چڙها خودي ڪا يون نشه ڪه آپي مين رها نه گيا
بنا ٿا خدا يگانه، مگر بنايا نه گيا
سنڌ جي هڪ وڏي عالم، محقق ۽ معلم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب کي فولاد شر ۾ الئي ڪهڙي مڻ نظر آئي جو السنڌ رسالي (1998ع) ۾ فولاد شر جهڙي گمراهه انسان کي عوامي فيلسوف ڪري ڪوٺيائين ۽ لکيو اٿس. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جهڙا عالم پاڻ لکن ٿا:
”....... راقم جي ڪن “عوامي اڪابرن” سان آشنائي ٿي، جن کي سڀني گمراهه چئي پئي ننديو پر کين صحيح طور سمجهڻ خاطر مون سندن ڳالهيون ٻڌيون. هن وقت سڀ ڌڻيءَ کي پيارا ٿي چڪا آهن...... هرڪو پنهنجي رنگ ۽ انگ وارو هيو. جيڪي به چيائون يا ڪيائون سو پاڻ پڏائڻ يا وڻائڻ خاطر ڪونه ڪيو. جيئن ۽ جهڙا هئا، تيئن ۽ تهڙو هنن ڪردار ادا ڪيو..... 1930ع کان 1960ع تائين جيڪي انوکن ڪردارن وارا عوامي فيلسوف هئا تن جو سرواڻ هيو.“
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙي عالم ماڻهوءَ جي قلم مان، خدائي جي دعوى ڪندڙ (نقلي ۽ ڪوڙي خدا) جي لاءِ عوامي فيلسوف ۽ انهن جو سرواڻ جهڙا لفظ نڪرن، واقعي اردوءَ واري صحيح چيو آهي ته تنهنجو قلم ڪرشمه ساز آهي جيڪو وڻي سو ڪرشمو ڪري ڏيکار.
پر لاڙڪاڻي جو جمعو فقير، انهن سڀني جڙتو فقيرن (اپڻي آپ ڪو فقير پيا سڏائيندا هين، تيڪون شرم نهين پئي آندي) کان هر طرح الڳ ٿلڳ ماڻهو هيو. اصل ۾ ضلعي لاڙڪاڻي )موجوده قمبر-شھدادڪوٽ ائٽ قمبر ضلعي( جي مشهور تعلقي واري شهر قمبر جو هيو پر 1960ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ لڏي لاڙڪاڻي اچي ويٺو. جمعو فقير قد جو ڊگهو ۽ مشڪي رنگ جو هيو. ڪڏهن مڇون ڏاڙهي ڪوڙائيندو هو ۽ ڪڏهن صرف ڏاڙهي ڪوڙائيندو هيو. اکين ۾ گهڻو گهرو سرمون (جنهن کي ڏسڻ سان سرمون پائڻ چئبو آهي) پائيندو هيو. لاڙڪاڻي شهر ۾ گڏهه تي گهمندو هيو، ڪڏهن به گڏهه کي لغام ڪونه وڌائين. چيائين ته؛ لغام وجهڻو آهي ته انسانن جي زبانن کي ڏيو ۽ وجهو. هي ته بي زباني (مادي گڏهه) آهي. هن کي زبان آهي ئي ڪونه، باقي لغام ڪنهن کي وجهان/ ڏيان. سندس گڏهه جي هلڻ جي رفتار ڏهن منٽن ۾ مشڪل سان ڏهه انساني قدم هوندي هئي. گڏهه جي مٿان گهوڙي وانگر هنو رکندو هيو ۽ کيس هٿ ۾ وڏي ڏانگ (لٺ) هوندي هئي. جنهن کان بريڪ جو ڪم وٺندو هيو. جناب ذوالفقار علي ڀٽو، کيس گهرائي، حال احوال پڇندو هيو ۽ ساڻس چرچو گهٻو ڪندو هيو. موٽ ۾، جمعو فقير به ساڻس ساڳي نوع ۾ چرچا هڻندو هيو. توڙي جو ڀٽو صاحب، پاڪستان جو صدر ۽ پوءِ وزيراعظم هو پر پوءِ به ٻنهي جي دوستي پڪي پختي هئي. جمعي فقير جي دانائي ۽ ڏاهپ جا اڻ ڳڻيا مثال آهن. هتي فقط ڪجهه لکجن ٿا:
