نثارابڙو
نائب منتظم
ڪيترا سال اڳ مون هڪ آکاڻي پڙهي هئي جنهن ۾ هڪ انقلابي ڪردار، پنهنجي پويان پيل سپاهه جي خوف سبب تمام وڏي ريگستان ۾ وڃي نڪري ٿو، ريگستان تمام وڏو ۽ اڻ کٽ هيو، هو ان ريگستان ۾ هلندو رهيو پر ريگستان هو جو کٽڻ جو نالو ئي نه ٿي ورتو ... آخر هو اڃ ۽ گرميءَ سبب واريءَ جي هڪ دڙي تي مهن ڀر ڪري پوي ٿو .... ٿڪاوٽ سبب کيس ڪجهه دير لاءِ اک لڳي وڃي ٿي ۽ جڏهن سندس اک کلي ٿي ته اتي ئي پنهنجي موت جي خوف کان روئڻ شروع ڪري ٿو، پر روئيندي روئيندي سندس اک هڪ ننڍڙي ٻوٽي تي پوي ٿو جو هن ريگستان ۾ نه فقط سرسبز بلڪه ننڍڙا ننڍڙا گل ساڻ کڻي حياتيءَ جا مزا وٺي رهيو هو.
هن انقلابي ڪردار سوچيو ته هن هيڏي وڏي ريگستان ۾ هڪ ننڍڙو ٻوٽو پنهنجي حياتي برقرار رکي سگهي ٿو ته آءُ انسان ٿي ڪري، پاڻ کي موت جي حوالي ڪيو آهي. ڇو نه اٿان ۽ آخري دم تائين جدوجهد ڪريان!!!! ۽ هو همٿ ڪري اٿي هلڻ شروع ڪري ٿو ۽ آخر ريگستان کي پار ڪري وٺي ٿو ....