يتيم جي پرورش ۔۔۔ هڪ سچي آکاڻي

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏4 جون 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سچو قصو؛ هڪ مشهور ڪالم نويس جي زباني
    يتيم جي پرورش
    [​IMG]


    ”منهنجو دوست حاجي صاحب تمام گهڻو بيمار رهندو هو، ڪيترن سالن کان پيٽ مان هر هفتي پاڻي ڪڍرائيندو هو، گردا اصل ختم ٿيڻ تي هيس، هڪ وقت ۾ هڪ اڌ ڊبل روٽي جو ٽڪرو کائي سگهندو هو، ڪمزوري ايتري جو پائخاني تائين وڃڻ لاءِ به سهاري جي ضرورت هوندي هيس.

    هڪ ڏينهن آءُ جڏهن ان حاجيءَ جي گهر ويس ته، ڇا ڏسان ته حاجي صاحب بغير ڪنهن آسري جي گهمي ڦري رهيو آهي، خوش خير و عافيت ڪندي گهر ۾ باغ جا ڏهه چڪر ٻنهي گڏجي هنيا. سندس جسم صحتمند ماڻهن جهڙو ڏيک ڏئي رهيو هو، آخر ۾ جڏهن ٻئي باغ ۾ پيل ڪرسين تي ويٺا سون ته مون کائنس پڇيو،
    ” هي ڪهڙو ڪرشمو آهي“، ڪا دوا ڪو درمل، ڪا دعا يا ڪو تعويذ ... ؟

    حاجي صاحب وراڻيو، ” مهنجي هٿ هڪ اهڙو نسخو لڳو آهي جو دنيا وارن کي خبر پئجي وڃي ته دنيا جا سڀ ڊاڪٽر ۽ حڪيم بيروزگار ٿي ويندا، سڀ اسپتالون بند ۽ مڙني دواخانن تي تالا لڳي ويندا“

    مون حيران ٿيندي چيو ته آخر اهڙو ڪهڙو نسخو آهي جو اوهانجي هٿ آيو آهي ..؟؟؟

    حاجي صاحب وراڻيو ته، ” منهنجو نوڪر والده فوت ٿي وڃڻ سبب موڪل وٺي ويو ته منهنجن پٽن منهنجي خدمت لاءِ هڪ ڇهن ستن سالن جو ڇوڪرو خدمت لاءِ عارضي طور آندو، مون ان ڇوڪري کان هڪ ڏينهن پڇيو ته، توکي اهڙي ڪهڙي مجبور ي جو هن عمر ۾ توکي ڪم ڪرڻ جي ضرورت پئي ۽ منهنجي خدمت لاءِ آيو آهين؟

    ڇوڪر ٿوري خاموشيءَ کانپوءِ روئيندي جوب ڏنو ته هڪ ڏينهن سندن ڳوٺ ۾ اوچتو ٻوڏ آئي جنهن ۾ سندس سمورو خاندان لڙهي ويو ۽ هو بچي ويو. ۽ سندس گهر ۽ مال تي رشتيدارن قبضي ڪري ورتو انڪري هاڻ کيس نه رهڻ جي جاءِ آهي نه ئي ڪو آسرو“

    مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ کائسن پڇيو ته ” پٽ اسڪول ۾ پڙهڻ ويندي“ ته جواب ۾ ڪنڌ سان هائوڪار ڪيائين.

    مون مينجر کي سڏ ڪري ان ڇوڪري کي سٺي کان سٺي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ چيو ۽ سندس سموري خرچ جو بندوبست ڪيو.

    ٻار جو اسڪول ۾ داخل ٿيڻ ۽ انجي دعائن جو اثر شروع ٿيو. ڪيترن سالن کانپوءِ مونکي بک لڳڻ شروع ٿي ۽ مون دل ڀري کاڌو کائڻ شروع ڪيو، سڀ گهر وارا ۽ ڊاڪٽر پريشان ٿي ويا.

    ڪجهه ڏينهن ۾ ان ڇوڪري جي هاسٽل ۾ رهائش جو بندوبست ٿي ويو ته آءُ بنا ڪنهن سهاري جي حمام تائين وڃڻ شروع ڪيو.

