Abdul Wahid Soomro
سينيئر رڪن
91 اٽيچمينٽ ڏسو
سکر سنڌ جو ٽيون نمبر وڏي ۾ وڏو شهر ۽ اترين سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي. سکر جو شهر سکر بيراج جي ڪري پڻ مشهور آهي. انتظامي لحاظ سان سکر ضلعي جي حيثيت رکي ٿو ۽ هن وقت اتي ضلعي حڪومت پڻ ڪم ڪري رهي آهي.
اڳي جڏهن بکر وڏو شهر ۽ قلعو هو، تڏهن سکر انهيءَ جي ويجھو هڪڙو ننڍو ڳوٺ هو. سن 927هه يعني 1529ع ڌاري جڏهن مرزا شاهه بيگ ارغون سنڌ جو حاڪم هو، تڏهن بکر ۾ ڌاريجن ماڻهن فساد ڪيو هو. انهيءَ جي بند ڪرڻ لاءِ مرزا ٺٽي مان آيو ۽ بکر ڏانهن ويندي سکر ۾ منزل ڪيائين. سلطان محمود خان بکر واري، اڳيئي فساد بند ڪرائي ستاويهن ڌاريجن سردارن کي مارائي ڇڏيو هو. انهن فسادين جو لاشون پورائي انهن جي مٿان هڪڙو ٺلهه ٺهرائي ڇڏيائين، جنهن کي خوني ٺله يا منارو سڏيندا آهن. سن 983هه يعني 1575ع ۾ اڪبر بادشاهه ڪيسو خان کي موڪليو ته سلطان محمود خان جي جاءِ تي بکر جو حاڪم مقرر ٿي. جڏهن هو بکر آيو، تڏهن بادشاهه وٽان ٻيو حڪم آيو ته بکر ۽ لوهريي محب علي خان ۽ مجاهد خان جي حوالي ڪري ۽ پاڻ رڳو سکر هٿ ۾ رکي. سن 998هه يعني 1589ع ڌاري، جڏهن خان خانان ميان آدم شاه ڪلهوڙي وٽ آيو ۽ هن کي جاگير ڏئي ويو، تڏهن آدم شاهه ٿوري وقت لاءِ پنهنجي مرشد لال عيسن جي ملاقات لاءِ ويو. اتي گهڻا مريد وٽس گڏ ٿيا. تنهنڪري اتي جي زميندارن هن کي شهيد ڪرائي ڇڏيو. سندس وصيت موجب سندس لاش بکر ۾ آني سکر جي هڪڙي ٽڪريءَ تي رکيائون، جا اڃا تائين آدم شاهه جي ٽڪري ٿي سڏجي. سن 1168هه : 1755ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهنجي پاران ديوان گدو مل کي احمد شاه دورانيءَ ڏي موڪليو ۽ اهو سکر ۾ هن کي اچي گڏيو ؛ پر بادشاهه ميان تي ڪاوڙيل هو ۽ ٽن ڏينهن تائين ديوان کي نه گڏيو. پوءِ بادشاهه نوشهري ويو. اتي ديوان گڏيس ۽ ميان جي فائدي ۾ حڪم ورتائين. سن 1258هه يعني 1842ع ۾ جڏهن سر چارلس نيپئر سنڌ جو ريزيڊنٽ مقرر ٿيو، تڏهن هو سکر ۾ آيو ۽ مير صوبدار ۽ ٻين انهيءَ پاسي جي ميرن اُتي اچي ساڻس ملاقات ڪئي.