لاڙڪاڻي جو جمعو فقير ۽ سندس ڀوڳائي طبيعت

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏3 جون 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    هڪ ڏينهن اسين سڀ دوست لاڙڪاڻي ريشم گليءَ ۾ اعواڻ صوبيدار جي گهر جي ٻاهران ٽه واٽي تي بيٺا هياسون، جن ۾ مرحوم شهيد آصف شيخ، افضل سنديلو، ممتاز کوکر، سعيد چانڊيو، سعيد اعواڻ، اڪبر غوري ۽ ٻيا ڪجهه دوست بيٺي کل ڀوڳ ڪئي سون ته اچي جديد دور جو وتايو فقير ” جمعو فقير“ لانگهائو ٿيو ...

    جمعو فقير لاڙڪاڻي شهر جو سٻاجهڙو ۽ سهڻي فطرت وارو فقير هوندو هيو ۽ ڏاهپ جو ڀنڍار ۽ حسن پرست پڻ ...

    مرحوم آصف کيس سڏ ڪيو ۽ مونڏانهن اشارو ڪندي چيو، ” جمع! هي نوجوان توکي ڪيئن ٿو لڳي؟“ جمع فقير مونڏانهن غور سان ڏسي چيو، ” ابا، يوسفي حسن آهي“ تنهن تي ممتاز کوکر آصف مرحوم ڏانهن اشارو ڪندي چيو ” جمع! ڀلا هي پاڻ ڪيئن ٿو لڳي؟“ جمعي فقير وارڻيو، ” ابا! هي به گهٽ ناهي“ ماشاء الله نور آهي.

    تنهن تي وري آصف کائنس ممتاز کوکر جي باري ۾ پڇيس ته هي ڀلا ڪيئن ٿو لڳي ، “ جمعي فقير حاضر دماغي مان ڪم وٺندي مذاحيه انداز ۾ وراڻيو ” اوهان ٻنهي جي ڪم ڪار لاءِ ڀلو آهي”

    سڄي سنگت ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو ۽ ممتاز جو منهن ڀيلو ٿي ويو ....

    جمعو فقير سموري شهر ۾ گهمندو هو ۽ ائين ئي ماڻهن سان ڪچهريون ڪندو، ٽهڪڙا ورهائيندو وتندو هو .... الله تعالا کيس جنت الفردوس ۾ اعلا مقام عطا ڪريس ... آمين
    [​IMG]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جمعي فقير جون گهڻيون ڳالهيون ٻڌيون آهن۔ هو هميشهه سچي ۽ کري ڳالهه ڪندو ۽ توري تڪي ڳالهائيندو هو۔ سندس لاء مشهور هيو ته ڀٽو صاحب به کيس المرتضيٰ هائوس تي گهرائيندو هو۔

    چون ٿا ته جمعي فقير کي هڪڙي دفعي مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي لاڙڪاڻي واري بنگلي تي گهرايو. هو پنهنجي گڏهه تي ويو. بنگلي ٻاهران پوليس کيس چيو ته؛ گڏهه تان لھ! پوءِ اندر وڃ! تنهن تي جمعي فقير چيو؛ ڇڏيندؤ ته گڏهه سميت ويندس نه ته موٽيو ٿو وڃان. ڀٽي صاحب کان معلوم ڪيو ويو ته هن چيو ته؛ ڇڏيوس. دروازو کليو ۽ هو گڏهه سميت داخل ٿيو.

    هڪ دفعي مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو، لاڙڪاڻي ۾ گاڏين جي جلوس ۾ پئي ويو ته جمعو فقير به رستو وٺيو پئي ويو. پوليس ان کي روڪي بيهاريو ته ڀٽو صاحب پيو اچي. ان رستي تان گڏهه سان وڃڻ نه ڏينداسين ۽ پوليس ان کي بيهاري ڇڏيو. ذوالفقار علي ڀٽو اتان گذريو ته جمعي فقير تي نظر پوڻ سان گاڏي روڪرائي شيشو کولي جمعي فقير کي چيائين ته؛ “اچ مون سان گاڏي ۾ ويهه!” تنهن تي جمعي فقير چيس؛ “سوارين تي سودو ڪرائين ته پوءِ” اهو ٻڌي ڀٽو صاحب گاڏي مان لٿو ۽ جمعي فقير کي چيائين؛ “جيڪو سودو توکي قبول!” جمعي چيس؛ “نه ميان! مون کي ان گاڏي ۾ ويهي مرڻو ڪونهي، مون ته ڀوڳ پئي ڪرايو.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    بس ادا جيئرو ھجي ھا ته اسان به پنھنجي باري ۾ ڪمينٽس وٺي ڏسون ھا ۽ پو وري
    ممتاز وانگي منهن ڀيلو ٿي وڃي ھا۔

    مذاق ۾۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جمعو فقير - پروفيسر نذير احمد سومرو

    سنڌي قوم سان الله پاڪ وڏا ڀال/وڙ ڪيا آهن. هن سونهن ۽ سچ جي ڌرتيءَ تي قدرت اهڙا ماڻهو به پيدا ڪيا، جيڪي پنهنجي ذهني اڏام، قول ۽ فعل جي ڪري اتم هئا. پر اسان وٽ (سنڌي قوم ۾) چريا/ اڌ مغزي/ ٽوٽڪائي جهڙا قبيح نالا، کين لقب طور نصيب ٿيا.
    ايران ۾ هڪڙو ڪردار پيدا ٿيو. جنهن جو نالو ملا نصر الدين هيو ۽ ايران يا فارس وارا، اڄ تائين ملا نصر تي ناز ڪندا اچن ٿا. ان جي ابتڙ، اسان وٽ وتائي فقير جهڙي داناءَ ۽ ڏاهي ماڻهو کي چرچائي طور سڃاتو ۽ ليکيو وڃي ٿو. اڄ به سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ/ شهر ۾ جتي چند ماڻهو گڏ ٿين ٿا ۽ جڏهن کين ڳالهائڻ لاءِ موضوع نه ٿا ملن ته چوندا آھن؛ “يار ڀلا ڪو وتائي فقير جو ٽوٽڪو ئي ٻڌاءِ!” معنى وتائي فقير جهڙي داناءَ ماڻهو کي کل ڀوڳ ڪندڙ مشڪرو سمجهيو وڃي ٿو. وتائي فقير جي ڏاهپ ۽ دانشمنديءَ جي قولن کي ٽوٽڪو/ لٽڪو چٽڪو سمجهي ان تي کليو وڃي ٿو!!

