سکر شھر

'مختلف موضوع' فورم ۾ Abdul Wahid Soomro طرفان آندل موضوعَ ‏4 جون 2012۔

  1. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    91 اٽيچمينٽ ڏسو
    سکر سنڌ جو ٽيون نمبر وڏي ۾ وڏو شهر ۽ اترين سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي. سکر جو شهر سکر بيراج جي ڪري پڻ مشهور آهي. انتظامي لحاظ سان سکر ضلعي جي حيثيت رکي ٿو ۽ هن وقت اتي ضلعي حڪومت پڻ ڪم ڪري رهي آهي.

    اڳي جڏهن بکر وڏو شهر ۽ قلعو هو، تڏهن سکر انهيءَ جي ويجھو هڪڙو ننڍو ڳوٺ هو. سن 927هه يعني 1529ع ڌاري جڏهن مرزا شاهه بيگ ارغون سنڌ جو حاڪم هو، تڏهن بکر ۾ ڌاريجن ماڻهن فساد ڪيو هو. انهيءَ جي بند ڪرڻ لاءِ مرزا ٺٽي مان آيو ۽ بکر ڏانهن ويندي سکر ۾ منزل ڪيائين. سلطان محمود خان بکر واري، اڳيئي فساد بند ڪرائي ستاويهن ڌاريجن سردارن کي مارائي ڇڏيو هو. انهن فسادين جو لاشون پورائي انهن جي مٿان هڪڙو ٺلهه ٺهرائي ڇڏيائين، جنهن کي خوني ٺله يا منارو سڏيندا آهن. سن 983هه يعني 1575ع ۾ اڪبر بادشاهه ڪيسو خان کي موڪليو ته سلطان محمود خان جي جاءِ تي بکر جو حاڪم مقرر ٿي. جڏهن هو بکر آيو، تڏهن بادشاهه وٽان ٻيو حڪم آيو ته بکر ۽ لوهريي محب علي خان ۽ مجاهد خان جي حوالي ڪري ۽ پاڻ رڳو سکر هٿ ۾ رکي. سن 998هه يعني 1589ع ڌاري، جڏهن خان خانان ميان آدم شاه ڪلهوڙي وٽ آيو ۽ هن کي جاگير ڏئي ويو، تڏهن آدم شاهه ٿوري وقت لاءِ پنهنجي مرشد لال عيسن جي ملاقات لاءِ ويو. اتي گهڻا مريد وٽس گڏ ٿيا. تنهنڪري اتي جي زميندارن هن کي شهيد ڪرائي ڇڏيو. سندس وصيت موجب سندس لاش بکر ۾ آني سکر جي هڪڙي ٽڪريءَ تي رکيائون، جا اڃا تائين آدم شاهه جي ٽڪري ٿي سڏجي. سن 1168هه : 1755ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهنجي پاران ديوان گدو مل کي احمد شاه دورانيءَ ڏي موڪليو ۽ اهو سکر ۾ هن کي اچي گڏيو ؛ پر بادشاهه ميان تي ڪاوڙيل هو ۽ ٽن ڏينهن تائين ديوان کي نه گڏيو. پوءِ بادشاهه نوشهري ويو. اتي ديوان گڏيس ۽ ميان جي فائدي ۾ حڪم ورتائين. سن 1258هه يعني 1842ع ۾ جڏهن سر چارلس نيپئر سنڌ جو ريزيڊنٽ مقرر ٿيو، تڏهن هو سکر ۾ آيو ۽ مير صوبدار ۽ ٻين انهيءَ پاسي جي ميرن اُتي اچي ساڻس ملاقات ڪئي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    تمام سهڻي ونڊ ڪئي آهي۔ ان کان اڳ مونکي سکر شهر بابت ايترو ڪجهه معلوم نه هيو، توهان جا قرب جو اهڙي ونڊ ڪرڻ تي اسان جي ڄاڻ ۾ واڌارو ٿيو، اميد ته سنڌ جي ٻين شهرن بابت تاريخي ڄاڻ فراهم ڪندا رهندا۔۔سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    ادا منظور عباسي صاحب توھان کي ھي منھنجو ليک بھتر لڳو ان لا مان اوھان جو ٿورائتو آھيان۔ انشااللھ ڪوشش ڪندس ته سنڌ جي ٻين شھرن بابت به اھڙي ڄاڻ اوھان تائين پھچي سگھي۔
     
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    قرب سائين جن جا۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    سائين سومرا صاحب سُٺي ڄاڻ ڏني اٿوَ ۔ چارلس نيپيئر جي ذڪر سان گڏ جي هن جي بنگلي جو به ذڪر ڪيو ها ته چڱو ٿئي ها ، اهو بنگلو اڄ به لوڪس پارڪ ۽ بولان هوٽل جي ڀِڪ ۾ موجود آهي جتان هن ظالم سکر واسين تي بندوقن جا منهن کولي ڇڏيا هيا ۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سکر درياء جي ڪناري تي آباد سنڌ جو خوبصورت شهر آهي۔ هن شهر جي هڪ خاصيت اها به آهي ته هي سنڌ جو ٽيون نمبر وڏو شهر هجڻ جي بهاني اتر سنڌ جو اهڙو شهر آهي جيڪو نه صرف سنڌ پر پنجاب ۽ بلوچستان لاء هڪ خاص تجارتي شهر آهي۔​
    اوهان مجو مٿيون ليک خوبصورت ۽ تعريف لائق آهي جيڪو وڪيپيڊيا تان کنيل آهي۔ مان هيٺ ڪجهه لنڪدس ڏيان پيو جتان اوهان کي سکر شهر بابت وڌيڪ تفصيلي معلومات ملي ويندي۔​
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    سائين قبلا تمام خوبصورت تصويرون اپلوڊ ڪيون ويون آهن ۔ جي ٿي سگهي ته مسجد منزل گاهه جون تصويرون اپلوڊ ڪيو ته منهنجي مٿان احسان ٿيندا ۔​
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪوشش ڪبي ته اهي تصويرون هٿ ڪري اوهان سان ونڊ ڪجن
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جمالي صاحب لک لائق اوھان جا جو چارلس نيپيئر جو ذڪر ڪيومونکي ان جي باري ۾ ڄاڻ نه ھئي۔
     
  10. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    سائين سليمان صاحب اوھان جا قرب جو اوھان سکر شھر جون ڪجھ تصويرن ونڊ ڪيون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو