مست
سينيئر رڪن
چين ۾ هڪ اهڙو حيرت انگيز ٻار موجود آهي جيڪو اونداهيءَ ۾ پڻ ايئن ڏسي سگهي ٿو جيئن اسان روشنيءَ جي حالت ۾ ڏسندا آهيون، مزي جي ڳالهه ته هو اونداهيءَ ۾ هر تحرير به پڙهي سگهي ٿو ۽ سندس اکيون ٻليءَ وانگر ٻرن ٿيون۔۔۔ ان جي ڪري کيس cat-boy به سڏيو پيو وڃي۔
سندس نالو نونگ يوهائي آهي، سندس عمر ست سال آهي، سندس پيءَ موجب ته سندس اکين جو رنگ ڏسي کيس ننڍي هوندي فڪر ٿي هئي، پر ڊاڪٽرن اهو چئي کيس بي فڪر ڪيو ته جيئن هو وڏو ٿيندو سندس اکيون درست ٿي وينديون، پر وڏي ٿيڻ ساڻ سندس اکيون وڌيڪ چمڪڻ لڳيون، اهو ڏسي هو وڌيڪ فڪر مند ٿيو،
سائنسدانن ان ٻار جون مختلف وقتن تي مختلف ڪيفيتن ۽ حالتن ۾ ٽيسٽون ورتيون جنهن سان اهو آشڪار ٿيو ته هو اونداهيءَ ۾ واضح ڏسڻ سان گڏ پڙهي به سگهي ٿو جيئن ماڻهو روشنيءَ ۾ پڙهندا آهن۔۔ ان سان گڏ سندس اکيون اونداهه ۾ چمڪن پڻ ٿيون، ڊاڪٽرن موجب اهو جينياتي عمل ۾ ردو بدل جو نتيجو ٿي سگهي ٿو جيڪو اونئن ته غير فطري آهي پر هن ٻار جي ڪيس ۾ فطري آهي۔۔