    گهڻا سال اڳ جي ڳالهه آهي. هڪ ڏينهن پير حسام الدين راشدي وٽ، سندس جمشيد روڊ ڪراچي واري بنگلي بيت الضياءُ ۾ ويٺو هيم. ان ڪچهريءَ ۾ سندس ننڍو ڀاءُ پير احمد شاهه راشدي به موجود هو. (پير احمد شاهه راشدي، پنهنجي ڀائرن جيان موسيقي جو ڄاڻو، ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل راڳ جو وڏو شوقين هجڻ سان گڏ پٿرن، هيرن، جواهرن/ منڊيءَ جي نگ جو پڻ وڏو ڄاڻو هيو.) ڳالهين دوران غالب لائبرري ناظم آباد ڪراچيءَ جي موجوده پٽيوالي نسيم احمد، پير حسام الدين کي اردو جي مشهور ڪالم نگار انعام دراني مرحوم جي اچڻ جو اطلاع ڏنو. پير حسام الدين راشدي چيس ته؛ “بابا اندر وٺي اچيس! ٻاهر ڇو بيهاري آيو آهينس؟” انعام دراني پاڻ سان گڏ يوپي جي بدايون جا مشهور کير پيڙا به کنيو آيو ھيو. جيڪي پير حسام الدين لاءِ ڪنهن دوست بدايون مان موڪليا هيا.
    اتي جيڪي مختلف موضوع بحث هيٺ آيا، تن ۾ وتائي فقير جي ڏاهپ ۽ دانائيءَ جو به ذڪر ٿيو. پير حسام الدين راشديءَ کيس وتائي فقير جي رمز ڀرين ڳالهين بابت تفصيل سان ٻڌائي اهو به چيو ته؛ “اسان وٽ وتايو فقير ٽوٽڪائي طور مشهور آهي.” اهو ٻڌڻ سان انعام دراني وائڙو ٿي چيس ته؛ “پير صاحب! ايسا داناءَ آدمي! سنڌي قوم اسڪو مسخره ڪا درجا ديتي هئي! آپ اس پر لکين يا نه لکين، مين ضرور لکون گا!” ۽ واقعي انعام دراني روزاني جنگ ڪراچي ۾ وتائي فقير جي دانائپ ۽ ڏاهپ تي تفصيل سان، پير حسام الدين راشديءَ جي حوالي سان لکيو.
    گذريل 20 صديءَ ۾ سنڌ اهڙا گوهر پيدا ڪيا جن تي زماني ٺٺوليون/ ٽوڪان ڪيون. انهن کي چريو سمجهيو ويو. اهڙن ماڻهن ۾ لاڙڪاڻي جو مشهور جمعو فقيربه هيو. جمعي فقير، باليءَ واري خيرپور جي فولاد شر (فقير) وانگر، خدائيءَ جي دعوى ڪانه ڪئي هئي.
    فولاد شر، خيرپور ضلعي جي تعلقي ٺري ميرواه جو هيو. 1877ع ۾ سنڌي ڪاميٽي (فائينل) جو امتحان پاس ڪيو هئائين. فولاد شر کي الائي ڪهڙي ڀئنوري اچي مغز ۾ ويٺي جو، نعوذ بالله، خدا هجڻ جي دعوى ڪري ويٺو!! الله جو شان! جنهن کي هڪ ڏينهن فنا ٿيڻو هجي ۽ کيس ڪفن ۽ قبر جي ضرورت هجي سو خدائيءَ جو دعويدار!! ايڏي گمراهي!!
    اسان سنڌي ماڻهو، ٻين قومن مان اهڙن ماڻهن جا نالا وٺي ڪوڙي خدا ۽ نبوت جي دعوى ڪندڙن تي ڦٽ لعنت ۽ تبرو ڪندا آهيون پر 19 صديءَ جي آخر ۽ ويهين صديءَ جي مهڙ ۾، سنڌ به ان الزام کان آجي رهي نه سگهي، جو هن پر امن خطي ۾ به ڪو خدا هجڻ جو ڪوڙو دعويدار بڻيو هو!!
    مرحوم نسيم کرل جو والد عبدالڪريم کرل، علم جو وڏو ڀنڊار هو. کيس سنڌيءَ کانسواءِ فارسي زبان تي به دسترس حاصل هئي. اھو هڪ ڏينهن سيڙجي فولاد شر کي ڏسڻ لاءِ ٺري ميرواه ويو. جڏهن فولاد فقير کي ڏٺائين ته امالڪ چيائينس؛ “جيڪا تون دعوى ڪرين ٿو ۽ آهين ڪونه ته توتي ڦٽڪار ۽ پر جي اها دعوى نٿو ڪرين ته پوءِ توکي سلام آ جو ايڏي ڏاڍي هستيءَ سان وڃي پاڻ اٽڪايو اٿئي.” ائين هي فاني انسان (فولاد شر) نقلي ۽ ڪوڙي دعوى ڪندڙ 15 جون 1967ع تي وڏي بيماري ڪاٽي (سنڌين چواڻي وڏي لوڙ لوڙي) مري ويو ۽ پنهنجي قبر ۾ ان هستيءَ آڏو پنهنجي اعمال نامي سميت انتظار ڪري رهيو آهي، جنهن سان پنهنجي همسر ۽ همنام هجڻ جي دعوى ڪندو هو. اردوءَ جي هڪ مشهور ۽ منفرد شاعر، يگانه چنگيزيءَ جو شعر آهي:
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    چڙها خودي ڪا يون نشه ڪه آپي مين رها نه گيا​
    بنا ٿا خدا يگانه، مگر بنايا نه گيا​
    سنڌ جي هڪ وڏي عالم، محقق ۽ معلم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب کي فولاد شر ۾ الئي ڪهڙي مڻ نظر آئي جو السنڌ رسالي (1998ع) ۾ فولاد شر جهڙي گمراهه انسان کي عوامي فيلسوف ڪري ڪوٺيائين ۽ لکيو اٿس. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جهڙا عالم پاڻ لکن ٿا:
    ”....... راقم جي ڪن “عوامي اڪابرن” سان آشنائي ٿي، جن کي سڀني گمراهه چئي پئي ننديو پر کين صحيح طور سمجهڻ خاطر مون سندن ڳالهيون ٻڌيون. هن وقت سڀ ڌڻيءَ کي پيارا ٿي چڪا آهن...... هرڪو پنهنجي رنگ ۽ انگ وارو هيو. جيڪي به چيائون يا ڪيائون سو پاڻ پڏائڻ يا وڻائڻ خاطر ڪونه ڪيو. جيئن ۽ جهڙا هئا، تيئن ۽ تهڙو هنن ڪردار ادا ڪيو..... 1930ع کان 1960ع تائين جيڪي انوکن ڪردارن وارا عوامي فيلسوف هئا تن جو سرواڻ هيو.“
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙي عالم ماڻهوءَ جي قلم مان، خدائي جي دعوى ڪندڙ (نقلي ۽ ڪوڙي خدا) جي لاءِ عوامي فيلسوف ۽ انهن جو سرواڻ جهڙا لفظ نڪرن، واقعي اردوءَ واري صحيح چيو آهي ته تنهنجو قلم ڪرشمه ساز آهي جيڪو وڻي سو ڪرشمو ڪري ڏيکار.