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، جڏهن جمعو فقير قمبر ۾ رهندو هيو، تنهن قمبر شهر کان ٿورو ٻاهر هڪ هندوءَ جي زمين ۽ کوهه هيو. کوهه تي نار ٻڌل هيو، جنهن کي اٺ ذريعي هلايو ويندو هو. ان زماني ۾ هندو مسلمانن جي استعمال ٿيل شين کي هٿ لائڻ به پاپ سمجهندا هيا ۽ ايئن ڪرڻ سان پاڻ کي مليڇ ڀانئيندا هئا. هندو سيٺ کي اڃ لڳي، سو نار تان پاڻي پيئڻ لڳو. هندن جي مذهبي رسم و رواج مطابق ان هندو سيٺ کي گڏهه جي پڇ جيڏي چوٽي رکيل هئي. سو پاڻي پيئندي هندو سيٺ جي چوٽي نار ۾ ڦاسي پئي ۽ رڙ ڪري چيائين؛ “اري (اڙي) وارو ڪريو! اٺ کي جهليو، منهنجي چوٽي!” اتفاق سان جمعو فقير به اتي موجود هيو، تنهن ان هندو زميندار کي چيو ته:
”ڪاڪا! چوٽي ته خدا کي آهي، تو واري چوٽيءَ کي ته ڪتو به نه مٽي (پيشاب به ڪونه ڪري.)
هڪ دفعي جناب ذوالفقار علي ڀٽي چيس ته؛ “جمعا فقير! اڄ رات جي ماني ته مون سان گڏ کاءُ!” جواب ۾ جمعي فقير چيس؛ “ڀٽا صاحب! منهنجو هڪڙو شرط آهي.” پڇيائينس؛ “ڪهڙو؟” فقير چيس: “پوءِ رڳو تون ۽ مان هونداسين. ماني ۾ هڪڙو به پڙهيل ڳڙھيل ماڻهو ڪونه آڻيندين! نه ڪي انهن کي سڏ ڏيندين، نه ڪي انهن کي ٻڌائيندين.” ڀٽي صاحب کلي پڇيس: “ڇو ڀلا ايڏي بندش؟” تنهن تي جمعي فقير چيس؛ “ڀٽا صاحب! جيڪڏهن اهي آيا ۽ انهن پڙهيلن کي مانيءَ کائڻ لاءِ سڏ ٿيندو ته ائين ڊڪندا ۽ هٻڇ ڏيکاريندا جو ڄڻ ڪالهاڪون بکيا آهن. سڄو ڏونگهو ٻوڙ جو پنهنجي پليٽ ۾ لاهي ڇڏيندا ۽ ڪڪڙن جا پيس ٽي ٽي چار چار کڻندا! پوءِ مون مسڪين لاءِ ڇا بچندو؟!!”
جمعي فقير جو معمول هوندو هيو ته روزانو صبح جو ساجهر گوشت ۽ مڇي مارڪيٽ پهچي ويندو ۽ ڪاساين ۽ مهاڻن کان هڏا، ڇڇڙا ۽ مڇيءَ جا ڇلر کڻي، پنهنجي خرزين انهن سان ڀري، لاڙڪاڻي شهر جي وچ مان وهندڙ رائيس ڪئنال ڏانهن راهي ٿيندو هيو. جتي سڄي لاڙڪاڻي شهر جا ڪتا ۽ ٻلا، هن جو انتظار ڪندا هئا. اهي جانور جيئن ئي فقير کي ڏسندا هئا ته خوشي ۽ بود ۾ ڀرجي ٺينگ ۽ ٽپا ڏيڻ لڳندا هئا ۽ جمعو فقير جيئن ئي ڳوڻ مان هڏا ۽ ڇيڇڙا ڪڍڻ شروع ڪندو هيو ته اهي جانور کيس پيار وچان ڀاڪر پائڻ واري انداز ۾ چنبڙي پوندا هئا ۽ ذري گهٽ جمعي کي ڪيرائي وجهندا هيا ته جمعو فقير ناراض ٿي چوندو هين:
“اڙي، انسانن وانگر اٻهرا ڇو ٿا ٿيو؟ اهي انساني عادتون ڪٿان سکيون اٿو؟”
ڪجهه سال ٿيندا ته هي فقير لاڏاڻو ڪري ويو. افسوس جو لاڙڪاڻي جي هن لاثاني ڪردار ۽ فقيرمنش جي ياد ۾ ڪو منارو کڙو نه ڪيو ويو. ههڙي مفڪر ۽ عوامي فيلسوف جي نالي ۾ ڪو اسڪول نه کوليو ويو ۽ نه ئي ڪنهن چوڪ تي هن جو نالو رکيو ويو. سواءِ لاڙڪاڻي جي هڪ مهاجر فوٽو گرافر جي دوڪان، سنڌ فوٽو اسٽوڊيو جي. ٻه ٽي سال اڳ سنڌ فوٽو اسٽوديو لاڙڪاڻي جو مالڪ اڪرام، لاڙڪاڻي کي ڇڏي ڪراچي ويو. جتي يونيورسٽي روڊ جي دشتيار اپارٽمينٽس جي دوڪان نمبر 20 ۾ وري به ساڳيو لاڙڪاڻي وانگر سنڌ فوٽو اسٽوڊيو جي نالي دوڪان کوليو اٿس. جتي پاڪستان جي سابق صدر ايوب خان، جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي تصوير سان گڏ جمعي فقير جي تصوير به نمايان طور آويزان آهي.
