انٽرنيٽ جتي اڄڪله هر گهر جي ضرورت بنجي وئي آهي، اتي هڪ خطرناڪ روپ به وٺي وئي آهي، اڄڪله انٽرنيٽ تي تقريبا هر ڪتاب موجو آهي اڄ جو نوجوان هٿ ۾ڪتاب رکي پڙهڻ کي اولڊ فيشن سمجهي ٿو ، جيسيتائين ماڻهو نيٽ نه ٿو هلائي ان کي ماني ڪانٿي وڻي، انٽرنيٽ اسان کي جتي سنڌ سلامت ۽ ان جهڙآ فورم مهيا ڪيا آهن ، اتي غلط ويبسائيٽس عام ماڻهو کي بگاڙڻ ۾ گهٽ ناهي ڪئي ، شاگرد هر ڳاله نيٽ تي سرچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ، جيڪا ان کي ملي ته ويندي آهي پر اها عارضي طور ان کي ڪم ڏيندي آهي، اگر ڏٺو وڃي ته جيڪي شاگرد نيٽ تي پڙهن ٿا انهن جي مواد حاصل ڪرڻ جي صلاحيت گهٽ هجي بنسبت ٻين جي۔ اگر سروي ڪئي وڃي ته انٽرنيٽ تي 60 کان 70 سيڪڙو ماڻهو فحش ويبسائيٽس جي تلاش ۾ رهي ٿو، جيڪو ان کي ذهني مريض بنايو ڇڏيندي آهي ، اگر اسان چاهيون ته انٽرنيٽ جي ذريعي ماحول کي سڌاري به سگهون ٿا، پر اسان ائين نه ٿا ڪيون اگر ڪو دوست فيسبڪ استعمال ڪندو آهي ته ان تي رڳو گانا تصويرون ويٺو شيئر ڪندو آهي، جيڪو وقت جو زيان به آهي، ڪجه اهڙا دوست به هوندا آهن جيڪي رڳو ويٺا مذهب جي ڇيڙ ڇاڙ ڪندا آهن خاص ڪري اسلام، رڳو ڏسندو ته اسلام جي خلاف ويٺا بڪ بڪ ڪندا آهن آخر ۾ اهو چوندس ته پنهجو وقت فضول نه وڃايو ، اگر نيٽ هلايو ٿا ان تي ڪا سٺي ڳاله ونڊ ڪيو ڪا سٺي ڳاله حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو
منهنجا دوست توهان تمام سٺي ڳالهه ونڊ ڪئي آهي وقت جي گهرج موجب اها ڳالهه درست آهي، پر منهنجا ڀا اهو ته ان ماڻهو تي لاڳو ٿو ٿئي ته اهو انٽرنيٽ کي ڪهڙي ريت ۽ ڪهڙي مقصد لا استعمال ٿو آڻي، هر ماڻهو هر ڪنهن سان ڳنڍيل نه آهي، اهو اڪيلائي ۾ ويهي ڪهڙي مقصد لا انٽرنيٽ استعمال ٿو ڪري اهو پاڻ ئي بهتر ڄاڻندو هوندو، ها باقي گهر ۾ جيڪڏهن اها سهولت موجود آهي ته سلجهيل ماحول برقرار رکجي ۽ ان تي نظر داري رکجي ته جئين ان جو استعمال ڪارائتو ٿئي نه ڪي نقصان ڪار۔ باقي هر ان سلجهيل ماڻهو تي فرض آهي ته اهي انٽيرنيٽ تي هر مهل سهڻي ۽ سٺي معلومات لا۽ ڳولا ڪندا رهن جئين به جنهن سائيٽ تي ڪا ڪارائتي معلومات ملي ته اها وڌ کان وڌ شيئر ڪري ۽ موبائيل ميسيج وسيلي ان سايٽ بابت ڄاڻ عام دوستن ماڻهن تائين پهچائجي۔
الله پاڪ کان دعا آهي ته شال مالڪ سائين هر ماڻهون کي صحيح انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين
دوستو ڳالهه هي آهي ته رب العالمين اسان لاء جو ڪجهه خلقيو آهي انهيء ۾ نفعو به آهي ته نقصان به آهي، هاڻي اهو اسان تي منحصر آهي ته اسين سُٺي ۽ خراب شئي کي پاڻ پرکيون ۽ انهيء مان فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.... باقي رهيو سوال ننڍن ٻارن جو ته انهيء لاء والدين تي لازم آهي ته هو پنهنجن ٻارن تي نظر رکن ۽ انهن کي سُٺو سهڻو درس ڏين.......
محترم سائين عبدالعزيز سمون صاحب سلام سنڌ سلامت جي شروعات ڪندي اسان جو اهوئي عزم هو ته سنڌي ٻولي جي انٽرنيٽ تي ترقي ٿئي۔ ڪوشش ڪندا آهيون ته معلوماتي، جديد، ادبي ۽ اهڙا ليک ونڊ ڪجن جيڪي اسان جون ضرورتون آهن۔ سچ پڇو ته مذهبي منافرت ۽ سياسي رساڪشي سواء دوستن جي رسڻ جي ڪجهه ڪانه ٿي ڏئي سگهي۔ هميشهه اهڙا اسلامي ليک وند ڪجن جيڪي معلوماتي هجن ۽ اسان جي زندگي سنوارين۔ ڪوشش ڪجي ته دوستن کي پيار ، خوشيون ۽ مرڪون ڏجن ۔۔۔۔۔۔۔ اوهان جي سهڻي سوچ تي اوهان کي سلام هجي ۔۔۔۔ محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو انهيء جي ويڙهي پاڻ ئي ايندو بادشاهه