    مون پنهنجي مينجر کي وڌيڪ اهڙن پنجن يتيم ٻارن جي ڳولها جو حڪم ڏنو جن جو هن دنيا ۾ ڪو به نه هجي، ۽ انهن کي به اسڪول ۾ ڀرتي ڪرائي سندن خرچ شروع ڪيم.

    الله جا لک شڪر هاڻ آءُ بلڪل خوش آهيان ۽ بنا سهاري جي هلان گهمان، پيٽ ڀري ماني کاوان ٿو ۽ کلندو خوش ٿيندو رهانٿو ...

    حاجي صاحب کلندي چيو ته الله جي مهرباني سان هاڻ آءُ تيستائين بيمار نه ٿيندس جيستائين اهي ٻار پنهنجن پيرن تي نٿا بيهن. ۽ هڪ عجيب جملو چيائين

    ياد رکو؛
    ”قدرت ! يتيم کي ڇانو ڏيندڙ وڻ جي ڇانوري کي ڊگهو ڪري ڇڏيندي آهي“


    قرآن شريف جي اڻ ڳڻين آيتن ۾ الله تعالا ڇورن ٻارن سان انصاف ڪرڻ لاءِ چيو آهي ۽ پنهنجي مال مان جيڪڏهن ڪا سڀ کان احسن خيرات آهي يا صدقو آهي ته اهو آهي يتيمن جي پرگهور لهڻ ... هي اهو قرض آهي الله جي طرف جيڪو هر صورت ۾ هن دنيا ۽ ايندڙ دنيا ۾ تمام گهڻن انعامن سان موٽايو ويندو.

    ساڳئي طرح الله جي رسول اڪرم صلي الله وسلم جن پڻ ڪيترين ئي حديثن ۾ ڇوري ٻار سان سهڻي سلوڪ ۽ انهن کي کاڌي کارائڻ ۽ انهن جي پرورش ڪرڻ لاءِ زور ڀريو آهي ۽ چيو آهي ته جيڪڏهن الله تعالا کي ڪو سهڻو قرض ڏيڻو اٿوَ ته يتيمن جي مدد ڪريو.
     
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    خوبصورت ڪھاڻي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين تمام گهڻو پسند آئي اها ڳالهه، واقعي قرآن پاڪ ۾ ڪيترين ئي جڳهن تي يتيمن سان سهڻو سلوڪ ڪرڻ جو ذڪر ٿيل آهي، ۽ منهنجو آقا مٺو مديني جو مرسل صه ته يتيمن جو يار هو، ان جهڙو شفقت وارو ورتاءِ يتيمن سان ڪير به نٿو ڪري سگهي۔ رب پاڪ اسان کي ايتري سگهه عطا ڪري ته جئين اسين به اهڙا نيڪ عمل ڪري رب جي بارگاهه ۾ سرخرو ٿيون۔ آمين
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين مان ان ڪهاڻي مان ڏاڍو متاثر ٿيس

    جزاڪ الله

    اهڙو ونڊ جاري رکندا ڪريو

    سدائين گڏ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    بهترين ونڊ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. غلام مصطفي ا

    غلام مصطفي ا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2012
    تحريرون:
    108
    ورتل پسنديدگيون:
    227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    ڌنڌو:
    انساني حقن واري تنظيم ۾ ڪوآردينيٽر جي حيثيت.
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سبق آميز ڪهاڻي ۔ سٺي ونڊ ادا
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا نثار ابڙو صاحب،سلام عليڪم ۽ ماشالله ،الله پاڪ شل اوهان جي قلم کي ڪڏهن به زنگ نه لڳائي۔ننڍو قصو پر پنهنجي اندر تمام وڏو سبق ڏيندڙ ليک۔بيشڪ اسان جي دين ۾ يتيم ٻار سان محبت ،پيار ۽ ان جي سارلهڻ جي باربار تلقين ڪئي ويئي آهي۔الله پاڪ جي عظمت ،ڪرم ۽ رحمدلي جي ڪهڙي ڳاله ڪجي جو حاجي صاحب جي لاعلاج بيماري ۽ ان جي ڪري پيدا ٿيندڙ حالتون،هنن جي يتيم ٻار جي مٿان هٿ رکڻ،ان کي ؤ ٻين پنجن يتيمن کي تعليم ڏيارڻ واري عمل جي ڪري ،حاجي صاحب جون جسماني تڪليفون ۽ ڪمزوريون ٺيڪ ڪري ڇڏيون۔اسان کي به گهرجي ته پنهنجي قوت آهريتمين ؤ مسڪينن جي سار سنڀال لهون،شل الله پاڪ ان ڪم جي طفيلي اسان ته به پنهنجو خاص ڪرم ڪري،گناه بخش ڪري۔هي ليک تعريفي ڪمينٽس کان گهڻون مٿاهون آهي۔

    انتظاميه جي اڳيان هڪ سجيشن آهي ته ڇو نه اسان هن محبتي اڳڻ جي توسط سان سڄي سنڌ ۾ سوء يا پنهنجي حثيت آهر ڪجھ گهٽ غريب ؤ يتيم ٻارن کي چونڍي انهن جو تعليمي خرچ هن اڳڻ جي ڪمائيندڙميمبرن جي مدد سان ڀري انهن کي تعليم جهڙي زيوار سان آراسته ڪري هن معاشري جو هڪ باشعور ميمبر ٿيڻ ۾ مدد ڪيون۔
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين لاجواب وند آهي ۔۔۔۔۔۔۔

    ڪاش ڪو اسان سمجهي سگهون ۽ ان تي عمل به ڪيون۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    ادا اها آکاڻي واقعي ۾ دلچسپ ۽ مزيدار آهي سفا دل خوش ٿي وئي۔
    اسان جي دعا آهي الله پاڪ هر يتيم ٻار کي ڪو اهڙو سهارو ڏي جنهن سان هن جي زندگي آسان بڻجي وڄي۔
    خوبصورت لکت ونڊ ڪرڻ لائي مهرباني۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سبق آموز سائين، بلڪل، پاڻ سڳورا صلا الله عليه وآله وسلم جن به يتيم هئا، قرآن مجيد جي آيت آهي: (الم يجدڪ يتيما فآوا)۔
    پاڻ سڳورن ٻه آنڳوريون گڏائي فرمايو ته مان ۽ يتيم جي ڪفالت ڪندڙ جنت ۾ هن طرح گڏ هوندا سين ۽ ٻئي آنڱريون گڌايائون۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    بيشڪ هيءَ حقيقت آهي، ان يتيم نينگر کي جيڪڏهن دنيا جي رولڙن ۾ ڪو ڇانورو ملي ويندو ته يقينن هو پنهنجي دل سان خلوص سان ان ڇانورو ڏيندڙ ماڻهوءَ جي لاءِ دعاڳو ٿيندو ۽ يقينن پوءِ اها دعا اثر به ته ڪندي۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جزاڪم الله سائين تمام بهترين حقيقت آهي الله تعالي اسان سڀني کي اهڙي توفيق عطا فرمائي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دنيا جي دولت جيسين پنهنجي کيسي ۾ هوندي آهي تيسين سڪون بلڪل به نه هوندو آهي ايسيتائين اڻ تڻ متل هوندي آهي جيسين ان کي خرچ نه ڪري ڇڏيون۔۔۔
    ثابت ٿيو ته پيسو پاڻ وٽ ترسڻو ناهي ان کي ٻاهر نڪرڻو ئي آهي۔۔۔ ۽ جيڪڏهن اهو پيسو اجايو ضايع ٿيڻ بجاءِ ڪنهن جي ڪم اچي وڃي ته ڪيڏو نه ڀلو۔۔۔
    مون کي يقين آهي ته ان شخص جو اعلاج دراصل روحاني ٿيو۔۔۔ ۽ جڏهن روح کي تسڪين ملڻ لڳي ته ان جي ٿڌاڻ جسم تائين به پهتي جيڪا يقينن وٽامنز ثابت ٿي۔۔۔
    تمام ڀلو ليک ۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ان سلسلي ۾ ايندڙ ميٽنگ ۾ توهان جون صلاحون ٻڌبيون۔۔۔ جنهن ۾ هاڻي دير ناهي :)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو