• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ رپئي ۽ 2 رپين جا سڪا واڌو اگهه تي وڪرو ۽ خريد نه ڪيا وڃن: اسٽيٽ بئنڪ

عبدالرحيم

سينيئر رڪن
1319901972-120pakistan20rupee20coin.jpg
250760285_7e60181daf_m.jpg

ڪراچي (بيورو رپورٽ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان هڪ رپئي ۽ 2 رپين جي سڪن ۾ سون جا ذرڙا هئڻ وارن افواهن جي سختيءَ سان ترديد ڪندي هن کي بي بنياد گمراهه ڪندڙ ۽ حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏنو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي ترجمان سيد وسيم الدين پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ رپئي ۽ ٻن رپين جي ٽامي جي سڪن جي مٽاسٽا واري قيمت انهن سڪن جي اصلي ماليت (فيس ويليو) جي برابر ئي رهندي. انهن سڪن ۾ سون جي ذرڙن واريون ڳالهيون عوام کي گمراهه ڪندڙ آهن جنهن ۾ ڪابه سچائي ناهي. هن عوام کي مشورو ڏنو آهي ته اهي هڪ رپئي ۽ 2 رپين جا سڪا واڌو اگهه تي خريد ۽ وڪرو نه ڪن.

ذريعو روزاني ڪاوش
 
اسٽيٽ بينڪ اها وضاحت انتهائي وقتائتي ڪئي آهي، ڇوته خاص طور تي ٻهراڙين ۾ اهڙين افواهن زور ورتو هو ته هڪ رپئر جو سڪو 300 روپين ۾ وڪامجي رهيوآهي، جنهن بعد هر ڪو ماڻهو اهو سڪو وڏي مُلهه سان خريد ڪري رهيو هو، پر انهي وضاحت سان واضع ٿي ويو ته سڪن جو ساڳيو ملهه آهي۔
 
ماڻهن کي گمراه ڪندڙ ڪوڙي خبر جو آخر ڀانڊو ڦاٽي پيو۔۔۔۔۔۔۔عبدالرحيم صاحب سنڌ سلامت تي ونڊُ ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔۔
 
Back
Top