• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڄاتل سڃاتل ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
منهنجي خيال ۾ هيٺ ڏنل لفظن کي سهڻي طرح سنڌي ۾ لکيو وڃي۔

Addicted
legend
Professional
Lover

نه ته،
1. Pentium 1 66mhz
2. Pentium 2 233 mhz
3. Cyrix 333mhz
4. Celeron 700mhz
5. AMD Athlon 1ghz
6. Pentium 4 2.8ghz
7. Pentium 4 3.06ghz
8. Dual Xeons
9. Quad Core
10. AMD Opteron 12 core
11. 8 Quad core xeon beast
 
منهنجي خيال ۾ هيٺ ڏنل لفظن کي سهڻي طرح سنڌي ۾ لکيو وڃي۔
1. Pentium 1 66mhz
2. Pentium 2 233 mhz
3. Cyrix 333mhz
4. Celeron 700mhz
5. AMD Athlon 1ghz
6. Pentium 4 2.8ghz
7. Pentium 4 3.06ghz
8. Dual Xeons
9. Quad Core
10. AMD Opteron 12 core
11. 8 Quad core xeon beast

هاهاهاهاها۔۔۔۔۔۔ خير ڪنهن بهاني توهان جي سنڌ سلامت تي آمد ته ٿي۔۔۔:)
 
تمام ڀلو ۔۔ هتي ادا عرس کي غير ضروري بحث سمجهندي به ڪافي نوان لفظ سکي ورتا۔۔۔ جيڪي اڳتي هلي فائديمند ٿيندا۔۔۔
دوستو سڀني دوستن جي راين کي هڪ دفعو وري نئين ترتيب ڏجي ٿي۔۔۔ توهان جي راء مطابق هيٺيان لفظ سامهون آيا آهن جن ۾ ڪجهه لفظ اڳ استعمال ٿيل آهن ۽ هن جاءِ تي جيئن ته رڪن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان نه ٿا ٺهڪن ان ڪري انهن کي منظور نه ٿيل طور به ڏيکارجي ٿو۔۔۔۔

ساٿي
سنگتي
ٻيلي
رفيق
حال ڀائي
غمخوار
همراهه
واهرو
مددگار
ساٿ ڏيندڙ
سنگتي
دوست
همراهه
يار
شريڪ
ڀيڙو
ٻيلي
مددگار
ڀرجهلو
ارو
دوست
سنگت ڪندڙ
همدرد
صحبتي
رفيق
تعلق وارو
لاڳاپي وارو
پانڌيئڙو
مهربان
سخن ور
ڏاهو
دانشور
سينيئر ميمبر
سينيئر رڪن
مٿيئن نالن تي نظر ڦيرائجي ته لفظ ته ڀلا مليا آهن پر انهن مان ڪافي رڪنن جي ڪارڪردگي جي حساب سان ڏيڻ سان ٺهڪن ڪونه ٿا۔۔۔ ۽ جي ان حساب سان ڏسجي ته ڪجهه لفظ اڃان به ذهن ۾ آهن جهڙوڪ :
سيکڙاهٽ
وچٿرو
تجربي ڪار
هوشيار
ڪامل
ڄاڻو
مشهور
معروف
جي وري وري غور ڪجي ته سينيئر ميمبر يا رڪن تي ئي وڃي اک بيهي ٿي۔۔۔ ان جو سبب اهو آهي ته سنڌ ٻولي جي سرڪاري ادارن توڙي جاکوڙيندڙ کوڙ انگريزي لفظن جا متبادل سنڌي لفظ جوڙيا آهن ۽ نه وري انهن کي مشهور ڪيو آهي۔۔۔ خير سنگت ڪنهن ڳالهه تي نه پهچي ته اهو به ڪري سگهجي ٿو ته اهو اختيار ئي هر رڪن کي ڏئي ڇڏجي ته هو پنهنجي نالي هيٺان انتظامي لقب کان علاوه ڪهڙو به لقب رکي۔۔۔ جيئين :
اسد (مست لکي)،
عمران (درويش) لکي
خليل (ابوزين)
اسد (ابو واصف) لکي
يا وري ڪو چاهي ته پنهنجو مزاج لکي ۽ ڪو چاهي ته پاڻ کي ملنگ، صوفي، درويش، مجزوب، فقير، انٽرنيشنل فقير، وتايو، ملو، مولوي، استاد، شاگرد وغيره وغيره لکي ۽ تبديل ڪندو رهي۔۔۔
 
سيکڙاهٽ
وچٿرو
تجربي ڪار
هوشيار
ڪامل
ڄاڻو
مشهور
معروف

يار الائي ڪاڏي پيا ڦرو، ٻيا به کوڙ ڪم ڪرڻا آهن۔ هاڻ جيڪڏهن نئين رڪن کي سيکڙاٽ لکون ۽ هو ڪمپيوٽر جي علم ۾ اسان کان به ڀڙ هجي ته ان لاء اهو لفظ موزون نه رهندو۔ وري جيڪڏهن ڪو وڏو ليکڪ يا شاعر يا اديب يا دانشور ميمبر ٿئي ۽ ان لاء لفظ سيکڙاٽ لکون ته به سٺو ناهي۔

تنهنڪري اوهان پاران درجه بندي ڪيل سڀ ڪيٽيگريز بلڪل صحيح آهن سواء ان هڪ ڄاتل سڃاتل جي۔ ان جي جڳهه تي سينيئر رڪن لکو۔


New Member : On Registration
Member: 5 and above posts
Active Member: 25 and above posts
Well-Known Member: 45 and above posts

جنهن کي ترجمو ڪندي ڪجهه هن طرح لکو۔۔۔

نئون رڪن : رجسٽريشن حاصل ڪرڻ تي ۔۔۔
رجسٽرڊ رڪن : پنج يا مٿي تحريرون موڪلڻ تي۔۔۔
فعال رڪن : 25 يا مٿي تحريرون موڪلڻ تي۔۔
سينيئر رڪن: 45 يا مٿي تحريرون موڪلڻ تي۔۔
 
تنهنڪري اوهان پاران درجه بندي ڪيل سڀ ڪيٽيگريز بلڪل صحيح آهن سواء ان هڪ ڄاتل سڃاتل جي۔ ان جي جڳهه تي سينيئر رڪن لکو۔

مٿين صلاح درست آهي ان تي ئي عمل ڪري
 
دوستن جي صلاحن جي مهرباني۔۔
نئين سيٽنگ هاڻي ڪجهه هن طرح هوندي۔۔۔
نئون رڪن : رجسٽريشن حاصل ڪرڻ تي ۔۔۔
رجسٽرڊ رڪن : پنج يا مٿي ايوارڊ جون پوائنٽون حاصل ڪرڻ تي۔۔۔
جونيئر رڪن : 25 يا مٿي ايوارڊ جون پوائنٽون حاصل ڪرڻ تي۔۔
فعال رڪن : 45 يا مٿي ايوارڊ جون پوائنٽون حاصل ڪرڻ تي۔۔
سينيئر رڪن: 75 يا مٿي ايوارڊ جون پوائنٽون حاصل ڪرڻ تي۔۔
 
اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
Back
Top