ڪيترا سال اڳ مون هڪ آکاڻي پڙهي هئي جنهن ۾ هڪ انقلابي ڪردار، پنهنجي پويان پيل سپاهه جي خوف سبب تمام وڏي ريگستان ۾ وڃي نڪري ٿو، ريگستان تمام وڏو ۽ اڻ کٽ هيو، هو ان ريگستان ۾ هلندو رهيو پر ريگستان هو جو کٽڻ جو نالو ئي نه ٿي ورتو ... آخر هو اڃ ۽ گرميءَ سبب واريءَ جي هڪ دڙي تي مهن ڀر ڪري پوي ٿو .... ٿڪاوٽ سبب کيس ڪجهه دير لاءِ اک لڳي وڃي ٿي ۽ جڏهن سندس اک کلي ٿي ته اتي ئي پنهنجي موت جي خوف کان روئڻ شروع ڪري ٿو، پر روئيندي روئيندي سندس اک هڪ ننڍڙي ٻوٽي تي پوي ٿو جو هن ريگستان ۾ نه فقط سرسبز بلڪه ننڍڙا ننڍڙا گل ساڻ کڻي حياتيءَ جا مزا وٺي رهيو هو. هن انقلابي ڪردار سوچيو ته هن هيڏي وڏي ريگستان ۾ هڪ ننڍڙو ٻوٽو پنهنجي حياتي برقرار رکي سگهي ٿو ته آءُ انسان ٿي ڪري، پاڻ کي موت جي حوالي ڪيو آهي. ڇو نه اٿان ۽ آخري دم تائين جدوجهد ڪريان!!!! ۽ هو همٿ ڪري اٿي هلڻ شروع ڪري ٿو ۽ آخر ريگستان کي پار ڪري وٺي ٿو ....
بهترين سبق آموز سٽون ۔۔۔۔۔۔۔ مونکي لطيف سائين جي هڪ سٽ ياد اچي رهي آهي پاڻهي ايندم حوت پر ڪجهه آء به اڳڀري ٿيان
ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم۔ هڪ ڏاهپ واري آکاڻي هن اڳڻ جي زينت بنائڻ تي اوهان جا لک لائق۔انسان جو حوصلوان کان وڏا وڏا جبل جڳهائيندو آهي۔بقول شاعر جي :_ درياه هجئي يا صحرا،اسين پار ڪرڻ وارا ماڻهون،اسين پيار ڪرڻ واري ماڻهون۔ جيڪڏهن حوصلي سان گڏ اسان پنهجي مقصد سان پيار ڪرڻ وارا ماڻهون ثئي وڃون ته درياه يا جبل يا صحرا ڇا پر اسان سمنڍ به تري پار ڪري سگهون ٿا۔توهانجي آکاڻي واري انقلابي ڪردار هڪ ننڍي ٻوٽي کان سبق حاصل ڪري صحرا پار ڪيو ،جڏهن ته اسان لاء الله پاڪ هن دنيا ۾ ايتريون ڪيتريون شيون خلقيون آهن،جيڪي اسان جي اردگرد موجود هونديون آهن پر اسان انهن کي ڪا اهميت نه ڏيندا آهيون،جيڪڏهن انهن کان اسان رهنمائي حاصل ڪيون ته منزل آسان ٿئي ويندي۔توهانجو ليک تمام سٺو آهي۔
1969ع ۾ ٽيون درجو پڙهندو هيس ، ان وقت امام غزالي رحه عليه جي باري ۾ سبق شامل هيو ۔ جنهن ۾ امام صاحب جي باري ۾ لکيل هو ته امام صاحب پڙهڻ کان ڪيٻائي رهيو هو ، ليڪن ان وقت امام صاحب جي مشاهدي ۾ هڪ اهڙو پٿر هيو جنهن جي مٿان آهسته آهسته پاڻي جو ڦڙو ڪرندو هو ، تان جو هڪ ڏينهن ان پٿر ۾ ان جڳهه تي ٽُنگڙو ٿي ويو ، امام صاحب جي اِن مشاهدي ته پاڻي پٿر کي ٽنگڙو ڪري سگهي ٿو ته مان علم ڇو نه ٿو حاصل ڪري سگهان ؟ اسانجو قابل احترام استاد سائين مسڪين محمد ڄام کوکر صاحب به امام غزالي رحمته الله جو اهو مثال هميشه ڏيندو رهندو هو ۔ ۽ حجته الاسلام امام غزالي رحه جو انقلاب به اسانجي سامهون آهي ۔ امام صاحب 78 ڪتاب لکيا ،ڪتاب ” ياقوت التاويل “ 40 جلدن تي مشتمل آهي ۔ پر اسانجي عالمن سڳورن وٽ هڪ ڪتاب ”ڪيميائي سعادت“ جو ذڪر گهڻو ڪيو ويندو آهي ۔ سندس دور ۾ مسلمانن ۾ فقهي مسئلن تان جيڪي فتنه پيدا ٿيا انهن تي قابو پائڻ ۾ امام صاحب جو وڏو ڪردار رهيو آهي ۔