خط/مضمون
پيارا نذير،
جمعي فقير لاءِ اسان ٻيون به ڪيتريون ڳالهيون پئي ٻڌيون آهن. مثال طور:
2.جمعي فقير کي هڪڙي دفعي مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي لاڙڪاڻي واري بنگلي تي گهرايو. هو پنهنجي گڏهه تي ويو. بنگلي ٻاهران پوليس کيس چيو ته؛ گڏهه تان لھ! پوءِ اندر وڃ! تنهن تي جمعي فقير چيو؛ ڇڏيندؤ ته گڏهه سميت ويندس نه ته موٽيو ٿو وڃان. ڀٽي صاحب کان معلوم ڪيو ويو ته هن چيو ته؛ ڇڏيوس. دروازو کليو ۽ هو گڏهه سميت داخل ٿيو.
3.مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو، لاڙڪاڻي ۾ گاڏين جي جلوس ۾ پئي ويو ته جمعو فقير به رستو وٺيو پئي ويو. پوليس ان کي روڪي بيهاريو ته ڀٽو صاحب پيو اچي. ان رستي تان گڏهه سان وڃڻ نه ڏينداسين ۽ پوليس ان کي بيهاري ڇڏيو. ذوالفقار علي ڀٽو اتان گذريو ته جمعي فقير تي نظر پوڻ سان گاڏي روڪرائي شيشو کولي جمعي فقير کي چيائين ته؛ “اچ مون سان گاڏي ۾ ويهه!” تنهن تي جمعي فقير چيس؛ “سوارين تي سودو ڪرائين ته پوءِ” اهو ٻڌي ڀٽو صاحب گاڏي مان لٿو ۽ جمعي فقير کي چيائين؛ “جيڪو سودو توکي قبول!” جمعي چيس؛ “نه ميان! مون کي ان گاڏي ۾ ويهي مرڻو ڪونهي، مون ته ڀوڳ پئي ڪرايو.”
جي اهي ڳالهيون واقعي سچيون آهن ته پوءِ اوهان جي مضمون ۾ واڌاري طور شامل ٿيڻ کپن. (ناز سنائي)
پيارا ناز،
ڪينجهر جي شماري ۾، منهنجي مضمون جمعي فقير جي حوالي سان واڌارو ڪري، مضمون کي وڌيڪ وزنائتو ۽ خوبصورت بڻائي ڇڏيئه، ان لاءِ بيحد ٿورائتو آهيان. توهان جي پڇيل سوال جي جواب ۾ عرض ته توهان جون جمعي فقير جي حوالي سان لکيل ٻئي ڳالهيون سؤ سيڪڙو سچيون آهن. مون ته ڪينجهر جي صفحن کي نظر ۾ رکندي مضمون کي محدود ڪيو هو. حقيقت ۾ مون اهو چاهيو ته ڪينجهر ذريعي، جمعي فقير جي رمز ڀرين ڳالهين ۽ وڏي معنى ۽ مفهوم رکندڙ قولن جون جهلڪيون ڏيکاري، سڄي سنڌ جي ماڻهن سان، هن جديد دور جي وتائي فقير ۽ لاڙڪاڻي جي ڏاهي انسان، ويهين صديءَ جي نئين عوامي مفڪر جمعي فقير جو تعارف ڪرايان.