عبدالرحيم
سينيئر رڪن


ڪراچي (بيورو رپورٽ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان هڪ رپئي ۽ 2 رپين جي سڪن ۾ سون جا ذرڙا هئڻ وارن افواهن جي سختيءَ سان ترديد ڪندي هن کي بي بنياد گمراهه ڪندڙ ۽ حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏنو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي ترجمان سيد وسيم الدين پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ رپئي ۽ ٻن رپين جي ٽامي جي سڪن جي مٽاسٽا واري قيمت انهن سڪن جي اصلي ماليت (فيس ويليو) جي برابر ئي رهندي. انهن سڪن ۾ سون جي ذرڙن واريون ڳالهيون عوام کي گمراهه ڪندڙ آهن جنهن ۾ ڪابه سچائي ناهي. هن عوام کي مشورو ڏنو آهي ته اهي هڪ رپئي ۽ 2 رپين جا سڪا واڌو اگهه تي خريد ۽ وڪرو نه ڪن.
ذريعو روزاني ڪاوش