• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄ جي بجيٽ دنيا جو سڀ کان وڏو ڪوڙ

نثارابڙو

نائب منتظم
251933_10150924861148948_2109064734_n.jpg
هونءَ ته دنيا جي سڀني رياستي ادارن ۾ ڪوڙ جو ڪجهه نه ڪجهه عنصر هوندو آهي پر پاڪستان جي پارليامنٽ ۾ ۽ اڄ جي بجيٽ تقرير ۾ جيترا ڪوڙ ڳالهايا ويا، جنهنجي ڪا حد ناهي ... آءُ سمجهان ٿو گنيز بڪ وارن کي دعوت ڏئي گهرايو وڃي ها ته پاڪستان جي پارليامنٽ جي هي بجٽ ڪوڙ جا سڀ تمغا کٽي وٺي ها .....

افسوس سنڌ نماڻي ڪهڙي ته ملڪ ۾ ڦاٿي آهي ....؟؟؟؟ ڪوڙن، ٺڳن، بي ايمان، قاتل ۽ ڪفن چورن جو ملڪ ۽ اهڙا ئي انجا وزير ۽ حڪمران ....

آَخري جملو .... اسپيڪر صاحبه، الله تعالا پاڪستان کي سڀ ڪجهه ڏنو آهي، جنهنکي اسان لٽڻ ۾ پنهنجون سڀ توانايون خرچ ڪنداسون ۽ عوام سان اهڙي حالت ڪنداسون جو کين ماءُ جو کير ياد اچي ويندو .....

الله پناهه ۾ رکي .... رب سنڌ کي هنن ڳجهن مان بچائي .... آمين
 
هاهاهاها ۔۔۔ سائين نثار اوهان به درويش آهيو

صرف هيء بجيٽ ئي نه پر هر بجيٽ ڪوڙي هئي ۽ اڳتي به ايئن ئي ڪوڙ ڳالهايا ويندا۔ بجيٽ انگن اکرن جي ڦير ڦار کانسواء ڪجهه ناهي هوندي۔ مونکي اڄ تائين ڪابه بجيٽ سمجهه ۾ ناهي آئي سواء پگهار وڌڻ ۽ ٽيڪس ريٽ وڌڻ جي۔
 
آءُ سمجهان ٿو گنيز بڪ وارن کي دعوت ڏئي گهرايو وڃي ها ته پاڪستان جي پارليامنٽ جي هي بجٽ ڪوڙ جا سڀ تمغا کٽي وٺي ها .

نثار سائين سدائين خوش هجو اوهان جي تحرير ۾ مٿيون جملو پڙهي ڏاڍو ڏک رسيو ۔ دنيا جي بهترين ۽ ايماندار ادارن مان هڪ گنيز بڪ وارا به آهن ۔ اوهان انهن کي غليظ قسم جي پارليامينٽ لاءِ دعوت ٿا ڏيو !!!! حيرت به ٿئي ٿي ۽ ڏک به ۔ هميشه دعوت سٺي مقصد لاءِ ڏبي آ ۔
 
ڇا ٿو چئي سگهجي، عوام سڀ سمجهي ٿي پر وري به الائي ڇو چپ ڪري ويٺي آهي،
جيئن اهي وزير ايوان ۾ هڪ ٻئي جا ڪپڙا وڙهي ڦاڙين ٿا۔۔ ايئن عوام انهن کي ڪُٽي سٽي وچ بازار ۾ ابتو ٽنگي ته ڪو ملڪ سڌري باقي اونئن ڪو آسرو ناهي۔۔۔ ههههه
 
Back
Top