عرفان ديشي
سينيئر رڪن
” فــــــــيــسـبـــوڪــ “
هڪ اهڙو نالو، هڪ اهڙي ويبسائيٽ، هڪ اهڙو سوشل نيٽورڪ، انٽرنيٽ جو هڪ اهڙو نظام جنهن زندگيء جا تقريبن سمورا خواب پورا ڪيا، ٻئي ڪنهن جا ٿيا هجن يا نه پر مان پنهنجي ڳالھ ڪندس جيڪو چاهيو ٿي اهو سڀ ڪجھ هتان سکيو، نوان دوست، نوان رشتا، نيون ڳالهيون، نوان جذبا، سموري نواڻ تقريبن هن ”فيسبوڪ“ ذريعي ئي ملي.
ڪجھ عرصو اڳ ڪي اهڙا دوست هئا جيڪي هر ڳالھ، هر مسعلي هر پريشانيء ۾ شامل هوندا ھئا،
منهنجي زندگيء جا جيڪي به تجربا آهن اهي سڀئي فيسبوڪ مان ئي ٿيا آهن.
هن سوشل نيٽورڪ کي ڪنهن پنهنجي فاعدي ۾ استعمال ٿي ڪيو ته ڪنهن قوم جي ڀلائي لاء
پر ڪجھ عرصي کان هن عظيم ويبسائيٽ کي اهڙي ته نظر لڳي جو ڪجھ اڻوندڙ پوسٽن ۽ بي حياء ماڻهن جي ڪري فطنه فهلجي ويا، محبتون گھٽجي ويون ۽ نفرتن نوان رنگ لاتا.
هونء ته آن لائين باڪس ۾ 100 کان مٿي دوست آن لائين هوندا ھئا ۽ هر ڪو پيار محبت ادا، ڀاء ڪري ڳالهائيندو هيو،
پر ان فيسبوڪ کي الهائي ته ڪنهن جي نطر لڳي وئي آهي جو تمام پيارا دوست جيڪي نظرن کان دور ٿي ويا آهن ڪنهن به رابطي ۾ ناهن، رب سائين کان دعا آهي ته انهن پيارن دوستن کي شل سدائين پنهنجي امان ۾ رکي جتي به هجن خوش هجن
مان دوستن کي هٿ ٻڌي عرض ڪندس هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙيون محبتون قائم ڪن جو اهي ساڳيا املھ موتي داڻا واپس اچي وڃن ۽ ساڳيون ئي محبتون قائم و دائم رهن.