عبدالعزيز سمون
سينيئر رڪن
انٽرنيٽ جتي اڄڪله هر گهر جي ضرورت بنجي وئي آهي، اتي هڪ خطرناڪ روپ به وٺي وئي آهي، اڄڪله انٽرنيٽ تي تقريبا هر ڪتاب موجو آهي اڄ جو نوجوان هٿ ۾ڪتاب رکي پڙهڻ کي اولڊ فيشن سمجهي ٿو ، جيسيتائين ماڻهو نيٽ نه ٿو هلائي ان کي ماني ڪانٿي وڻي، انٽرنيٽ اسان کي جتي سنڌ سلامت ۽ ان جهڙآ فورم مهيا ڪيا آهن ، اتي غلط ويبسائيٽس عام ماڻهو کي بگاڙڻ ۾ گهٽ ناهي ڪئي ، شاگرد هر ڳاله نيٽ تي سرچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ، جيڪا ان کي ملي ته ويندي آهي پر اها عارضي طور ان کي ڪم ڏيندي آهي، اگر ڏٺو وڃي ته جيڪي شاگرد نيٽ تي پڙهن ٿا انهن جي مواد حاصل ڪرڻ جي صلاحيت گهٽ هجي بنسبت ٻين جي۔
اگر سروي ڪئي وڃي ته انٽرنيٽ تي 60 کان 70 سيڪڙو ماڻهو فحش ويبسائيٽس جي تلاش ۾ رهي ٿو،
جيڪو ان کي ذهني مريض بنايو ڇڏيندي آهي ،
اگر اسان چاهيون ته انٽرنيٽ جي ذريعي ماحول کي سڌاري به سگهون ٿا، پر اسان ائين نه ٿا ڪيون اگر ڪو دوست فيسبڪ استعمال ڪندو آهي ته ان تي رڳو گانا تصويرون ويٺو شيئر ڪندو آهي، جيڪو وقت جو زيان به آهي، ڪجه اهڙا دوست به هوندا آهن جيڪي رڳو ويٺا مذهب جي ڇيڙ ڇاڙ ڪندا آهن خاص ڪري اسلام، رڳو ڏسندو ته اسلام جي خلاف ويٺا بڪ بڪ ڪندا آهن
آخر ۾ اهو چوندس ته پنهجو وقت فضول نه وڃايو ، اگر نيٽ هلايو ٿا ان تي ڪا سٺي ڳاله ونڊ ڪيو ڪا سٺي ڳاله حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو