيو، پر ڪڏهن به شڪايت جا لفظ پنهنجي چپن تي نه آندائين۔ ڇو ته ان کي پنهنجي پاڪ الله جي ذات تي وڏو ويساهه هو، سدائين پنهنجي پاڪ الله جي رحمت تي يقين ۽ ڀروسو قائم رکيائين ۽ رب جي رحمت آخرڪار هيڏي وڏي صبر کانپو ان پياري نبي کي پلئه پئي، ۽ ان کي ايڏي شان ۽ عضمت وارو بڻايائين ۽ ان جي پٽ حضرت يوسف عليه السلام کي ايترو شرف عطا ڪيائين جو جيڪو مصر جي بازارن ۾ غلام بڻجي فروخت ٿيو ان کي مصر جو بادشاهت سان نوازيائين، ۽ آس پاس جي سڀني ملڪن جا ماڻهو خود حضرت يوسف عليه السلام وٽ گروي ۽ غلام ٿي وڪجي آيا۔ اهو آهي صبر جو ثمر۔

    ان مان ثابت ٿيو ته صبر ئي الله پاڪ جي رضا ۽ قربت حاصل ڪرڻ جو پيارو ۽ وڻندڙ عمل آهي، الله جو قرب صبر ڪرڻ سان ئي حاصل ڪري سگهبو آهي، ن ڪي مايوس ٿي غلط رستو اختيار ڪري هميشه لا الله پاڪ جي ناراضگي حاصل ڪري پاڻ کي گنهگار بڻائي وجهون۔ سدائين گڏ
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    سبق آموز آکاڻي
     
  9. امين سمون

    امين سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    47
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    ادا مايوسي ڪفر آهي ۽ ڏک سکن جي سيج آهن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو