منظور ڪلهوڙو
سينيئر رڪن
سپريم ڪورٽ ٻٽي شهريت ڪيس ۾ وفاقي گهرو کاتي جي وزير رحمان ملڪ جي سينيٽ جي رڪنيت معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي ۽ جنهن سبب ان جي وزارت واري عهدي تان به فارغ ڪرڻ لا چيو ويو آهي۔ وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ برطانوي شهريت ڇڏڻ بابت اصل سرٽيفڪيٽ پيش نه ڪرڻ تي سپريم ڪورٽ حڪم جاري ڪيو آهي ته ان وقت رحمان ملڪ برطانوي شهري هو جڏهن سينيٽ رڪنيت لا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا۔آئين موجب رحمان ملڪ چونڊ وڙهڻ جي اهل نه هو۔ رحمان ملڪ کي ٻٽي شهريت ڇڏڻ جو تصديقي سرٽيفڪيٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ٿيل هئي پر هن سرٽيفڪيٽ پيش نه ڪيو۔ وڌيڪ پ پ نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جي 14 وزيرن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن۔