    پر لاڙڪاڻي جو جمعو فقير، انهن سڀني جڙتو فقيرن (اپڻي آپ ڪو فقير پيا سڏائيندا هين، تيڪون شرم نهين پئي آندي) کان هر طرح الڳ ٿلڳ ماڻهو هيو. اصل ۾ ضلعي لاڙڪاڻي )موجوده قمبر-شھدادڪوٽ ائٽ قمبر ضلعي( جي مشهور تعلقي واري شهر قمبر جو هيو پر 1960ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ لڏي لاڙڪاڻي اچي ويٺو. جمعو فقير قد جو ڊگهو ۽ مشڪي رنگ جو هيو. ڪڏهن مڇون ڏاڙهي ڪوڙائيندو هو ۽ ڪڏهن صرف ڏاڙهي ڪوڙائيندو هيو. اکين ۾ گهڻو گهرو سرمون (جنهن کي ڏسڻ سان سرمون پائڻ چئبو آهي) پائيندو هيو. لاڙڪاڻي شهر ۾ گڏهه تي گهمندو هيو، ڪڏهن به گڏهه کي لغام ڪونه وڌائين. چيائين ته؛ لغام وجهڻو آهي ته انسانن جي زبانن کي ڏيو ۽ وجهو. هي ته بي زباني (مادي گڏهه) آهي. هن کي زبان آهي ئي ڪونه، باقي لغام ڪنهن کي وجهان/ ڏيان. سندس گڏهه جي هلڻ جي رفتار ڏهن منٽن ۾ مشڪل سان ڏهه انساني قدم هوندي هئي. گڏهه جي مٿان گهوڙي وانگر هنو رکندو هيو ۽ کيس هٿ ۾ وڏي ڏانگ (لٺ) هوندي هئي. جنهن کان بريڪ جو ڪم وٺندو هيو. جناب ذوالفقار علي ڀٽو، کيس گهرائي، حال احوال پڇندو هيو ۽ ساڻس چرچو گهٻو ڪندو هيو. موٽ ۾، جمعو فقير به ساڻس ساڳي نوع ۾ چرچا هڻندو هيو. توڙي جو ڀٽو صاحب، پاڪستان جو صدر ۽ پوءِ وزيراعظم هو پر پوءِ به ٻنهي جي دوستي پڪي پختي هئي. جمعي فقير جي دانائي ۽ ڏاهپ جا اڻ ڳڻيا مثال آهن. هتي فقط ڪجهه لکجن ٿا:
    پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، جڏهن جمعو فقير قمبر ۾ رهندو هيو، تنهن قمبر شهر کان ٿورو ٻاهر هڪ هندوءَ جي زمين ۽ کوهه هيو. کوهه تي نار ٻڌل هيو، جنهن کي اٺ ذريعي هلايو ويندو هو. ان زماني ۾ هندو مسلمانن جي استعمال ٿيل شين کي هٿ لائڻ به پاپ سمجهندا هيا ۽ ايئن ڪرڻ سان پاڻ کي مليڇ ڀانئيندا هئا. هندو سيٺ کي اڃ لڳي، سو نار تان پاڻي پيئڻ لڳو. هندن جي مذهبي رسم و رواج مطابق ان هندو سيٺ کي گڏهه جي پڇ جيڏي چوٽي رکيل هئي. سو پاڻي پيئندي هندو سيٺ جي چوٽي نار ۾ ڦاسي پئي ۽ رڙ ڪري چيائين؛ “اري (اڙي) وارو ڪريو! اٺ کي جهليو، منهنجي چوٽي!” اتفاق سان جمعو فقير به اتي موجود هيو، تنهن ان هندو زميندار کي چيو ته:
    ”ڪاڪا! چوٽي ته خدا کي آهي، تو واري چوٽيءَ کي ته ڪتو به نه مٽي (پيشاب به ڪونه ڪري.)
    هڪ دفعي جناب ذوالفقار علي ڀٽي چيس ته؛ “جمعا فقير! اڄ رات جي ماني ته مون سان گڏ کاءُ!” جواب ۾ جمعي فقير چيس؛ “ڀٽا صاحب! منهنجو هڪڙو شرط آهي.” پڇيائينس؛ “ڪهڙو؟” فقير چيس: “پوءِ رڳو تون ۽ مان هونداسين. ماني ۾ هڪڙو به پڙهيل ڳڙھيل ماڻهو ڪونه آڻيندين! نه ڪي انهن کي سڏ ڏيندين، نه ڪي انهن کي ٻڌائيندين.” ڀٽي صاحب کلي پڇيس: “ڇو ڀلا ايڏي بندش؟” تنهن تي جمعي فقير چيس؛ “ڀٽا صاحب! جيڪڏهن اهي آيا ۽ انهن پڙهيلن کي مانيءَ کائڻ لاءِ سڏ ٿيندو ته ائين ڊڪندا ۽ هٻڇ ڏيکاريندا جو ڄڻ ڪالهاڪون بکيا آهن. سڄو ڏونگهو ٻوڙ جو پنهنجي پليٽ ۾ لاهي ڇڏيندا ۽ ڪڪڙن جا پيس ٽي ٽي چار چار کڻندا! پوءِ مون مسڪين لاءِ ڇا بچندو؟!!”
    جمعي فقير جو معمول هوندو هيو ته روزانو صبح جو ساجهر گوشت ۽ مڇي مارڪيٽ پهچي ويندو ۽ ڪاساين ۽ مهاڻن کان هڏا، ڇڇڙا ۽ مڇيءَ جا ڇلر کڻي، پنهنجي خرزين انهن سان ڀري، لاڙڪاڻي شهر جي وچ مان وهندڙ رائيس ڪئنال ڏانهن راهي ٿيندو هيو. جتي سڄي لاڙڪاڻي شهر جا ڪتا ۽ ٻلا، هن جو انتظار ڪندا هئا. اهي جانور جيئن ئي فقير کي ڏسندا هئا ته خوشي ۽ بود ۾ ڀرجي ٺينگ ۽ ٽپا ڏيڻ لڳندا هئا ۽ جمعو فقير جيئن ئي ڳوڻ مان هڏا ۽ ڇيڇڙا ڪڍڻ شروع ڪندو هيو ته اهي جانور کيس پيار وچان ڀاڪر پائڻ واري انداز ۾ چنبڙي پوندا هئا ۽ ذري گهٽ جمعي کي ڪيرائي وجهندا هيا ته جمعو فقير ناراض ٿي چوندو هين:
    “اڙي، انسانن وانگر اٻهرا ڇو ٿا ٿيو؟ اهي انساني عادتون ڪٿان سکيون اٿو؟”
    ڪجهه سال ٿيندا ته هي فقير لاڏاڻو ڪري ويو. افسوس جو لاڙڪاڻي جي هن لاثاني ڪردار ۽ فقيرمنش جي ياد ۾ ڪو منارو کڙو نه ڪيو ويو. ههڙي مفڪر ۽ عوامي فيلسوف جي نالي ۾ ڪو اسڪول نه کوليو ويو ۽ نه ئي ڪنهن چوڪ تي هن جو نالو رکيو ويو. سواءِ لاڙڪاڻي جي هڪ مهاجر فوٽو گرافر جي دوڪان، سنڌ فوٽو اسٽوڊيو جي. ٻه ٽي سال اڳ سنڌ فوٽو اسٽوديو لاڙڪاڻي جو مالڪ اڪرام، لاڙڪاڻي کي ڇڏي ڪراچي ويو. جتي يونيورسٽي روڊ جي دشتيار اپارٽمينٽس جي دوڪان نمبر 20 ۾ وري به ساڳيو لاڙڪاڻي وانگر سنڌ فوٽو اسٽوڊيو جي نالي دوڪان کوليو اٿس. جتي پاڪستان جي سابق صدر ايوب خان، جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي تصوير سان گڏ جمعي فقير جي تصوير به نمايان طور آويزان آهي.
    

