فيسبوڪ کي ڪنهن جي نظر لڳي۔۔۔؟؟؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ عرفان ديشي طرفان آندل موضوعَ ‏5 جون 2012۔

  1. عرفان ديشي

    عرفان ديشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    212
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    ” فــــــــيــسـبـــوڪــ “

    هڪ اهڙو نالو، هڪ اهڙي ويبسائيٽ، هڪ اهڙو سوشل نيٽورڪ، انٽرنيٽ جو هڪ اهڙو نظام جنهن زندگيء جا تقريبن سمورا خواب پورا ڪيا، ٻئي ڪنهن جا ٿيا هجن يا نه پر مان پنهنجي ڳالھ ڪندس جيڪو چاهيو ٿي اهو سڀ ڪجھ هتان سکيو، نوان دوست، نوان رشتا، نيون ڳالهيون، نوان جذبا، سموري نواڻ تقريبن هن ”فيسبوڪ“ ذريعي ئي ملي.

    ڪجھ عرصو اڳ ڪي اهڙا دوست هئا جيڪي هر ڳالھ، هر مسعلي هر پريشانيء ۾ شامل هوندا ھئا،

    منهنجي زندگيء جا جيڪي به تجربا آهن اهي سڀئي فيسبوڪ مان ئي ٿيا آهن.

    هن سوشل نيٽورڪ کي ڪنهن پنهنجي فاعدي ۾ استعمال ٿي ڪيو ته ڪنهن قوم جي ڀلائي لاء

    پر ڪجھ عرصي کان هن عظيم ويبسائيٽ کي اهڙي ته نظر لڳي جو ڪجھ اڻوندڙ پوسٽن ۽ بي حياء ماڻهن جي ڪري فطنه فهلجي ويا، محبتون گھٽجي ويون ۽ نفرتن نوان رنگ لاتا.

    هونء ته آن لائين باڪس ۾ 100 کان مٿي دوست آن لائين هوندا ھئا ۽ هر ڪو پيار محبت ادا، ڀاء ڪري ڳالهائيندو هيو،

    پر ان فيسبوڪ کي الهائي ته ڪنهن جي نطر لڳي وئي آهي جو تمام پيارا دوست جيڪي نظرن کان دور ٿي ويا آهن ڪنهن به رابطي ۾ ناهن، رب سائين کان دعا آهي ته انهن پيارن دوستن کي شل سدائين پنهنجي امان ۾ رکي جتي به هجن خوش هجن

    مان دوستن کي هٿ ٻڌي عرض ڪندس هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙيون محبتون قائم ڪن جو اهي ساڳيا املھ موتي داڻا واپس اچي وڃن ۽ ساڳيون ئي محبتون قائم و دائم رهن.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    وقت جو گاڏو گڙڪندو رهي ٿو ۔۔۔ زندگي ۾ ڪيترائي دوست ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارا آيا ۽ وارو وڄائي ويا پر زندگي جو گاڏو گڙڪندو رهي ٿو ۔۔۔۔ سنڌ جو ڪم سچائي ۽ خلوص سان ڪندو رهجي بلڪل اها پرواهه ڪرڻ کان بغير ته ڪير ساٿ ڏي ٿو يا نه ۔۔۔۔ ها سٺن ۽ سچن دوستن کي پرچائي وٺجي، ڳولهجي ۽ انهن جو ساٿ ساڻ رکجي ته انسان سگهارو رهي ٿو ۔۔۔۔

    فيسبڪ جي دوستي جيئن ته 80 فيصد پائدار ناهي هوندي انڪري زندگي ۾ سٺا دوست پنهنجي آس پاس ڳولهي وٺجن ۽ انهن جي ساٿ ۾ اڳتي وڌندو رهجي ۔۔۔۔ ۽ باقي فيسبڪ جي20 فيصد دوستن کي پنهنجو ڪري وٺجي ۔۔۔۔۔ مستقل مذاجي تمام گهٽ ماڻهن ۾ ملندي آهي ۔۔۔۔

    اوهان کي دوستن لا فڪرمند ڏسي ، اوهانجي سٺي طبيعت جي خبر پوي ٿي ۔۔۔۔ منهنجي طرفان پيار ۽ سلام
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پيارا عرفان شال سدا خوش هجو

    سچ ته مان به فيسبوڪ ۽ سنڌ سلامت ذريعي ئي دوستن جو ساٿ ۽ محبتون ماڻيون پر پوء فيسبوڪ تي موجود پنهنجي ئي دوستن پاران ٺاهيل فيڪ آء ڊيز ذريعي تذليل وارو ڪم شروع ٿيو، جنهن گهڻو ڏکايو۔ اڳتي هلي گروپ بنديون ٿيون ۽ ڪنهن دوست تي گڏجي حملا ڪيا ويا، ان عمل سبب ڪجهه دوست ته پاسيرو ٿي ويهي رهيا، ڪجهه دوستن وري پنهنجي دوستي جو دائرو گهٽائي ڇڏيو ۽ ڪجهه خاموش ٿي هليا ويا۔ ڪجهه دوستن مذهبي منافرت ڦهلائي ته نفرتون وڌيون ۽ ڪجهه دوستن سياسي تنقيد جي آڙ ۾ تذليل شروع ڪئي ته به نفرتون وڌيون۔ جيڪڏهن ڪنهن دوست جو ڪنهن عمل ۾ ساٿ ڪونه ڏنوسين ته اهو به ناراض ٿي ويو۔

    اسان اڄ به فيسبوڪ تي موجود آهيون ۽ ڪيترائي دوست ميسيج ڪري پنهنجا مسئلا شيئر ڪندا آهن ۽ اسان به دوستن کان مدد وٺڻ سان گڏ سکندا رهندا آهيون۔ پر اهي سڀ سرگرميون گهڻو ڪري خاموشيء سان ۽ لڪ ۾ ٿي رهيون آهن۔ اوهان سان دوستيء جو سبب به فيسبوڪ هو ۽ اڄ به اسان اوهان سان ان ساڳي دوستي ۾ ٻڌل آهيون، اوهان ڪنهن به ڪمپيوٽر يا ڪنهن تعليمي مسئلي بابت حڪم ڪندا ڪيو اسان کي پوئتي نه ڏسندا۔

    اميد ته هي ساٿ سلامت رهندو۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عرفان ديشي

    عرفان ديشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    212
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين نثار ابڙو صاحب قبله۔۔۔

    جنهن چيز ذريعي ايتريون محبتون، شفقتون، پيار، ۽ سکيا ملي هجي ڀلا ان کي ڪير ڪيئن وساري سًگهندو۔۔۔؟؟؟
    جڏهن ڪي پنهنجا پرين پيارا ڏوُر ٿيندا آهن ته ان جو ڪيترو نه ڏُک ۽ احساس دل ۾ ٿيندو آهي، شايد اوهان کي ان ڳالھ جو تجربو هجي۔۔۔
    باقي هاڻي ايتري ڪوشش ڪبي جو، سنڌ، سنڌيت، قوميت کان علاوه ٻي ڪنهن به اڻوندڙ واقعي واري ماڻهون کي خارج ڪري ڇڏبو۔۔۔

    شال سدائين خوش هجو سائين، اسان اوهان جي ڪري ئي هتي آهيون۔۔۔۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عرفان ديشي

    عرفان ديشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    212
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    بلڪل ادا سليمان
    زندگي ۾ ڪڏهن ايڏو تصور ته ڇا پر خواب به نه ڏٺو هئو ته ڪا اهڙي ويبسائيٽ به ايندي ۽ اهڙن پيارن ماڻهن سان ڪو روح جو رشتو ۽ ڳانڍاپو ٿيندو....!!!
    خبر ناهي ته گذريل ڪجھ مهينن کان الهائي ڇا ٿي ويو فيسبوڪ کي کولنيدي ئي رُڳو سنسانيت محسوس پئي ٿئي، پنهجائپ وارو پيار ملڻ الهائي ڪاڏي گُم ٿي ويو...
    پر اميد آهي ته دوست واپس موٽي اينڊا ساڳيا محبتن مان ميلا مچندا رهندا....
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو