آچر واري ڏينهن ڳوٺان ڪراچي پئي آيس ته ماسات مرتضيٰ فون ڪري چيو ته تو وٽ روپئي وارا سڪا آهن جيڪي اڳي هلندا هئا، ٽامي جا؟ مون چيو نه ڀا مون وٽ ته ناهن ۽ حيرت به ٿي ته ڇو ٿو پُڇي پر خبر پئي ته اهي سڪا سٺي رقمن ۾ وڪامن پيا سو ماڻهو هڻ وٺ ۾ آهن،
ٻي ڏينهن يونس ملڪاڻي به ڳالهه ڪئي ته اهي سڪا ملڪاڻي ۾ به دلچسپي جو مرڪز ٿي پيا آهن، هڪ همراهه وٽ ته 5000 روپئي جا سڪا پيا آهن، مون کي به پهريان ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي پر هاڻي اندازو آهي ته اهو ڪو مخصوص گروهه آهي جيڪو اهو ڪم ڪري پيو، پهرين اهي سڪا مارڪيٽ مان 50 کان 100 روپئي ۾ ورتا ويا آهن ته جيئن ماڻهن ۾ انهن سڪن جي اهميت وڌي، انهي کان پوءِ جڏهن ريٽ وڃي 1000 تي پهتو ته انهن اهي سڪا وڪڻڻ شروع ڪيا هوندا، مون کي پڪ آهي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ اهي چالاڪ ماڻهو گُم ٿي ويندا ۽ لالچ ۾ اچي سادا سڀاجهڙا ماڻهو رڳو اهو ويٺا چوندا ته هاءِ گهوڙا مون هزارين روپين ۾ هيترا سڪا ورتا جيڪي هاڻ ڪنهن به ڪم جا ناهن