    خط/مضمون
    پيارا نذير،
    جمعي فقير لاءِ اسان ٻيون به ڪيتريون ڳالهيون پئي ٻڌيون آهن. مثال طور:
    2.جمعي فقير کي هڪڙي دفعي مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي لاڙڪاڻي واري بنگلي تي گهرايو. هو پنهنجي گڏهه تي ويو. بنگلي ٻاهران پوليس کيس چيو ته؛ گڏهه تان لھ! پوءِ اندر وڃ! تنهن تي جمعي فقير چيو؛ ڇڏيندؤ ته گڏهه سميت ويندس نه ته موٽيو ٿو وڃان. ڀٽي صاحب کان معلوم ڪيو ويو ته هن چيو ته؛ ڇڏيوس. دروازو کليو ۽ هو گڏهه سميت داخل ٿيو.
    3.مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو، لاڙڪاڻي ۾ گاڏين جي جلوس ۾ پئي ويو ته جمعو فقير به رستو وٺيو پئي ويو. پوليس ان کي روڪي بيهاريو ته ڀٽو صاحب پيو اچي. ان رستي تان گڏهه سان وڃڻ نه ڏينداسين ۽ پوليس ان کي بيهاري ڇڏيو. ذوالفقار علي ڀٽو اتان گذريو ته جمعي فقير تي نظر پوڻ سان گاڏي روڪرائي شيشو کولي جمعي فقير کي چيائين ته؛ “اچ مون سان گاڏي ۾ ويهه!” تنهن تي جمعي فقير چيس؛ “سوارين تي سودو ڪرائين ته پوءِ” اهو ٻڌي ڀٽو صاحب گاڏي مان لٿو ۽ جمعي فقير کي چيائين؛ “جيڪو سودو توکي قبول!” جمعي چيس؛ “نه ميان! مون کي ان گاڏي ۾ ويهي مرڻو ڪونهي، مون ته ڀوڳ پئي ڪرايو.”

