مست
سينيئر رڪن
اسلام عليڪم دوستو اُميد آهي ته الله پاڪ جي ڪرم سان توهان خوش هوندو۔
دوستو هڪ مسئلو مون کي تمام گهڻو تنگ ڪري رهيو آهي۔
مان شاهه سائين جي رسالي جي ڪمپوزنگ ڪري رهيو آهيان۔ ان جي لاءِ توهان کي خبر آهي ته شاهه سائين جي رسالي ۾ گهڻين ئي جڳهين تي آياتِ ڪريمه به شامل آهن ۽ اونئن به شاهه صاحب جي پنهنجي ڪلام جنهن ۾ آيات نه هجن تڏهن به اُتي زير زبر پيش کان علاوه ٻيون عربي نشانيون استعمال ٿين ٿيون۔
هاڻي مسئلو هيءُ آهي ته مون ڪيترائي سنڌي فونٽس استعمال ڪري ڏٺا آهن پر ڪنهن ۾ به اعراب وغيره جون نشانيون ڊزائين سان ٺهڪن نه ٿيون۔ هڪڙو مثال اهو ڏيان ٿو ته ايم بي ستار فونٽ ۾ مان جڏهن شَد لکي وري زبر ڏيندو آهيان ته پوءِ زبر شد جي هيٺان ايندي آهي جڏهن ته اُصولي طور تي اها شد جي مٿان اچڻ گهرجي۔۔ اهڙي طرح مَد وغيره جو به مسئلو آهي۔۔ مهرباني ڪري مونکي ڪو اهڙوفونٽ ٻڌايو يا وري توهان مان ڪيترائي دوست سنڌي فونٽس ڊزائنر به آهن ته مهرباني ڪري ان مسئلي کي حل ڪن ته جيئن عربي جون نشانيون سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي۔