مگسي
سينيئر رڪن
دال مان سيرو يعني اڻ هوند مان يا سُڃائيءَ مان آسودگي.
ڳالھ ڪندا آهن ته ڪنهن پوليس عملدار سان، سندس وڏو آفيسر، ايترو ته ناراض هو، جو هو کيس پوليس ٿاڻي تي ويٺو نه سهندو هو. اڃا هڪڙي پاسي کان نوڪري ڏيئي، ٿاڻي تي مس پهچندو هو ته سندس آفيسر، وري کيس ڪنهن نئين ڪم پويان ڀڄائيندو هو. مطلب ته سندس ساروئي مهينو ائين گذرندو هو.
هڪڙي دفعي اهو ننڍو عملدار، رات جي وقت اڃا ٿاني تي پهتو ئي مس ۽ ماني کائي، پورو ٿڪ به نه ڀڳو هئائين ته وڏي عملدار گهرائي کيس چيس ته: ”فلاڻو ماڻهو، ڪنهن ڏوھ ۾ گهربل آهي، وڃي کيس پڪڙي اچ.“ هيءُ ويچارو، حڪم جو بندو! ”حاضر سائين“، چئي گهوڙي تي لانگ ورائي، روانو ٿيو. بيگاه وقت جي ڪري، سڙڪ ڇڏيم جھنگ مان هڪڙي ڦٽل ڪڙيي جو ڪپ ڏيئي، اُن ڳوٺ ڏانهن ٿي ويو، جنهن ۾ گهربل ماڻهو، جو ڏس مليل هوس. اوچتو گهوڙي جي سنبت، ڪنهن اهڙيءَ سخت شيءَ سان لڳي، آواز ڪيو، جھڙو ڪنهن ٽامي جي برتن کي ڌڪ لڳڻ سان، آواز ٿيندو آهي. هو اُهو آواز ٻڌي هڪدم گهوڙي تان لهي پيو. اڃا هٿن سان، مٽي هيڏانهن هوڏانهن هٽايائين ته کيس هڪڙي ديڳ نظر آئي، جا ساري سونين مهرن سان ڀريل هئي! خرزين ۽ توبرو ڀريائين، کيسا به پُر ڪيائين ۽ بچي پيل مهرون هڙ ڪري ٻَڌائين! مطلب ته ديڳ ۾، ڪانه ڇڏيائين نالي ڪاڻ ڪا هڪڙي مهر! سندس ڳوٺ اُتان ميل ـــ ٻن پنڌ تي هو، موٽيو ۽ جنهن ماڻهوءَ کي پڪڙڻوهوس، تنهن کي پڪڙي عملدار جي حوالي ڪري، پنهنجي استعفا جي عريضي ڏيئي، گهر هليو آيو.
گهر ۾ ته، غيبي خزانو موجود هوس، جنهن مان، زمين ۽ ٻي ملڪيت خريد ڪري، اميراڻو گذر ڪرڻ لڳو. ماڻهن ۾ چو پچو شروع ٿي ته هيءُ اڳ ۾ هڪڙو رواجي سپاهي هو ۽ هينئر امير بنجي ويو آهي! تنهن تي ڪنهن سالڪ چيو ته:
”ادا، جي بخت ڏئي ڀيرو، ته دال مان ٿئي سيرو.“