    جي اهي ڳالهيون واقعي سچيون آهن ته پوءِ اوهان جي مضمون ۾ واڌاري طور شامل ٿيڻ کپن. (ناز سنائي)




    پيارا ناز،
    ڪينجهر جي شماري ۾، منهنجي مضمون جمعي فقير جي حوالي سان واڌارو ڪري، مضمون کي وڌيڪ وزنائتو ۽ خوبصورت بڻائي ڇڏيئه، ان لاءِ بيحد ٿورائتو آهيان. توهان جي پڇيل سوال جي جواب ۾ عرض ته توهان جون جمعي فقير جي حوالي سان لکيل ٻئي ڳالهيون سؤ سيڪڙو سچيون آهن. مون ته ڪينجهر جي صفحن کي نظر ۾ رکندي مضمون کي محدود ڪيو هو. حقيقت ۾ مون اهو چاهيو ته ڪينجهر ذريعي، جمعي فقير جي رمز ڀرين ڳالهين ۽ وڏي معنى ۽ مفهوم رکندڙ قولن جون جهلڪيون ڏيکاري، سڄي سنڌ جي ماڻهن سان، هن جديد دور جي وتائي فقير ۽ لاڙڪاڻي جي ڏاهي انسان، ويهين صديءَ جي نئين عوامي مفڪر جمعي فقير جو تعارف ڪرايان.

    
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    وتائي فقير جو جانشين جمعو فقير (حصو ٻيو)



