نثارابڙو
نائب منتظم
سچو قصو؛ هڪ مشهور ڪالم نويس جي زباني
يتيم جي پرورش

”منهنجو دوست حاجي صاحب تمام گهڻو بيمار رهندو هو، ڪيترن سالن کان پيٽ مان هر هفتي پاڻي ڪڍرائيندو هو، گردا اصل ختم ٿيڻ تي هيس، هڪ وقت ۾ هڪ اڌ ڊبل روٽي جو ٽڪرو کائي سگهندو هو، ڪمزوري ايتري جو پائخاني تائين وڃڻ لاءِ به سهاري جي ضرورت هوندي هيس.
هڪ ڏينهن آءُ جڏهن ان حاجيءَ جي گهر ويس ته، ڇا ڏسان ته حاجي صاحب بغير ڪنهن آسري جي گهمي ڦري رهيو آهي، خوش خير و عافيت ڪندي گهر ۾ باغ جا ڏهه چڪر ٻنهي گڏجي هنيا. سندس جسم صحتمند ماڻهن جهڙو ڏيک ڏئي رهيو هو، آخر ۾ جڏهن ٻئي باغ ۾ پيل ڪرسين تي ويٺا سون ته مون کائنس پڇيو،
” هي ڪهڙو ڪرشمو آهي“، ڪا دوا ڪو درمل، ڪا دعا يا ڪو تعويذ ... ؟
حاجي صاحب وراڻيو، ” مهنجي هٿ هڪ اهڙو نسخو لڳو آهي جو دنيا وارن کي خبر پئجي وڃي ته دنيا جا سڀ ڊاڪٽر ۽ حڪيم بيروزگار ٿي ويندا، سڀ اسپتالون بند ۽ مڙني دواخانن تي تالا لڳي ويندا“
مون حيران ٿيندي چيو ته آخر اهڙو ڪهڙو نسخو آهي جو اوهانجي هٿ آيو آهي ..؟؟؟
حاجي صاحب وراڻيو ته، ” منهنجو نوڪر والده فوت ٿي وڃڻ سبب موڪل وٺي ويو ته منهنجن پٽن منهنجي خدمت لاءِ هڪ ڇهن ستن سالن جو ڇوڪرو خدمت لاءِ عارضي طور آندو، مون ان ڇوڪري کان هڪ ڏينهن پڇيو ته، توکي اهڙي ڪهڙي مجبور ي جو هن عمر ۾ توکي ڪم ڪرڻ جي ضرورت پئي ۽ منهنجي خدمت لاءِ آيو آهين؟
ڇوڪر ٿوري خاموشيءَ کانپوءِ روئيندي جوب ڏنو ته هڪ ڏينهن سندن ڳوٺ ۾ اوچتو ٻوڏ آئي جنهن ۾ سندس سمورو خاندان لڙهي ويو ۽ هو بچي ويو. ۽ سندس گهر ۽ مال تي رشتيدارن قبضي ڪري ورتو انڪري هاڻ کيس نه رهڻ جي جاءِ آهي نه ئي ڪو آسرو“
مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ کائسن پڇيو ته ” پٽ اسڪول ۾ پڙهڻ ويندي“ ته جواب ۾ ڪنڌ سان هائوڪار ڪيائين.
مون مينجر کي سڏ ڪري ان ڇوڪري کي سٺي کان سٺي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ چيو ۽ سندس سموري خرچ جو بندوبست ڪيو.
ٻار جو اسڪول ۾ داخل ٿيڻ ۽ انجي دعائن جو اثر شروع ٿيو. ڪيترن سالن کانپوءِ مونکي بک لڳڻ شروع ٿي ۽ مون دل ڀري کاڌو کائڻ شروع ڪيو، سڀ گهر وارا ۽ ڊاڪٽر پريشان ٿي ويا.
ڪجهه ڏينهن ۾ ان ڇوڪري جي هاسٽل ۾ رهائش جو بندوبست ٿي ويو ته آءُ بنا ڪنهن سهاري جي حمام تائين وڃڻ شروع ڪيو.
مون پنهنجي مينجر کي وڌيڪ اهڙن پنجن يتيم ٻارن جي ڳولها جو حڪم ڏنو جن جو هن دنيا ۾ ڪو به نه هجي، ۽ انهن کي به اسڪول ۾ ڀرتي ڪرائي سندن خرچ شروع ڪيم.
الله جا لک شڪر هاڻ آءُ بلڪل خوش آهيان ۽ بنا سهاري جي هلان گهمان، پيٽ ڀري ماني کاوان ٿو ۽ کلندو خوش ٿيندو رهانٿو ...
حاجي صاحب کلندي چيو ته الله جي مهرباني سان هاڻ آءُ تيستائين بيمار نه ٿيندس جيستائين اهي ٻار پنهنجن پيرن تي نٿا بيهن. ۽ هڪ عجيب جملو چيائين
ياد رکو؛
”قدرت ! يتيم کي ڇانو ڏيندڙ وڻ جي ڇانوري کي ڊگهو ڪري ڇڏيندي آهي“
قرآن شريف جي اڻ ڳڻين آيتن ۾ الله تعالا ڇورن ٻارن سان انصاف ڪرڻ لاءِ چيو آهي ۽ پنهنجي مال مان جيڪڏهن ڪا سڀ کان احسن خيرات آهي يا صدقو آهي ته اهو آهي يتيمن جي پرگهور لهڻ ... هي اهو قرض آهي الله جي طرف جيڪو هر صورت ۾ هن دنيا ۽ ايندڙ دنيا ۾ تمام گهڻن انعامن سان موٽايو ويندو.
ساڳئي طرح الله جي رسول اڪرم صلي الله وسلم جن پڻ ڪيترين ئي حديثن ۾ ڇوري ٻار سان سهڻي سلوڪ ۽ انهن کي کاڌي کارائڻ ۽ انهن جي پرورش ڪرڻ لاءِ زور ڀريو آهي ۽ چيو آهي ته جيڪڏهن الله تعالا کي ڪو سهڻو قرض ڏيڻو اٿوَ ته يتيمن جي مدد ڪريو.