اڄڪله اسان جي ڳوٺ توڙي شهر ۾ اها ڳاله باه جيان پکڙجي وئي آهي ته ڳاڙهي رپئي تي هزار جو نوٽ ملي ٿو ، مونکي حيرت ته ان ڳاله تي آ ته ڪجه لالچي ماڻهن ويچارن پينو فقيرن کان ڳاڙها رپيا پنيا آهن۔ مونکي خبر نه آهي ته اهو سڀ ڪير ٿو ڏي ڪير ٿو وٺي البته هڪ ڳاله سامهون اچي وئي آهي ته خوش کان خوش ماڻهو به ان ڳاڙهي رپئي جي پويان آهن، ماڻهن جو ننڊون حرام ٿي ويون آهن۔
مون لاء ته هي نئين ۽ حيرت انگيز ڳالهه آهي۔ وڌيڪ تفصيل ڏيو ته ڪا خبر پوي۔ مون ٻڌو هو ته ڪجهه سال اڳ ٻن روپين واري سڪي لاء به ساڳي ڳالهه هلي هئي پر ان ۾ ڪا سچائي ڪانه هئي۔
سائين اهي اطلاع صحيح آهن ته 1 رپئي واري ٽامي جي سڪي پٺيان ماڻهو چريا ٿي پيا آهن، اهو سڪو هاڻي اڻ لڀ ٿي ويو آهي، انهن سڪن کي هاڻي لالچي ماڻهو 100 کان 1000 رپين ۾ به خريد ڪن پيا۔۔۔ پوءِ ان جي پٺيان ڪهڙا مقصد آهن اها مون کي به خبر ناهي، ڪالهوڪي يا ٽيون ڏينهن واري ڪاوش اخبار ۾ ان باري ۾ تفصيل پڻ موجود هيا، جنهن ۾ اهو شڪ ڏيکاريل هيو ته ٽامي مان گولي تيار ڪئي وڃي ٿي، شايد ان ڪري ٽامي وارو سڪو مارڪيٽ مان گم ڪرڻ لاءِ اهڙا افواهه اٿاريل آهن
ها ادا اها ڳالهه اسان پڻ ٻڌي سين ته هڪ رپيه وارو سڪو 1000 تائين سونارا وٺن ٿا اهي سون ۾ ڦيٽ ملائڻ جي ڪم ۾ آڻن ٿا، پر جڏهن اها ڳالهه سامهو آئي ته منهنجي هڪ ڄاتل سڃاتل سونارو جيڪو ڪراچي ۾ بهترين مرڪز تي سون جو وڪرو ڪندو آهي انکان معلوم ڪيم ته ان چيو بابا سڄو ڪوڙ آهي، ڪا صداقت نه آهي ان ڳالهه ۾، ۽ وڌيڪ هڪ دوست جيڪو اسٽيٽ بينڪ ۾ ملازم آهي انکان به معلوم ڪيو سين ته ان چيو اسان وٽ اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي نه ئي اسان وٽ اهي سڪا آهن، گهڻو وقت ٿيو آهي جو گورنمينٽ ان تي بندش وجهي ڇڏي آهي، پر هاڻ خبر نه آهي ان ڳالهه جو اصل مقصد ڪهڙو آهي، پر جيترا وات اوتريون ڳالهيون۔۔باقي اهڙي ڪا به ڳالهه هن وقت سامهو نه آئي آهي ته ڪير ٿو وٺي اهي سڪا ۽ ان جي بدلي ڪير ٿو 1000 رپيه ڏي۔۔
سا سائين منهنجي ڪنهن دوست چيو ته 150 سڪا ڏي ته سي ڊي 70 ڏيائين ، ۽ بابا سائين کي به هڪ دوست چيو ته 1 سڪو ڏي ته 1000 رپيه ڏيائين ، سائين الله سائين بچائي اهڙين لالچن کان۔
پو منهنجا ڀا توهان ته سي ڊي 70 وٺوس ها باقي اهو ڄاڻي ان جو ڪم، توهان انکان معلوم ته ڪيو ها ته ڪهڙي ڪم آڻيندو اهي سڪا۔
ادا واقعي ۾ اهڙيون افواهون اسان وٽ به هلي رهيون آهن ۽ اسان جي پاڙي وارن کي پيسا مليا به آهن هڪ کي 7 رپين جي بدلي 3000 رپيا مليا آهن۔
سائين خبر ناهي ته الائي ڇو اهڙيون افواهون ٿيون هلن جو ويچارن ماڻهن جي دماغن کي ئي گهمائي ٿا ڇڏن.... مون کان به هڪ دوست معلوم ڪيو ته هڪ رُپئي جي عيوض بينڪ وارا هڪ سئو رپيه ٿا ڏين..... مون کان ٽهڪ نڪري ويو..... سو ادا سائين اهڙن افواهن تي اٻوجهه ماڻهو پريشان ٿا ٿي وڃن جو ائين نه ٿيڻ گهرجي.......
آچر واري ڏينهن ڳوٺان ڪراچي پئي آيس ته ماسات مرتضيٰ فون ڪري چيو ته تو وٽ روپئي وارا سڪا آهن جيڪي اڳي هلندا هئا، ٽامي جا؟ مون چيو نه ڀا مون وٽ ته ناهن ۽ حيرت به ٿي ته ڇو ٿو پُڇي پر خبر پئي ته اهي سڪا سٺي رقمن ۾ وڪامن پيا سو ماڻهو هڻ وٺ ۾ آهن، ٻي ڏينهن يونس ملڪاڻي به ڳالهه ڪئي ته اهي سڪا ملڪاڻي ۾ به دلچسپي جو مرڪز ٿي پيا آهن، هڪ همراهه وٽ ته 5000 روپئي جا سڪا پيا آهن، مون کي به پهريان ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي پر هاڻي اندازو آهي ته اهو ڪو مخصوص گروهه آهي جيڪو اهو ڪم ڪري پيو، پهرين اهي سڪا مارڪيٽ مان 50 کان 100 روپئي ۾ ورتا ويا آهن ته جيئن ماڻهن ۾ انهن سڪن جي اهميت وڌي، انهي کان پوءِ جڏهن ريٽ وڃي 1000 تي پهتو ته انهن اهي سڪا وڪڻڻ شروع ڪيا هوندا، مون کي پڪ آهي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ اهي چالاڪ ماڻهو گُم ٿي ويندا ۽ لالچ ۾ اچي سادا سڀاجهڙا ماڻهو رڳو اهو ويٺا چوندا ته هاءِ گهوڙا مون هزارين روپين ۾ هيترا سڪا ورتا جيڪي هاڻ ڪنهن به ڪم جا ناهن
ادا عبدالحفيظ لغاري صاحب توهان بلڪل صحي فرمايو آهي ۽ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ لڳي ٿو ته اهي فراڊي ماڻهو ويچارن سٻاجهڙن کي لُٽي ۽ ڦُري غائب ٿي ويندا ڄڻ هيا ئي ڪي نه.......