    لاڙڪاڻي، ويجهي ماضيءَ يعني تازو گذري ويل ويهين صدي ۾ جيڪي اهم شخصيتون پيدا ڪيون، تن ۾ پنهنجي ڏاهپ ۽ دانائي جي ڪري جمعو فقير اهم ۽ نمايان جڳهه والاري ٿو.
    “ڪهان مان رها ٿا مجهي زمانه
    بڙي زورون سي منوايا گيا هون مين”
    ڇاڪاڻ ته هي ڪو رولو، شيطان صفت، جڙتو، جعلي ۽ جڳاڙي فقيرن منجهان ڪونه هو. نه ئي انهن وانگر “فقير” هجڻ جي هروڀرو ڪا دعوى ڪندو هو. مان ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالرزاق عرف ملڪ نديم کي ڪچهري دوران ڪيترا ڀيرا چئي چڪو آهيان ته هاڻي ڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ اچي ته کيس موضوع ”نئون وتايو –جمعو فقير“ ڏيو ۽ ائين نه ٿئي ته خدا هجڻ جي ڪوڙن دعويدارن، جڙتو ۽ هٿرادو جڳاڙي فقيرن کي مٿي آڻڻ لاءِ، جمعي فقير جهڙي اصلي فقير ۽ عوامي اڪابرن جي سرواڻ ۽ سربراهه کان لنوائي، هن جي ڪردار کي لئه مٽي ڪيو وڃي. مون کي هڪ ڳالهه ياد ٿي اچي. ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪري جي هڪ ڳوٺ عمر ڀيو نزد ڳيريلو جو مرحوم پناهه علي شاهه (انگريزي ماستر) ڳالهه ڪندو هو ته سندس ڳوٺ ۾ هڪڙو جهونو ماڻهو لڳاتار 40 سالن کان سيوهڻ قلندر جي ميلي ۾ ويندڙ هو. هڪ ڏينهن اهو ڪراڙو فقير پنهنجي ڳوٺ جي مڪان (مئخاني) ۾ ويٺو هو. ڀنگ پيئڻ کان پوءِ دوستن کي ٻڌايائين ته اڄ سيوهاڻي سرڪار ڏي تيار آهيون جو سڀاڻي کان قلندر جو ميلو شروع ٿي رهيو آهي ۽ پاڻ ڏي اشارو ڪندي چيائين ته “فقراهه” اڄ رات واري پاسينگر (پئسينجر ٽرين) گاڏي ۾ چڙهندو. اتي ويٺل نوجوان چيو ته مان به توسان هلندس. جنهن تي ڪراڙي فقير چيس؛ “تون ڪاڏي هلندين! چئي! پئسه لڀن ڪونه! هليو آ سيوهاڻي سرڪار جي ميلي ۾.” ايتري ۾ ان نوجوان ڇا ڪيو جو ڀر ۾ پيل ڪهاڙي کڻي، مڪان جي اڱڻ ۾ بيٺل هڪ سنجهي (ٽالهي) جي وڻ تي چڙهي ويو ۽ هڪ ڏار ڪپي آيو ۽ ان کي صاف ڪري، گهر وڃي ان تي لغڙائي رنگين پنا، ڪڻڪ جي ڳوهيل اٽي سان چنبڙائي، شام جو ئي ڏوڪري جي ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي پهچي پنهنجي ڳوٺائي فقير جو انتظار ڪرڻ لڳو. ٿوري دير کان پوءِ ڏٺائين ته ڪراڙو فقير به ڪارو پٽڪو ٻڌيو، ڪشتي ۽ ڪولابن سميت، هٿ ۾ بيراڳڻيون کنيون، اسٽيشن تي پهچي ويو. ٿوري دير گذري ته ريل آئي ۽ هي نوجوان به اک ٽيٽ سان ڪراڙي فقير کي تاڙي، ان جي پويان ساڳي گاڏي ۾ چڙهي پيو. رش ۾ ڪنهن کي به خبر ڪانه پئي ته ڪير چڙهيو، ڪير لٿو؟ ڪراڙي فقير به گاڏيءَ ۾ ڪا ڪنڊ ڳولي پنهنجو سامان رکي، اڃا بالم ٿي ويٺو ئي مس ته هيءُ نوجوان نئون ۽ هٿرادو فقير، به وڃي ڀرسان ويٺو، ته ڪراڙي فقير ڪرڙين اکين سان ڏسي چيس؛ “تون وري ڪاڏي؟ ٻئي هنڌ جاءِ ڪونه مليئي ڇا، جو اسان فقراهن جي پچر نه ٿو ڇڏين.” ريل هلي ۽ باڊهه اسٽيشن گذري ته ٽڪيٽ چيڪر به گاڏيءَ ۾ آيو ۽ ٻين ماڻهن جون ٽڪيٽون ڏسندي ڪراڙي فقير جي مٿان اچي بيٺو ۽ اردوءَ ۾ چيائين ته “ٽڪيٽ دکائو”. ڪراڙي فقير چيس؛ “ڇا جي ٽڪيٽ؟ اسان قلندر جا پانڌيئڙا آهيون، ڪو اڄ ٿا سيوهڻ جي ميلي ۾ وڃئون ڇا؟ چاليهه سال ٿيا آهن ايندي ويندي، پر ڪڏهن به اسان فقراهن کان ڪنهن ٽڪيٽ ڪانه پڇي.” ٽڪيٽ چيڪر چيس ته؛ “جلدي ڪرو، ورنه پرچا ڪاٽون گا.” فقير ٻانهون ٻڌي چيس؛ “ٻيلي خدا کي مڃ، مون مومن مسڪين جي جان ڇڏ، وڃي ڪنهن ٻئي جي پاڙ پٽ!” ۽ پنهنجي ڀرسان ويٺل نوجوان ۽ هٿرادو فقير ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ته؛ “هي الائي ڪاٿون اچي ٽٽو آهي. هن کان ٽڪيٽ نه ٿو گهرين ڇو؟ باقي منهنجي مٿان ٺڳيو بيٺو آن!” ٽڪيٽ چيڪر ان جڳاڙي نوجوان فقير، جنهن کي رليءَ جي رنگين ٽڪرن مان ٺهيل اڌوري ٽوپي پاتل هئي، تنهن ڏانهن اشارو ڪندي چيس ته؛ “يه تو فقير هئي!” اهو ٻڌڻ سان ڪراڙي فقير چيڪر کي، پنهنجي آڱوٺي ۽ اشهد آڱر کي ملائي، هٿ کي هوا ۾ لوڏيندي چيس ته؛ “واهه ڙي سريلا، فقيرن سڃاڻڻ جو مور آن!”
    لاڙڪاڻو ٻين معاملن ۾ خودڪفيل ٿيو هجي يا نه، سا مون کي خبر ڪانهي، پر جڙتو، جعلي ۽ جڳاڙي فقيرن جي معاملي ۾ گهڻو خودڪفيل ٿي چڪو آهي. هن شهر ۾ ايترا ته گهڻا جعلي ۽ هٿرادو فقير پيدا ٿي پيا آهن جو سنڌين چواڻي ته: “لٺ هڻ ته وڃي جڙتو فقيرن جي مٿي تي لڳندي.” جڙتو ۽ جڳاڙي فقيرن جي انهن آڏو وصف اها آهي ته ڏاڙهي وڌايو. (سونهاريءَ جو ڀرم به نه ٿا رکن) ضلعي دادو جي منفرد شاعر دادن فقير ڪيڏو نه سچ چيو آهي. سندس شعر آهي:
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    “رکايان ان ڪري نه ٿو ڏاڙهي اي دادن​
    برا افعال ڏسي متان ڪو پٽي نه وٺي”​
    طوائفن جي وچ ۾ ويهي، انهن جي جسمن کي ايڪسري جي مشين ۽ فلم وانگر ڏسڻ، انهن جي گفتگو جو مزو وٺڻ ۽ انهن کان فرمائشون ڪرڻ ته؛ “اڄ ته تنهنجي هٿن سان ٺهيل چانهه پيئندم، هوٽل جي چانهه پي پي ڪڪ ٿيو آهيان.” (گهر گهاٽ ئي ڪو نه هين) اهڙين عورتن سان بي مطلب گفتگو ڪري، انهن سان تاڙو ملائي هٿن جو لمس وٺي ۽ پوءِ فرمائشي ٽهڪ ڏيڻ ۽ پاڻ کي فقير سڏرائڻ؟!!!​
    هي ڊراما باز، اندر جا پليت، شيطان صفت بقول جمعي فقير ته؛ “ابا ڊڄ، انساني کل ۾ ڪيتريون ئي بلائون گهمنديون ٿيون وتن.” ڏينهن رات پراين ۽ ڌارين عورتن کي ٽي وي، ويڊيو، فلمن ۽ اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جا ڏٽا ڏئي، رات جي پيٽ ۾ اسٽيج ڊرامن جا هدايتڪار ۽ ڪهاڻيڪار بڻجي، اهڙي ڏک ڏيندا ڄڻ آمريڪا جي فلمي اداري هالي ووڊ مان ٽريننگ وٺي آيا آهن. حسينن جي مجلس ۾ ويهڻ جو گر ان ريت سکيا آهن جو ڪي ته پاڻ کي هٿ جي ريکائن ڏسڻ جا گرو (ماهر) به ڪوٺائين پيا. ڇو ته، ايئن حسين عورتن ۽ سهڻن ڇوڪرن جا هٿ ڪجهه دير ته هنن جي هٿن ۾ رهندا.​
    “تقريب ڪڇ تو بهر ملاقات چاهيئي”​
    لاڙڪاڻي ۾ هڪڙو اهڙو نئون، جعلي ۽ جڳاڙي پير پيدا ٿيو آهي، جيڪو نالي ۾ مسلمان آهي پر هندن جي پنڊتن ۽ ڀوپن کي به مات ڏئي ويو آهي. بظاهر سادو نظر ايندو. پويان ڪياڙي تائين وڏا وار ۽ وڏي ڏاڙهي. اردو جي ڪنهن شاعر جي لفظن ۾:​
    “يه تيري سادگي ڀي اڪ فريب هي”​
    هي جعلي فقير ٻين کي نقش ۽ تعويذ لکي ڏيڻ ۾ ڏينهن رات رڌل آهي پر پنهنجا نصيب اهڙا اٿس جو پاڻ “پن سن” جي ماني کائڻ ۾ پورو آهي. هي شعبدي باز گرو، پنهنجن نوجوان چيلن (مريدن) کي منفي قدرن ڏانهن مائل ڪري، ماڻهپي مان ڪڍي، اخلاق کان ڪريل، وحشي دور جا سبق ڏيندي چوي ٿو: “ڇا جو پيءُ ماءُ؟ ڪهڙي پيءُ جي شفقت؟ ڇا جي ماءُ جي مامتا؟ هي سڀ ڪجهه جنسي بک جو پورائو ڪرڻ جو نتيجو آهي. جيڪڏهن والدين کي اولاد سان محبت هجي ها ته پوءِ والدين هڪ ٻار ڄڻڻ تي اڪتفا ڪن ها. هڪ ٻار کان پوءِ ٻيا ٻار پيدا ٿيا ته اولاد سان ڇا جي محبت؟ اهو ته سڌو سنئون جنسي بک جو پورائو ڪرڻو آهي. جي پيءُ جي ٻاجهه ۽ شفقت هجي ها ته پوءِ رستم ۽ سهراب ته پاڻ ۾ سڳا پيءُ پٽ هيا. رستم پنهنجي سڳي پٽ سهراب کي ڇو قتل ڪيو؟ ان وقت پدري رت جوش ڇو نه کاڌو؟” سوچڻ جو مقام آهي ته پاڪ رشتن ۽ ناتن جي ڀيل ڪرڻ جا واعظ ڪرڻ وارا پاڻ کي فقير سڏائن؟!! ان جو هڪ چيلو، جيڪو پنهنجي نرڙ تي فقير هجڻ جو هٿرادو ليبل چنبڙائي، پنهنجي گروءَ وانگر رت جي رشتن جي ڀيل ڪندڙ ۽ نالي ۾ مسلمان ۽ منهن مهانڊي ۾ انسان لڳندڙ ان گروء لاءِ چوي ٿو ته (معاذالله) هو ته خود خدا آهي. اڃا ويهين صدي جي هن مفڪر ۽ عوامي اڪابرن جي سرواڻ جمعي فقير جا چيل لفظ صحيح نه آهن ته:”ابا ڊڄ! انساني کل ۾ ڪيتريون ئي بلائون لڪل آهن.“​
    جمعو فقير، جديد دور جو نئون وتايو، انهن مڙني ڪڌن ڪمن ۽ خراب ڳالهين کان آجو هو. انسان هيو، هن ۾ ضرور ڪي انساني اوڻايون به هونديون. پر الله پاڪ هن عوامي فيلسوف ۽ مفڪر کي گهڻين ئي گندين ڳالهين کان نجات ڏئي بچائي رکيو هو. ڇاڪاڻ ته جمعي فقير جي ڳالهه ۽ نگاهه ۾، “اصلي” انسانن جي “انساني عظمت” جو احساس به هيو ته خدا جو احترام به. هو فطرت جي ان لازوال انعام کان به خالي نه هيو، جنهن کي پيار چوندا آهن. قدرت هن کي قلب ۽ نظر جي وسيع دولت عطا ڪئي هئي. هي ان حديث جو عملي نمونو هيو، جيئن نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي ته؛ “ڇا تون نه ٿو ٻڌين ته سادگي ايمان جي نشاني آهي.” يا انگريزي جي هن قول جي هوبهو تصوير هيو:​
    “Simple living-High thinking”​
    قمبر شهر ۾ رهڻ دوارن جمعو فقير حجامڪو ڪم ڪندو هيو. پر جڏهن قمبر مان لڏي لاڙڪاڻي جي هڪ پاڙي رحمت پور ۾ خيما اڏيائين ته حجامڪو ڪم ڇڏي، قدرت طرفان مليل لازوال انعام “پيار” جي پالوٽ، گگدامن ۽ ڪتن ٻلن جي خدمت ڪرڻ ۾ صرف ڪيائين ۽ ان سان گڏ گداءُ به ڪرڻ لڳو. پيشه ور فقيرن جيان 5 يا 10 روپين جي سين ڪونه هڻندو هو ۽ نه ئي ماڻهن کي تنگ ۽ ڪڪ ڪندو هو. ڪو کيس خيرات ڏيڻ کان انڪار ڪندو هو ته چوندو هيس ته؛ “الله پاڪ جي جوڙ ته ڏس، توکي ڪيڏو نه خوبصورت ڪري پيدا ڪيو اٿس. ميان شڪر ڪر جو انسان ڪري پيدا ڪيو اٿئين! جي جانور ڪري پيدا ڪرئي ها ته تون ڇا ڪرينس ها؟ پنهنجي پيدا ڪندڙ، رازق ۽ ٻاجهاري جي نانءَ تي چند سڪا به قربان نه ٿو ڪرين سگهين! پر جي هاڻي ڪو مهمان اچي وڃئي ته ان کي راضي ڪرڻ ۾ ڪيترا پئسه خرچ ڪندين؟”​
    جمعو فقير ٻروچن کان خيرات اصل ڪونه گهرندو هيو. ٻروچ کي پري کان ڏسندي ئي پاسو ڪري ويندو هو. پڇيائونس؛ “ڇو؟” چيائين؛ “ان قوم ۾ خدا هجڻ جو دعويدار (فولاد شر) پيدا ٿيو هو. ان ڪري اڳ ۾ الله پاڪ کان ۽ پوءِ ٻروچن کان ڊڄان ٿو”. هڪ دفعي ڪنهن ٻروچ کيس پاڻ هرتو هڪ روپيو خيرات طور ڏنو ته هٿ جي تري کولي، ان تي اهو روپيو رکي، آسمان ڏانهن اشارو ڪندي چيائين: “اڄ خبر پئي ته ٻروچ به توکان ڊڄن ٿا.”​
    جمعو فقير سدائين مادي گڏهه رکندو هو. پاڻ کان وڏي ۽ ڊگهي ڏانگ هٿ ۾ هوندي هيس. ڪڏهن ڪڏهن گڏهه جي مٿان چڙهندو هيو نه ته گهڻي قدر گڏهه کي گهليندي نظر ايندو هو. ڪنهن چيس؛ “جمعا فقير هاڻي ڇڏ هن ڏٻري گڏهه کي، ڪو طاقتور گڏهه (نر) رک، جيڪو پاڻ هلي. هيءَ ته هلڻ ۾ هلاڪ آ”. جواب ۾ چيائينس؛ “نر گڏهه گهر ۾ بيهاريان ته ان لاءِ ڪڇو به درزي کان ٺهرائڻو پوندو.”​
    جمعو فقير ڪڏهن به ڪنهن پاڙي مان گذرندو هيو ته ڪتا، هن کي سڃاڻي ڪڍ لڳي پوندا هيا. رستي ويندي ڪنهن سان ڳالهائڻ لاءِ بيهي ته ڪتا به هن جي چوگرد اوتري دير تائين گهيرو ڪري بيهي رهندا هئا. هڪ دفعي ڪنهن پڇيس: “جمعا فقير ايترا ڪتا ڌاريا اٿئي؟” موٽ ۾ چيائينس؛ “بيوفا ڀرا ڪنون، ڪتا يار ڪريجي! ڇاڪاڻ ته هي نقصان ڪونه ڏيندا. گهر وٺي ويهاريان ته سنڀال ڪندا، پر جي ماڻهو وٺي ويهاريان ته پوءِ ڪهڙو حشر ٿيندو؟ اهو تون به سمجهين ٿو!”​
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    هڪ دفعي جناب ذوالفقار علي ڀٽي، لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي رهائش گاهه المرتضى هائوس جي اولهه واري حصي ۾، ڪچهري پئي ڪئي. پاڻ صدر مملڪت ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر هيو. با-وردي ۽ با-ادب ڳاڙهن اڇن خلن (ڪلاهن، طُري وارا پٽڪا) وارا بيرا خدمت چاڪري ڪرڻ ۾ مصروف هئا ته ڀٽي صاحب کي جمعي فقير جي اچڻ جو اطلاع مليو، جنهن کي پاڻ نياپو موڪلي گهرايو هئائين. وقت جي صدر، ڀٽي صاحب، اٿي جمعي فقير جي آجيان ڪئي ته حاضرين مجلس به اٿي بيٺا. تنھن تي جمعي فقير چين: “خوشامد گهٽ ڪريو. هونءَ ته رستي ويندي اسان پارن مسڪينن کي سلام جو جواب ڏيڻ ۾ به ٻرو چڙهندو اٿو.”هڪ عيد تي، ڀٽو صاحب عيد نماز پڙهڻ ۽ کلي ڪچهري ڪرڻ لاءِ، جيئن المرتضى مان نڪري، نئون ديرو وڃي رهيو هو ته لاڙڪاڻي شهر جي ميونسپل هاءِ اسڪول جي موڙ وٽ جمعي فقير سان مکا ميلو ٿيس. ڀٽي صاحب گاڏي مان لهي جمعي فقير کي چيو؛ “جمعا! عيد مبارڪ، وڌي اچ ته عيد ملئون.” چيائينس: “اڃا عيد نماز پڙهي نه اٿئي! ڇا جي عيد مبارڪ؟” ڀٽي صاحب چيس؛ “چڱو ڀلا دعا ڪر!” چيائينس؛ “منهنجي دعا سان ته پاڪستان جو بادشاهه (صدر) ٿيو آهين.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    اڃا به راضي ۽ خوش ناهين ته .......”جناب ذوالفقار علي ڀٽو هن سان اڪيلائپ ۾ ملي ڳجهيون ڳالهيون ڪندو هو. انتظاميه ۾ اچي ڦڙڦوٽ پئي ته الائي جمعو فقير متان اسان جي شڪايت نه ڪندو هجي. ان ڪري ڀٽي صاحب جي آمد تي، جمعي فقير لاءِ المرتضى واري روڊ تي اچڻ وڃڻ تي ڪرفيو لڳايو ويو. هڪ ٻه دفعا ڀٽو صاحب لاڙڪاڻي آيو پر جمعي کي نه ڏٺائين. پڇا ڪيائين؛ “جمعو فقير ڪٿي آهي؟ مان ٻه ٽي دفعا لاڙڪاڻي آيو آهيان پر جمعو فقير رستي ويندي به نه ٽڪرايو آهي. خدا نه ڪري، ڪٿي جمعو بيمار ته نه آهي”. سختيءَ سان حڪم ڏنائين؛ “جمعي فقير کي ڪٿان به ڳولي، هاڻي جو هاڻي مون سان ملايو”. ڀٽي صاحب جا نادري حڪم ھو. لاڙڪاڻي جي انتظاميه ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. جمعي فقير جي تلاش ۾ ڪيترائي آفيسر نڪري پيا. ڳوليندي ڳوليندي، ڏٺائون ته جمعو فقير مڇي مارڪيٽ (خان بهادر امير علي لاهوري مارڪيٽ) ۾ اکيون ٻوٽي، گوتم ٻڌ وانگر ڪنهن گيان ۾ گم هو ۽ سندس گڏهه ڀرسان گاهه کائي رهي هئي. هڪ وڏي عملدار ڀرسان وڃي چيس؛ “ڀٽو صاحب، توکي ياد پيو ڪري.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    اسان سان گڏجي هل.” جمعي فقير، فوري طور گڏهه جي رسي ۾ هٿ وجهي، ان کي گهلڻ شروع ڪيو. جنهن تي عملدار چيس؛ “تون گڏهه کي گهلي پيادو هلندين ته پوءِ المرتضى هائوس ڪڏهن پهچندين؟ هي پوليس اسڪاٽ ۽ ڀٽي صاحب وزيراعظم هائوس جي ڪار خاص ڏني آهي، ان ۾ چڙهي هل.” اهو ٻڌي جمعي فقير گڏهه کي ساڳي جاءِ تي بيهاريندي چيو: “پاڻ (ڀٽي صاحب) ماڻهو موڪليو اٿس، مان پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي سواري تي هلندم. هي ڪا توهان وانگر حڪومت واري عارضي سواري ڪانهي، جنهن تي اڄ هڪڙو چڙهي ته سڀاڻي اها ساڳي گاڏي ڪنهن ٻئي جي هجي. مان ڪار تي مرڳو ڪونه چڙهندم. توهان جي مرضي وڃي ڀٽي صاحب کي ٻڌايو ته جمعو ڪار تي نه ٿو چڙهي.” ڀٽي صاحب جو حڪم هيو سو پوليس عملدارن چيس؛ “فقير تنهنجي مرضي، گڏهه تي ئي هل، پر ٻيلي خدا کي مڃ! هل ته سهي!” لاڙڪاڻي جا روڊ جيڪڏهن شاهدين ڏيڻ جهڙا هجن ها ته اها شاهدي يقينًا ڏين ها ته ڪيئن جمعو فقير پوليس اسڪاڊ واري پروٽوڪول ۾، پنهنجي ڏٻري گگدام گڏهه تي چڙهي، خرامان خرامان المرتضى هائوس (وزيراعظم هائوس) ۾، گڏهه سميت، اندر داخل ٿيو هيو.هتي پاڻ کي، نعوذ بالله، خدا سڏائيندڙن جا سج اڀريا ۽ ٻڏي به ويا. پر جمعي فقير جو سج اڀريو ته ٻڏو ڪونه. مون کي ايران جي مشهور شاعر حافظ جو شعر ٿو ياد پوي. جيڪو حافظ ڄڻ لاڙڪاڻي جي جمعي فقير لاءِ چيو هو:
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    “دولت فقر خدايا به من ارزاني دار،
    ڪه اين ڪرامات سبب، حشمت و تمڪين من است”
    (خداوندا! مون کي فقيري جي دولت عطا ڪر! ڇاڪاڻ ته اها مهرباني منهنجي شان ۽ شوڪت جو باعث آهي)
    گذريل سال ڊسمبر مهيني جي پوئين هفتي ۾، لاڙڪاڻي کي ضلعي حيثيت ۾ 100 سال پورا ٿيڻ تي، شاهنواز ڀٽو آڊيٽوريم ۾ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي طرفان “جشن لاڙڪاڻو” ملهايو ويو. جنهن ۾ محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محترم ڪريم بخش خالد، محترم عبدالغفور ڀرڳڙي، ميڊم حميده کهڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مگر مجال آ جو ڪنهن ڳالهائيندڙ جي واتان، هن جديد وتائي جمعي فقير جو نالو نڪتو.
    ان ساڳي طرز تي، لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ، اردو ڳالهائيندڙن طرفان ٺهيل هڪ علمي ادبي تنظيم “لاڙڪاڻو سنگت” جي پليٽ فارم تان، نيپا آڊيٽوريم ڪراچيءَ ۾ گذريل 18 جنوري تي “جشن لاڙڪاڻو” ملهايو ويو. جشن لاڙڪاڻو جو اهتمام ڪندڙ، لاڙڪاڻو سنگت جي باني چيئرمين ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين جي سيڪريٽري جنرل، سٺي ۽ نامور شاعر ۽ اديب مسلم شميم، پنهنجي آجياڻي تقرير ۾ جديد ڏاهي ۽ عوامي اڪابر جمعي فقير جي نالي جو بار بار ورجاءُ ڪيو ته ههڙو عوامي فيلسوف به لاڙڪاڻي جي مردم خيز زمين جي پيداوار آهي. لاڙڪاڻي مان لڏي ويندڙ فوٽو گرافر اڪرام دکني سان جڏهن يونيورسٽي روڊ ڪراچي جي دشتيار اپارٽمينٽس ۾ قائم ڪيل سنڌ فوٽو اسٽوڊيو ۾ اڳوڻي صدر ايوب خان ۽ جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي تصوير سان گڏ لڳل جمعي فقير جي گڏهه سان نڪتل تصوير بابت پڇيم ته اڪرام وراڻيو؛ “هي ٻئي (ايوب خان ۽ ڀٽو صاحب) پاڪستان جي رياست جا بادشاهه (صدر) هيا ته جمعو به پنهنجي رياست جو بادشاهه هيو.” پوءِ اردو جو شعر پڙهيائين:
    “هم خاڪ نشينون ڪي ٺوڪر مين زمانه هي”
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,522
    ورتل پسنديدگيون:
    3,471
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا ممتاز وگهيو صاحب،سليمان وساڻ صاحٻ ۽ نثارابڙو سائين اسلام عليڪم۔توهانجا لک لائق جو مرحوم جمع فقير جي باري ۾ ايڏي معلومات ونڊ ڪئي اٿئو۔سچ پڇو ته اسان کي ان جي باري ۾ اڄ کان اڳ ۾ ڪابه معلومات ڪانه هئي۔ بيشڪ اسان جي ڌرتي تمام وڏن وڏن ڏاهن سان ڀري پئي آهي ،جن جو اسان انهن جي زندگي ۾ ۽ ڪڏهن ڪڏهن وفات کانپوء به ڪو قدر نه ٿا ڪيون۔شل الله پاڪ اسان کي انهن ڏاهن جي انهن جي مرتبي جي حساب سان قدر ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔آمين۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,489
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    جمعي فقير جون گهڻيون ڳالهيون ٻڌيون آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔هن تي عنايت ميمڻ به لکيو آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو