عربيءَ جون نشانيون سنڌيءَ ۾

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏3 آڪٽوبر 2009۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    اسلام عليڪم دوستو اُميد آهي ته الله پاڪ جي ڪرم سان توهان خوش هوندو۔
    دوستو هڪ مسئلو مون کي تمام گهڻو تنگ ڪري رهيو آهي۔
    مان شاهه سائين جي رسالي جي ڪمپوزنگ ڪري رهيو آهيان۔ ان جي لاءِ توهان کي خبر آهي ته شاهه سائين جي رسالي ۾ گهڻين ئي جڳهين تي آياتِ ڪريمه به شامل آهن ۽ اونئن به شاهه صاحب جي پنهنجي ڪلام جنهن ۾ آيات نه هجن تڏهن به اُتي زير زبر پيش کان علاوه ٻيون عربي نشانيون استعمال ٿين ٿيون۔
    هاڻي مسئلو هيءُ آهي ته مون ڪيترائي سنڌي فونٽس استعمال ڪري ڏٺا آهن پر ڪنهن ۾ به اعراب وغيره جون نشانيون ڊزائين سان ٺهڪن نه ٿيون۔ هڪڙو مثال اهو ڏيان ٿو ته ايم بي ستار فونٽ ۾ مان جڏهن شَد لکي وري زبر ڏيندو آهيان ته پوءِ زبر شد جي هيٺان ايندي آهي جڏهن ته اُصولي طور تي اها شد جي مٿان اچڻ گهرجي۔۔ اهڙي طرح مَد وغيره جو به مسئلو آهي۔۔ مهرباني ڪري مونکي ڪو اهڙوفونٽ ٻڌايو يا وري توهان مان ڪيترائي دوست سنڌي فونٽس ڊزائنر به آهن ته مهرباني ڪري ان مسئلي کي حل ڪن ته جيئن عربي جون نشانيون سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي۔​
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جي ادا اسان سان فونٽ ڊيزائينر موجود آهن جن ۾ ادا ايس ايم صارم صاحب، ادا ابو واصف، ادا ابوزين ۽ هاڻي ادا عامر ضياء چارڻ پڻ شروعات ڪئي آهي۔۔۔۔
    جنهن حد تائين ادا ابوزين جو تعلق آهي ته انهن ڪجهه فونٽس جي ونڊ ڪئي هئي ۔۔۔۔ مهرباني ڪري هن لنڪ جو ڦيرو ڀريو۔۔۔۔

    http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=1208
     
  3. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    عربي عبارتون لکڻ لاءِ عربيءَ جا فونٽ استعمال ڪريو، جن جو لنڪ سائين عبدالرشيد صاحب مٿي شيئر ڪيو آهي، البته شد جو مسئلو اهو آهي ته جيڪڏهن شد لکي پوءِ انهيءَ تي زبر لڳائبي ته زبر شد جي مٿان ايندي ۽ جيڪڏهن زبر لکي پوءِ شد ڏني ته زبر شد جي مٿان ايندي.
    انهيءَ کان سواءِ عربي لقبن جا ڪجهه فونٽ مون وٽ موجود آهن، جن کي ٿورڙي تلاش کان پوءِ انشاء الله هتي شيئر ڪندس.
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا توهان صحيح ٿا چئو مان عربي فونٽس استعمال ڪندو رهيو آهيان۔۔۔ پر مسئلو اهو آهي ته هڪڙي ئي شعر جي هڪڙي سِٽ جي اندر ڳ جو لفظ به موجود هجي ۽ وري عربي نشانيون هجن ته پؤ اسان ڇا ڪريون۔
    باقي زبر مان پهرين لکي پؤ شد ڏيان ٿو ته مسئلو اهو ٿئي ٿو نه ته ٻي صورت ۾ ته شد ڏسڻ ۾ ئي ڪانه ٿي اچي۔۔۔۔
    توهان کي هڪڙي گذارش آهي ته توهان عربي فونٽس ۾ ٿوري چينجنگ ڪري پؤ انهي قابل بڻايو ته سنڌي جي اهڙي شعرن ۾ استعمال ڪري سگهون۔
    مهرباني
    sindhsalamatsaathsal
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا مان انهي لنڪ تي ويو آهيان پر ان ۾ قرآني آيات مون وٽ صحيح ڊسپلي نه ٿيون ٿين۔ حالانڪه مون وٽ سنڌي سپورٽ ۽ فونٽس وغيره به انسٽال ٿيل آهن ۽ مان سنڌي ڪي بورڊ به استعمال ڪيان پيو پر ڳالهه ساڳي آهي۔۔

    i checked it from another pc where Sindh support is not installed, here it is displayed very well
     
  6. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    عربي لقبن جا فونٽ هتان ڊائون لوڊ ڪريو

    محمدي قرآن فونٽ ۾ مڪمل قرآن مجيد هتان ڪاپي ڪريو(فائل کولڻ کان اڳ ۾ محمدي قرآن فونٽ انسٽال ڪرڻا پوندا، جيڪي توهان اڳ ۾ ڪاپي ڪري چڪا آهيو)

    توهان وٽ عربي فونٽ ڊسپلي نٿا ٿين، ٿوڙو وضاحت سان ٻڌايو ته جيئن انهيءَ مسئلي جو حل به ڳولهي وٺي.
    هڪڙي ڳالهه کي يقيني بڻايو ته ريجنل سيٽنگ ۾ ايشين لينگئيجز ۽ ليفٽ رائيٽ لينگئيجز انسٽال هجڻ گهرجن.
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: عربيءَ جون نشانيون سنڌيءَ ۾

    الحمدلله ادي ابوزين کي عربي لکڻ تي عبور آهي، سبحان الله
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو