• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪارو ڪاري جي باهه م سنڌ ڌرتي جو ضِلعو ۡڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ( مُصطفى آڪاش ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن )

غلام مصطفي ا

سينيئر رڪن
ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ پنجاب ۽ بلوچستان جي سرحدن تي واقع سنڌ ڌرتي جو آخري ۽ قبائلي ضلعو آهي۔ جتي رَت جي راند ۾ هر خاندان ۽ قبيلو ٻَري پيو ، رت ئي رت هر رُت ۾ وهڻ هن ضلعي جي سُڃاڻ بڻجي وئي آهي۔ سنڌ امڙ جي جهولي ۾ اک کوليندڙ نياڻين کي اڳ سَت قرآن مثل ۽ سام طور امن لا استعمال ڪيو ويندو هو۔ ويري دشمن جي نياڻي کي پنهنجي نياڻي سمجهيو ويندو هو ۔ نياڻين کي مٿي تي چادر اوڙهي دشمنن جي گهر موڪلي امن جو پيغام ڏنو ويندو هو ۔ اها سنڌ جي تهذيب، روايات سُڃاڻ هوندي هئي ، پر الائي جي ڪهڙي تهذيب نظرين سان سنڌ جي قديمي روايات کي نظر لڳائي ڇڏي جو هر طرف نياڻين ، ممتا ۾ ڀريل امڙين ، سِر گهور ويندڙ ڀينرن ۽ زندگي ڀر جو ساٿ ڏيندڙ گهروارين جي ڊِنل ڀِنل آوازن ۾ درد ڀريون آهُون۽ هِڏڪيون ٻُڌڻ ۾ اچڻ لڳيون۔ سنڌ ۾ نياڻين کي اَجهي، پاڻي زمين ۽ ٻين ناپاڪ مقصدن کي پورو ڪرڻ لا ڪاروڪاري کي هٿيار طور استعمال ڪيو ويندو آهي ۔
سنڌ جي پُرڳڻي ضلعي ڪشمور ۾ ڪاروڪاري اُوچ نيڇ ۽ هيٺائين ڏيکارڻ لا هڪ مئوثر هٿيار بڻجي چڪو آهي ۔ گذريل ڇهن چَنڊن جي چانڊوڪين دوران 72 عورتن کي ڪاروڪاري جي لعنت تي مقتول بڻايو ويو ۔ هي اهڙو هٿيار جنهن تي ڪنهن جي ٻڻڪ به نه نڪتي ، ذڪر ڪيل انگ اکر سرڪاري آهن پر جيڪي ميڊيا ۽ عوام کان اوجهيل رهيا اُهي الڳ آهن ۔
اهڙي دهشت ۽ بربريت جي باهه ۾ حدن جي پوليس ڪَک کڻي ٻيڻو نه ڪيو ، الغرض ڪنهن به قاتل کي اڄ ڏينهن تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي ۔ ڪاروڪاري ۾ معصوم عورتن جو قتل روز جو معمول بڻجي ويو آهي ، هر روز سنڌ جي نياڻين کي بي دردي سان قتل ڪري بغير غسل ۽ ڪفن جي دفنايو پيو وڃي ۽ سرڪاري ڪامورن جي ڪَنن تي جُونئن به نه چُري۔ پوليس قتل جو مُقدمو ته درج ڪري ٿي پر قاتل ئي فريادي بڻجي وڃن ٿا ، اڳتي هلي ٻئي ڌُريون عدالت اڳيان صُلح ڪري معصوم نياڻين جي رت ۾ رنگيل قاتل شَهپرن کي وَٽَ ڏئي آزاد ٿي وڃن ٿا ۔ جنهن لا قانون جي پَنن ۾ ڪا به سزا تجويز نه ٿيل آهي ۔
فساد في العرض تحت اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي ڪنهن به عدالت ڪا به سزا نه ڏني آهي۔ جيڪا ڪاروڪاري جي قانون تحت هُجي ۔ ان لا هِن قانون کي بدلڻ جي ضرورت آهي۔
ضلعي ڪشمور ۾ ڪاروڪاري غيرت جي نالي رت جي راند کي ختم ڪرڻ لا ڪيترين ئي سماج سڌارڪ تنظيمن لکين روپين جي فنڊز سان نام نهاد مُهمِون هلايون جيڪي خَبرن جي زينت ته بڻيون پر ڪو کڙ تيل نه ڪڍي سگهيون۔
ڪاروڪاري جي الزام هيٺ ايندڙ بي قصور ڌريون نام نهاد روايتن موجب جُرڳائي ڀوتارن جي ڪڍ رُلي رُلي ٿڪجي پون۽ نيٺ پنهنجي جان بچائڻ لا جُرڳائي ڀوتارن جي فيصلي تي آمنا صدقنا چون ٿيون ۔ ۽ ڳاڙهي ڌُر جنهن جا هٿ معصوم نياڻين جي خُون ۾ بڏيل هوندا آهن سي خون جي قيمت وصول ڪري غيرتي سڏرائڻ ۾ پورا هوندا آهن۔ اهڙي طرح حوا جي نياڻي جي رت اَرزان قيمت ۾ وڪرو ٿي ويندي آهي ۔
هجڻ ته ايئن گهرجي ته اهڙي مُنصفن کي قانون جي دائري ۾ سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ، پر انڌيرنگري چرٻت راج ڪري اٻوجهه ، بي پهچ ماڻهن کي چِٿڻ لا وڏيرڪي ڀوتارن جي عدالتن ۾ خون جا سودا ڪيا ويندا آهن، نياڻين جي خون صدا بَصِحرا ٿيندي آهي۔
حڪومت کي گهرجي ته سنڌ جي ضلعي ڪشمور ۾ ڪاروڪاري ، غيرت جي نالي تي رت جي راند بند ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ گذريل ڇهن مهينن ۾ اهڙي تهمت تحت قتل ڪيل 72 عورتن جي ذميدارن کي ڪڙي کا ڪڙي سزا ڏني وڃي ته جيئن اڳتي هن علائقي ڪا حوا جي نياڻي سنڌ امڙ جي نياڻي موت جو کاڄ نه بڻجي۔۔۔

غلام مصطفى آڪاش نوناري
ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن۔۔۔۔
 
سائين اوهان صحيح نشاندهي ڪئي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ جون وستيون ۽ واهڻ هاڻي غير محفوظ ٿي ويا آهن ۽ پنهنجي ئي ماڻهن جون ويساهه گهاتيون آهن۔ دوست مصطفيٰ هاڻ اسان شهرن ۾ به محفوظ ناهيون، روز وارداتون پيون ٿين ۔۔۔۔۔۔۔۔

اوهان کي جس هجي جو جو اوهان علائقي جي بد امني واريون خبرون ۽ ڪارو ڪاري رسم ذريعي نيانين جي موت واريون خبرون هن فورم ذريعي سڀني اڳيان آنديون آهن۔
 
سائين اوهين بلڪل صحيح فرمايو۔۔۔۔ هِت جيڪو ڏاڍو سوئي جِيئي سگهي ٿو۔ ادا اهي ڪڌا ڪم اڻپڙهيل جاهل نه ، پڙهيل لکيل ماڻهو ئي ڪن ٿا۔
 
Back
Top